تاريخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي ۽ ثابت ڪندي رهي آهي ته حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريندڙ، جدوجهد ڪندڙ کي طاقت ۽ هٿيارن سان مارڻ سان ڪڏهن به حق ۽ سچ جو آواز بند ناهي ٿيندو. شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڪيس ۾ به تاريخ اهو ئي ثابت ڪري رهي آهي. جنهن حق ۽ سچ جو آواز اٿارڻ تي شهيد نصر الله گڏاڻي کي جسماني طور ختم ڪيو ويو سو آواز ساڳي شدت سان اڄ سندس امڙ پٺاڻي خاتون نه رڳو اٿاري رهي آهي پر پنهنجي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هلندڙ تحريڪ جي اڳواڻي به ڪري رهي آهي يعني شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڀوتارن خلاف اٿاريل آواز پوءِ به بند نه ٿي سگهيو آهي پر اهو آواز اڄ سڄي سنڌ جي عوام جو آواز بڻجي ويو آهي.
هاڻي شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد جي امڙ تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي. رپورٽن موجب ميرپورماٿيلو ۾ ٻئي ڏينهن به شهيد جي امڙ جي سڏ تي ڌرڻو ڏنو ويو. ان ڌرڻي ۾ اهو وچن ڪيو ويو ته جڊيشل ڪميشن جڙڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن رپورٽن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي ٽن ڏينهن جي مهلت گهري جڏهن ته امڙ پٺاڻيءَ چيو ته مون کيس ٽن ڏينهن بدران پنجن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي ته قاتلن وائکا ڪري گرفتار ڪر ٻي صورت ۾ ساڳي جڳهه تي وري ڌرڻو ڏنو ويندو. مائي پٺاڻي جي اها تحريڪ ان ڏينهن کان شروع ٿي هئي. جنهن ڏينهن هن پنهنجي شهيد پٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.
شهيد نصر الله گڏاڻي جيئن ته ڀوتارڪي نطام جي خلاف آواز اٿاريو هو، سنڌ ۽ سنڌي عام جي حقن لاءِ پتوڙيو هو، کلئي عام ۽ بي باڪ ٿي صاف ۽ چٽو ٿي ڳالهايو هو ۽ عوام کي سجاڳ ٿيڻ ۽ همت ڏيکارڻ جي ويڊيوز ٺاهي وائرل ڪندو هو تنهن ڪري به هن جي سوشل ميڊيا تي ساک ٺهيل هئي پوءِ جڏهن هو شهيد ٿيو ته سڄي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻجي ويو. ڇاڪاڻ ته هو عوام جو ماڻهو هو عوام ۾ رهيو ۽ عوام جي حقن جو آواز اٿاريندو رهيو. مافيائن کي وائکو ڪندو رهيو تنهن ڪري قومي هيرو بڻجي ويو.
اها به تمام سٺي ۽ همٿائيندڙ ڳالهه آهي ته نه رڳو عوامي آواز ميڊيا گروپ، نه رڳو سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پر مُلڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به شهيد نصرالله گڏاڻي جي شهادت جو سخت ترين نوٽيس ورتو. ان سان گڏ اسان سنڌ جي قومپرست جماعتن جا به ٿورائتا آهيون جيڪي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاج جو حصو بڻيون آهن ۽ ڇو نه بڻجن نصر الله گڏاڻي جي جدوجهد جو محور سنڌ هئي. هن سنڌ جي هر اشو تي آواز اٿاريو هو. سنڌ جي زمينن، ٻيٽن، وسيلن تي قبضن جو معاملو هجي، ڌاڙيلن جو راڄ هجي، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو معاملو هجي، سنڌ جي پاڻيءَ جو اشو هجي، زراعت جي تباهي جو مسئلو هجي، تعليم ۽ صحت جا معاملا هجن نصر الله گڏاڻي به سراپا احتجاج بڻيل رهيو. سو نصرالله گڏاڻي جي جهدوجهد جيئن ته مجموعي طور تي سنڌ جي مفاد ۾ هئي ۽ خاص ڪري سندس ٽارگيٽ ڀوتارڪو نظام هو تنهن ڪري هو عوامي اثاثو بڻجي ويو آهي ۽ اڄ نصرالله گڏاڻي ڀوتارڪي نظام جي خلاف مزاحمت جو طاقتور نشاني بڻجي چڪو آهي.
