رمضان جو آخري ڏهاڪو، ڪروڙين مسلمان اعتڪاف ۾ ويهي رهيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هر سال جيان هن سال به رمضان المبارڪ ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪروڙين مسلمان اعتڪاف ۾ ويهي رهيا.
سڄي ملڪ جي هزارين مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ ويهندڙن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته عورتون گهرن ۾ اعتڪاف ۾ ويٺيون.
رمضان المبارڪ جي آخري 10 ڏهاڙن ۾ اعتڪاف ۾ ويهندڙ مسلمان ڀائر ۽ ڀينرون عاجزي سان عبادت ڪندا آهن ۽ ڌڻي در ڇوٽڪاري لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.