عورتن جي ڌار ادبي سنگت وارو معاملو: ورهاست بجاءِ ايڪو قائم ڪجي

تحرير: ڪيلاش

سنڌ ۾ عورتن پاران سنڌي ادبي شاخ برپا ڪرڻ کانپوءِ جيڪو اختلاف راءِ اڀريو آهي تنهن تي هر باشعور ماڻهوءَ کي سوچڻ ۽ عام راءِ جوڙڻ/هڪ ڪرو سماجي رويو ٺاهڻ ۾ بهرو وٺڻ کپي ته جيئن سنڌ جي ٽڪرا ٿيل ۽ ڇروڇڙ سماج کي هڪ مٺ ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي. ان لاءِ هيل تائين سامهون آيل خيالن موجب هڪ پاسي غوث پيرزادي ۽ ان جي هم خيال دوستن، پاران آيل ترقي پسند موقف آهي جيڪو پنهنجي سخت گير انداز جي باوجود رد نٿو سگهجي ٻئي پاسي سانئڻ فهيمده حسين ۽ سٿ جو لبرل سماجي رويو آهي جنهن وٽ عورت مرد وچ ۾ صنفي تفاوت ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري پدرشاهي سماج ۾ عورت لاءِ پنهنجي مرضيءَ ۽ سهولت خاطر ڪجهه اسپيس قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو اختيار استعمال ڪرڻ واري حق ۾ مثبت وڪالت آهي.

انهن ٻنهي خيالن کي رد ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ وري انور پيرزادي پاران ٻلهڙيجي ۾ ستر جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي سنڌي ادبي سنگت جي قيام کي مثال طور بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا ان سنگت کي رهنما اصول سمجهي پوئيواري ڪجي. يا وري نندا ڪجي، انهيءَ اختلافِ راءِ ۾ ڪنهن به ڌر کي بنهه رد ڪري نٿو سگهجي انهن وٽ پنهنجي موقف لاءِ سگهارا دليل ۽ سماج ۾ عورت جي ڪردار جي فعاليت جو الڪو ۽ حقيقي چاهه آهي پر منهنجي نظر ۾ هو سنڌي سماج جي هن وقت ۽ حالتن ۾ مجموعي بيهڪ کي صحيح انداز ۾ تجزيو نٿا ڪن. هو فقط سماج جي ظاهر ڏيک ويک کي ڏسي فيصلو ٿا ڪن. غوث پيرزادو سمجهي ٿو ته ڪراچيءَ جهڙي تجارتي شهر ۾ جتي عورتون ۽ مرد گڏ ڪم ڪن ٿا ۽ ملڻ جلڻ جا موقعا به ميسر آهن ته اتي الڳ تنظيمن جي ڪهڙي ضرورت آهي هو اهو نٿو سمجهي ته ڪراچيءَ تي سياسي، سماجي ۽ ذهني طور مذهب ۽ رجعت پسنديءَ واري سوچ جو غلبو آهي، ان جو مثال ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا، ادبي ماحول ۽ سماجي اخلاقيات جو معيار آهي جنهن ۾ تجارتي معيشت جي ضرورت موجب عورت کي گهر کان ڪڍي سيلز گرلز ۽ آن لائين واپار لاءِ ڪم ايندڙ نوڪرين لاءِ مردن سان گڏ هجڻ جي آجيان ڪجي ٿي پر پارڪ ۽ سمنڊ ڪناري هڪ ٻئي سان ملڻ جي آزادي ڪونهي. ادي فهميده ڪراچيءَ جي ان واپاري ۽ وچولي طبقي جي ڊانوان ڊول ذهني شعور ۾ ٽڪراءَ کانسواءِ ڀلائي واري خيال جي اثر هيٺ ايندي ان ڳالهه کي نظر انداز ٿي ڪري ته دانشور وقت ۽ زماني موجب حڪمت عملي نه جوڙيندا آهن پر اهي زماني ۾ موجود ٻين ترقي يافته سماجن جي خيالن کان سکندا ۽ پنهنجي سماج ۾ انهن کي رد طور استعمال ڪندي عملي جامو پارائيندا آهن.

