تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آهن، عرب ميڊيا موجب مجموعي طور تي هيل تائين ايران ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.
ايراني ميڊيا موجب خمين شهر ۾ آمريڪي ميزائل حملي ۾ ڊاڪٽر حافظ خميني اسڪول کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سان ويجهي رهائشي گهرن کي به نقصان پهتو.
تهران ۾ رات جي وقت سخت بمباري ڪئي وئي، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه علائقن ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، تهران جي رسالت اسڪوائر ڀرسان حملن ۾ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
هوڏانهن پاسداران انقلاب جوابي ڪارروائين ۾ 33هين لهر تحت وڌيڪ ميزائل حملا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڳتي هڪ ٽن يا ان کان وڌيڪ وزن جا ڳرا ميزائل استعمال ڪيا ويندا.
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 1300 کان وڌيڪ ايراني شهيد، پاسداران انقلاب پاران ڳرا ميزائل استعمال ڪرڻ جو اعلان
You might also like