گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي، ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪري عوام دانهون ڪندو پيو اچي. پر، ڪڏهن به مهانگائيءَ ۾ گھٽتائي ڪونه ٿي آهي. جنهن به شيءِ جو اگهھ هڪ دفعو وڌيو آهي ته اهو، ڪڏهن به هيٺ نه ٿيو آهي. مون کي اهڙو ڪو يادگيرو ڪونه ٿو اچي. جنهن جي آڌار تي چئي سگھجي ته فلاڻي شيءِ جو اگهھ گھٽ ڪيو ويو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته، هڪ دفعو ڪنهن شيءِ جي قيمت گھٽ ٿي هجي ته اها عارضي طور ٿي هوندي. ڪجهه وقت کان پوءِ ان جو نئون اگهه اهڙو مقرر ته ڪيو ويو هوندو جو اڳيون سڀ ڪسرون ڪڍي ڇڏيون هوندائون ۽ سمورا پلاند ورتا ويا هوندا. عوام سان ڪابه رعايت ڪانه ڪئي ويئي هوندي. جيئن پيٽرول جا اگهھ وڌندا ۽ گھٽجندا رهن ٿا اهي ڪڏهن ٿورا گھٽ ٿيا. پر، جڏهن ٻيهر وڌايا ويندا آهن ته عوام جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا هوندا. بي ساخته زبان مان رڙيون ۽ دانهون نڪري ويون هونديون. پر، عياش پرست حڪمرانن کي عوام تي ڪوبه رحم ڪونه آيو هوندو. صرف ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام کي آسرن ۽ اميدن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائون. جنهن مان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو آهي ۽ نه وري فائدي جي اميد ئي رکي سگھجي ٿي.
هونئن ته، هر حڪومت ۾ مهانگائي ٿيندي رهي آهي. عوام کي ڪو خاص رليف ڪونه ڏنو هوندائون. پر، منهنجي سمجهه مطابق 2018ع کان مهانگائي جي گاڏي تيزي سان هلڻ شروع ڪيو آهي ته، ڪٿي به بيهڻ جي ڪونه ٿي ڪري. تڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت وجود ۾ آئي هئي. ملڪ جو وزيراعظم عمران خان نيازي ٿيو. ان وقت اقتدار ۾ آيل حڪومت اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي هئي. واپاري حضرات کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه هو. جنهن ڪري سندن من وڌندو ويو ۽ هٿرادو اگهه مقرر ڪري عوام جي مٿان مهانگائي جا پهاڙ ڪيرايا پئي ويا. غريب ماڻهو مونجهاري ۽ پريشاني جو شڪار ٿي ويا ۽ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کان عوام بيزاري جو اظهار ڪندو رهيو. ان وقت حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن کي مهانگائي نظر ڪونه ٿي آئي. حڪومت ۽ حڪومت جي انتظامي ٽيم اقتدار جي نشي ۾، مست ومگن ۽ ڌت لڳي پئي هئي. عوام جي هن بنيادي مسئلي ڏانهن ڪوبه سرڪار جو سرڪرده اڳواڻ ڌيان ڏيڻ کان لنوائي رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو ته حڪومت جو ڪو وجود ئي ڪونه آهي.
اهڙين حالتن ۾ حڪومت مخالف سياستدان ميدان تي نڪري آيا. هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا. مهانگائي جو سبب ڄاڻائي عمران خان جي حڪومت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. عوام کي به احتجاج ڪرڻ ۽ ريليون ڪڍڻ جي دعوت ڏني ويئي. ڪڏهن “مهانگائي مارچ” ته ڪڏهن وري “ٽريڪٽر مارچ” جي نالن سان عوامي ريليون نڪتيون. جن جو منهن اسلام آباد ڏانهن هو. نيٺ عمران خان کي اقتدار تان هٽايو ويو. تنهن کان پوءِ اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي. ان حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمٰن، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري ۽ ٻيا سياسي اتحادي اڳواڻ شامل ٿي ويا. هر هڪ سڻڀو ٽڪر حاصل ڪري ورتو ۽ گڏيل حڪومت ٺاهي. جنهن کي پي ڊي ايم جي حڪومت سڏيو وڃي ٿو. هن حڪومت به عوام کي ڪو رليف ڪونه ڏنو ۽ نه وري ڪا مهانگائي ۾ گھٽتائي آئي. عمران خان جي دور ۾ مهانگائي جي جيڪا گاڏي هلڻ لڳي هئي سا، هن حڪومت ۾ ڪٿي بيهڻ جي ڪونه پئي ڪري. مطلب ته مهانگائي وڌندي رهي.
اتحادي حڪومت به، پنهنجو مدو پورو ڪري، چونڊن ڪرائڻ لاءِ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪيو. خير جون چونڊون ٿيون. جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي صاف ۽ شفاف ڪونه ٿيون. خير اهو هڪ الڳ موضوع آهي. جنهن تي اڳ ۾ ڪافي لکجي چڪو آهي. هاڻ وڌيڪ ان جي باري ۾ لکڻ مناسب ڪونه ٿو سمجهان. بهرحال نگران حڪومت به عوام کي رليف ڏيڻ ۽ مهانگائي جي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي ويئي. ان دور ۾ به عوام رڙيون ڪندو رهيو. پر، حڪمران هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. اهي به اقتدار جي نشي ۾ سڀ ڪجهه وساري چڪا هئا کين ٿوري وقت لاءِ ڪرسي ملي هئي. سو، ان کي چنبڙجي ويا. جيڪي عوام جون اميدون هيون سي سموريون خاڪ ۾ ملي ويون. سمورا خواب اڌورا رهجي ويا. هن حڪومت به شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. پر، اگھن کي گھڻو مٿي کڻي وڃي آسمان تي پهچايو. ايتري ته مهانگائي ٿي جو ماڻهو خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. بيوس، لاچار ۽ مجبور بنجي ويا. عام شين جي خريداري سندن وس ۾ نه رهي.