هاڻي اچون ٿا ٻلهڙيجيءَ جي سنگت واري مثال تي! منهنجي نظر ۾ ان جو جائزو اسانکي  سمجهائي سگهندو ته وقت ۽ سماج جي صحيح تجزيي بنا اسان فقط هڪ ٻئي کي رد ڪري سگهون ٿا ڇو ته طبقاتي سماج ۾ هر سطح تي تضاد موجود هوندا آهن ۽ انهن جي سببن جا طرفدار ڪوڙا نه هوندا آهن. پر ڏاهپ جي گهرج اها هوندي آهي ته انهن تضادن کي ويڙهاند ۾ بدلجڻ کان  روڪجي ۽ انهن پويان مفاد پرستن جي چالاڪين کي وائکو ڪري متاثره طبقي ۾ اتحاد جي طاقت وڌائجي جيئن بحث دوران سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي سماج جي مختلف دورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هر ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڦيري سنگت جي ڪردار ۽ حڪمت عمليءَ تي اثر ڪيو آهي. ان مطابق ڪڏهن چٽو ترقي پسند موقف رکي جدوجهد ڪئي وئي ته ڪڏهن وري تعليمي ادارن ۾ لطيف ڏهاڙا ملهائڻ واري حڪمت عملي.

سماج جي هلچل ۾ وچولي طبقي جو ڪردار اهم هوندو آهي ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ٺهڻ سان سنڌ جو شعور رکندڙ وچولو طبقو هندستان لڏي ويو ۽ مسلمان سنڌي ننڌڻڪا پورهيت يا مفاد پرست پيرن ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي رهجي ويا(جيڪي اڄ تائين سندن استحصال جاري رکيو ويٺا آهن) سٺ کان ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وچولي طبقي ادبي سنگت وسيلي سماج ۽ سياسي شعور اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ ذوالفقار علي  ڀٽي ان وچولي طبقي کي لالچ ۽ سزائن وسيلي ختم ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو جنهن سنڌي ادبي سنگت کي به هينگ اوور واري ڪيفيت ڏني.

سنڌي ادبي سنگت جي ٻلهڙيجي شاخ سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج جي ننڍي ڳوٺ ۾ عورتن جي شعور کي مردن سان ڳنڍڻ لاءِ عام سماجي رويي کي ضد ۾ آڻڻ کانسواءِ بدلائڻ جي ڪوشش هئي جنهن ۾ عورتن ذريعي عورت انقلاب جي حڪمت عملي وسيلي انور پيرزادي پاران رهنمائي ۽ شعوري سعيو ڪيو ويو هو جيڪو اوستائين هليو جيستائين اهو عمل مردن جي هلچل سان واڳيل رهيو. ياد رهي ته اها هڪ شعوري وقتي حڪمت عملي هئي نه ڪي ترقي پسنديءَ جو نظرياتي فيصلو. (ان فرق کي سمجهڻ ضروري آهي) هاڻي اچون ٿا ته آخر صحيح ڇا آهي ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورتن وسيلي سماج جي ورهاست وارو عمل نندڻ جوڳو آهي ۽ انکي رجعت پسندن پاران استعمال ٿيڻ نه ڏجي ۽ ساڳي وقت دنيا ۾ پوئتي پيل سماجن ۾ عورت تنظيمن جا مثال ڏئي. انهن کي جسٽيفاءِ ڪرڻ به مناسب ناهي پر اسانکي ترقي پسند نظريي جي ڪتابي ڳالهين بجاءِ سماج جو حقيقي تجزيو ڪري اهو ڏسڻو پوندو ته هن وقت سنڌ ۾ وچولي طبقي، تعليمي معيار، معاشي سرگرمين ۽ پيداواري رشتن جو ڪهڙو حال آهي. سياسي سگهه ۾ ادبي سنگت ڪٿي بيٺل آهي. انهيءَ حقيقت کي سامهون رکي اسان کي ٻلهڙيجي ۾ انور پاران قائل ڪيل حڪمت عملي موجب عورتن واري شاخ کي ضد ۾ آڻي پري ڪرڻ بجاءِ ترقي پسند خيالن جي ترويج جو پليٽ فارم بڻائجي ۽ ورهاست بجاءِ ايڪو قائم ڪجي. بلوچستان جي عورتن کان سکڻ گهرجي جيڪي هن مهل قومي تحريڪ جي  سهپ سڄاڻائپ ۽ بهادريءَ سان نگهباني ڪري رهيون آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.