اها به خوشي، اطمينان ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ پنهنجي پٽ جي مزاحمتي ورثي کي سنڀالڻ جو وچن ڪيو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ پنهنجي بهادر پٽ جي قاتلن کي نشانو بڻايو آهي. جيڪڏهن پٺاڻي خاتون جي جدوجهد ايئن ثابت قدمي سان جاري رهي ۽ سنڌي عوام، سنڌي ميڊيا ۽ سياسي جماعتن سندس ايئن ئي ساٿ ڏنو ته اسان کي اميد آهي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ جي هيءَ تحريڪ شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي شهيد جو پلاند وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ۽ اميد آهي ته اها ڪاميابي ڀوتارڪي نظام کي پڻ اڳتي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندي.
-
”لوڊ شيڊنگ خلاف هي احتجاج سول نافرماني ڏانهن وڃي سگهن ٿا“
اها تمام سرهائي جي ڳالهه آهي ته ٽيون ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پ پ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو وقتائتو عوامي اشور اٿاري عوام جي احتجاجن جي نمائندگي ڪئي آهي. عوام ته روڊن تي احتجاج ڪري سگهي ٿو ۽ ڪندو رهيو آهي جڏهن ته عوام جي نمائندن کي وري ساڳي شدت سان حڪومتي ايوانن ۾ آواز اٿارڻ گهرجي ۽ جيستائين اهو مسئلو حل نه ٿئي تيستائين پارليامينٽ اندر به بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. ان ڏس ۾ رپورٽون آهن ته ٽيون ڏينهن قومي اسيمبلي واري اجلاس ۾ پ پ ميمبرن سنڌ ۾ ويهه ويهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو معاملو اٿاريو. ايئن ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران اوور بلنگ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي نبيل گبول پڻ چيو ته ڪراچي ڪربلا بڻيل آهي ۽ معاملو سول نافرماني ڏانهن وڃي رهيو آهي.
اسان کي پاڻ اهو ڏسي اچرج ٿيندو آهي ته ڪنهن به حڪومت جو آخر ان پاسي ڌيان ڇو نه ٿو وڃي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خلاف ٿيندڙ هي عوامي احتجاج، ڪاوڙ، ڪروڌ سول نافرماني ڏانهن وڃي سگهي ٿو. حڪومتن کي ان ڳالهه جو آخر ڪو انديشو ۽ خدشو ڇو ناهي ٿيندو. اهڙي قسم جي خطري جو خوف ڇو ناهي ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته اها حڪمرانن جي ناسمجهي ۽ دور انديشي نه هئڻ جو نتيجو آهي. اصولي طور تي حڪمرانن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف وڌندڙ احتجاجن تي پريشان به ٿيڻ گهرجي ۽ سنجيده به ته اهي احتجاج معمول جو وهنوار کي سدائين متاثر ڪندا آهن تنهن ڪري ان کان اڳ جو اهي احتجاج سول نافرماني جي شڪل اختيار ڪن، سا نوبت اچڻ کان اڳ ئي ان معاملي کي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي جنهن جي قومي اسيمبلي ۾ پڻ هاڻي نشاندهي ڪئي وئي آهي يعني اقتداري ايوانن ۾اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي ان معاملي کي سنجيده ورتو وڃي.
حڪومت کي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن شديد گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جو عوام کي پيڪيج ملي سگهي ۽ ايئن سخت ترين سياري جي موسم ۾ وري گيس لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ جو پيڪيج ڏنو وڃي پر هتي وري جيڏي موتمار گرمي جي موسم هوندي ته اوتري وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي ۽ جيڏي سخت سياري جي موسم هوندي ته گيس جي لوڊشيڊنگ وڌائي ويندي.
ان پاليسي جو سبب ڪهڙو به هجي اها عوام دشمن آهي ۽ ان جي ذميوار حڪومت آهي. جنهن انهن بيحد اهم اشوز کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي. پر اهو طئي آهي ته موجوده بحراني حالتن سان گهڻو وقت نٿو هلي سگهجي. عوام جو صبر لبريز ٿي چڪو آهي. حڪمرانن کي گذارش آهي ته عوام جي احتجاجن، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انهن جو مسئلو حل ڪن نه ته پوءِ حالتون واقعي به سول نافرماني ڏانهن ئي ويندي نظر اچن ٿيون.