نگران حڪومت به چونڊون ڪرائڻ کان پوءِ وڃي گھر ڀيڙو ٿي وري به گڏيل حڪومت وجود ۾ آئي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمٰن جي سواءِ ٻيون پارٽيون اقتدار ۾ برابر جون شريڪ آهن. پاڻ به ناني ويڙهو ڪري ڪرسيون والاري ويهي رهيا آهن. هاڻ، اچڻ سان اهي دعوائون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته مهانگائي تي ڪنٽرول ٿي رهيو آهي. سستائي ٿئي پئي. عوام پريشان نه ٿئي. آئون سمجھان ٿو ته، اها صرف سکڻي دعويٰ آهي. باقي ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ساڳئي مهانگائي برقرار آهي. جيڪا اڃا به وڌي پئي. ان ۾ گھٽتائي ڪرڻ ڏکيو ۽ ناممڪن پيو لڳي. تازو شماريات کاتي مهانگائي گھٽجڻ جي ڏس ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته، پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ وڏي گھٽتائي ٿي آهي. اها، سال ۾ 38 سيڪڙو مان گھٽجي 11 سيڪڙو تي اچي ويئي آهي. جڏهن مئي 2024ع دوران مهانگائي جي شرح 3.2 سيڪڙو گھٽتائي ٿي هئي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، گذريل سال ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 29.1 سيڪڙو هئي.
ڄاڻايل رپورٽ جو تفصيل اخبارن ۾ اچي چڪو آهي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. پر، غريب ماڻهو ان رپورٽ کي رد ڪري ٿو سستائي ته ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ لڳا پيا آهن. خبر ناهي ته شماريات کاتي طرفان اهڙي رپورٽ ڪهڙي بنياد تي جاري ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بظاهر ته مهانگائي گھٽ ته ڪونه ٿي آهي. پر، اها اڃا وڌي آهي غريب پورهيت ماڻهن کان پڇبو ته هو، سڄي لسٽ ٻڌائين ٿا ته هن شيءِ ۾ هيتري واڌ ڪئي اٿن. ڪنهن به قيمت ۾ ڪا رعايت ۽ ڇوٽ نه ڪئي ويئي آهي. چند ڏينهن اڳ ۾، ڪنهن مزدور ٻڌايو ته، حڪومت عوام کي بيوقوف بنائي رهي آهي. ڪنهن به شيءِ جو اگھ گھڻو وڌائي ڪجهه وقت ترسي پوءِ، ٿورا پئسا لاهيو ڇڏي. تنهن کان پوءِ اعلان ڪندي رهندي آهي ته اسان عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. عوام جي اهنجن کان بخوبي واقف آهيون. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي شين جا اگهھ گھٽائي رهيا آهيون.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته، حڪومت ڀلي اگهھ گھٽائي پر، ملڪ ۾ ڪي مافيائون اهڙيون به آهن. جيڪي سرڪاري حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه ٿيون ٿين. اهي سرڪاري حڪمن کي ٿڏينديون آهن ۽ پنهنجا اگھ مقرر ڪري ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦرينديون رهنديون آهن. جنهن ڪري عوام جي کيسن تي معاشي بار وڌندو ويندو آهي. اهو، بار عوام پنهنجي سر تي کڻڻ لاءِ تيار ئي ڪونه ٿيندو آهي. بس مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو رهندو آهي. پر، حڪومت مذڪوره مافيائن جي خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهي. خبر ناهي ته، حڪومت جون ڪهڙيون مجبوريون آهن. جن جي آڌار تي خاموشي اختيار ڪئي اٿس. مهانگائي ڪندڙن ۽ هٿرادو اگھ مقرر ڪرڻ وارن جي خلاف ڪوبه ايڪشن ڪونه ٿي وٺي. ياد رهي ته انهن مافيائن جي خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويئي ته پوءِ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ناممڪن آهي. ڪڏهن به اگھن تي ڪنٽرول ٿي نه ٿو سگھي. جنهن لاءِ ضروري آهي ته ذڪر ڪيل مافيائن کي مضبوط هٿن سان چٿيو وڃي.
جيڪڏهن حڪومت، مهانگائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻي ٿي. شين جا اگھ گھٽائي ٿي. خاص ڪري روزانه استعمال ٿيندڙ کاڌ پيتي جي شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ڏيئي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهو سندس ڀلو قدم آهي. ان جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگھون ۽ حڪومت به عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. پر، اهو به خطرو آهي ته، عارضي طور سستائي ڪري، ڪجهه وقت ترسي وري شين جي آگھن ۾ واڌ آڻي اڳيون پويون سموريون ڪسرون نه ڪڍي وٺي. ڇو ته ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي انهن مثالن مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. انهن ڳالهين کي وسارڻ يا نظر انداز نه ڪرڻ گھرجي. الله تعاليٰ خير ڪري. هن ڀيري ائين نه ڪيو وڃي. حڪومت عوام سان اها چالبازي نه ڪري. اها اميد اٿئون ته حڪومت جون جيڪي هن وقت دعوائون هلي رهيون آهن ۽ شماريات کاتي وارا جيڪي انگ اکر ظاهر ڪري رهيا آهن. سي، درست هجن. باقي ظاهر ۾ ته ڪابه شيءِ سستي ڪونه ٿي وڪرو ڪئي وڃي. ٿورو انتظار ڪرڻ کان پوءِ سموري صورتحال سامهون اچي ويندي.