بحران جو خدشو ٽري ويو، پيٽرول سان ڀريل 4 جهازن جي بن قاسم آمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پورٽ قاسم تي پيٽرول سان ڀريل 4 جهاز پهچي ويا.
پورٽ اختيارين موجب تقريبن 25 ڪروڙ ليٽر پيٽرول سان ڀريل جهاز پورٽ قاسم پهتا آهن ۽ هڪ جهاز مان 37 هزار ٽن پيٽرول جي منتقلي مڪمل ڪئي وئي آهي.
اختيارين چيو ته هڪ ٻئي جهاز مان 50 هزار ٽن پيٽرول جي پهچ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته 55 هزار ٽن پيٽرول کڻي ايندڙ هڪ ٻيو جهاز 12 مارچ تي پوسٽ قاسم پهچندو.
اختيارين موجب 13 مارچ تي به هڪ جهاز پهچندو، جيڪو تقريبن 34 هزار ٽن پيٽرول لاهيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.