امڪاني برساتون ۽ احتياطي حڪمت عملي

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ ۾ سانوڻي کان اڳ وارين برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جيڪو وقفي وقفي سان ڪٿي نه ڪٿي جاري آهي۔اطلاعن موجب نوابشاهه ضلعي ۾ برسات پوڻ ۽ طوفان لڳڻ ڪري ڪجهه اموات به ٿيا آهن جڏهن ته انبن جي باغن کي ڪنهن حد تائين نقصان به پهتو آهي جو انبڙين ۽ پڪل انب ڇڻيا آهن جن جو فوري طور ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ناهي جو زراعت کاتي کي انجي سروي ڪرڻي هئي ۽ انگ اکر جاري ڪرڻا هئا۔وقت کان اڳ برساتن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن ۽ جن جاين يا فصلن کي پهتل نقصان جو ازالو به ٿيڻ باقي آهي۔

البته سنڌ جي موسميات کاتي ۽ صحافي موسيات ماهر غلام حسين خاصخيلي جي اڳڪٿين موجب عيد بعد برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جيڪو سانوڻي تائين جاري رهي سگهي ٿو ۽ هن سال سنڌ جي جابلو علائقن سميت نهري علائقن ۾ وڏي ٻوڏ به ممڪن آهي ٿي سگهي ته امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي شدت سال 22 جي ٻوڏن جهڙي ٿئي يا لڳ ڀڳ تنهن جهڙي ٿئي

سنڌ ۾ برساتن جو ذڪر ڪجي ته هن سال سيارو ڪجهه وڌيڪ هليو آ جو بهار ۽ بهار کان پوءِ   اونهاري واريون برساتون ۽ ڳڙا ڪجهه وڌيڪ پيا آهن جنهنڪري مارچ ته ٺهيو اپريل جون راتيون ۽ ڏينهن به ممڪن حد تائين ٿڌا رهيا۔بهار ۽ اونهاري جي برساتن ۽ ڳڙن پوڻ ڪري سنڌ ۾ ڪڻڪ جي تيار فصل کي ڪاپاري نقصان پهتو جو ان جو ڇاڻو ٿيو پئداوار گهٽ لٿي ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ملڻ ڪري به سندن ڊبل نقصان ٿيو خوراڪ کاتي جي ڪامورن ۽ واپاري فائدي ۾ ويا جن کي فائدو پهتو۔حالت اها آهي جو هن وقت به ڪڻڪ آبادگارن وٽ صحيح اگهه نه ملڻ ڪري پيل آهي جيڪا اڳتي هلي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏن سبب خراب به ٿي سگهي ٿي۔حڪومت کي خود سوچڻ گهرجي ته انجو هن وقت ڪهڙو حل آهي

سنڌ ۾ هلندڙ برساتن ۽ طوفانن لڳڻ جو سلسلو وقت به وقت وقفي وقفي سان پيو هلندو پر سانوڻي ۽ بڊي واريون برساتون جيڪي جنهن انداز ۾ ٻڌايون پيون وڃن سي سنڌ جي پسمانده توڙي شهري علائقن لاءِ  ڳڻتي جوڳيون ٿي سگهن ٿيون پر حڪومت هن وقت تائين ڪنهن به قسم جا ڪي اڳواٽ احتياطي ۽ حفاظتي اپاء ناهن ورتا نه وري ضلعي سطح تي ڪي اجلاس ٿيا آهن۔اهي به اطلاع آهن ته گذريل برساتن ۽ ٻوڏن جي متاثرين کي سندن تباهه حال اجها اڃا ٺهي ناهن مليا نه وري اهي ڪئنال ۽ شاخون مڪمل طور بحال ٿي چڪيون آهن جن کي گهارا لڳا هئا ۽ سندن بند ڀڳا هئا۔اهڙن واهن ۽ شاخن ۾ خريف جو پاڻي نه پهچڻ ڪري متاثر علائقن ۾ هڪ ته هن سال خريف جو فصل پوکجي نه سگهبو ساڳي وقت مال متاع ۽ انساني آبادي کي پيئڻ جو پاڻي به شايد ئي ملي سگهي ٻيو ته جيڪڏهن امڪاني برساتون پون ٿيون ٻوڏون اچن ٿيون ته گهارن جي موجودگي ۾ پاڻي وري شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙيندو۔بهتر آ هاڻ ئي هنگامي بنيادن تحت برساتن ۽ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ  اپاءَ ورتا وڃن۔خاص ڪري ٻيڙين جي موجودگي ۽ امڪاني رليف مرڪزن جي نشاندهي ۽ عملي جي امڪاني مقرري جي يقين دهاني ڪئي وڃي جنهن لاءِ  حڪومت کي اڳواٽ فنڊ به مخصوص ڪرڻ گهرجن جو هنگامي حالتن وقت ڪتب آڻي سگهجن۔اهڙي طرح هر ضلعي ۽ هر تعلقي ۾ موسميات کاتي جون آفيسون کوليون وڃن ته جيئن مقامي سطح تي موسم جي آگاهي ممڪن ٿي سگهي۔سنڌ جو زراعت کاتو مک رابطي وارو کاٿو آهي ۽ انجو فيلڊ اسٽاف هر واهڻ وسندي ۾ موجود آهي ان جون خدمتون ورتيون وڃن جيڪي موسميات کاتي سان سهڪار ڪري مومسمي اڳڪٿين جي آڌار تي مقامي آبادگارن کي زرعي مشورا فراهم ڪري ته اهي هنگامي موسمي تبديلين وقت ڪهڙا فصل پوکين انهن جو ڪهڙي ريت بچاءُ ڪن۔

خدا جي مهرباني سان زراعت کاتي وٽ سون جي انگ ۾ ڊائريڪٽر ۽ زرعي سائنسدان به مقرر ٿيل آهن جيڪي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا بشرطيڪ جذبو هجي جو وٽن بهتر ڄاڻ به آهي۔برساتن پوڻ سبب هن وقت سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جي فصل تي جيتن ۽ بيمارين جي حملي جو امڪان آهي جنهن کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جنهن لاءِ  پلانٽ پروٽيڪشن عملي کي متاثر علائقن ۾ موڪلڻ گهرجي جيڪي فصلن کي بچائڻ ۽ غيرمعياري ڀاڻ ۽ دوائن جو خاتمو آڻڻ ۾ اثرائتا مددگار ٿي سگهندا

سرڪاري سطح تي ڪجهه ٻيا کاتا خاص ڪري زرعي انجنيئرنگ کاتو ۽ سوشل ويلفيئر کاتو به قومي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ ماضي ۾ به هنن جو ڪردار مثالي رهيو آهي۔سنڌ جي هر ضلعي ۾ زرعي ورڪشاپس ڪم ڪن ٿيون جن وٽ هيوي مشينري ۽ بلڊوزر موجود آهن جيڪي بندن ۽ شاخن جي ڪپرن کي ٻوڏ ۽ برساتن وقت مضبوط ڪري سگهن ٿا۔هنن جي اڳواٽ موجودگي جو بندوبست ڪيو وڃي جن جي مرمت ٿيڻ گهرجي ته جيئن هنگامي حالتن وقت ضرورت وارن هنڌن تي هيوي مشينري پهچي سگهي يا وري جيڪي به هنڌ ڪمزور آهن تن کي هينئر ئي پختو ڪيو وڃي۔رليف ڪئمپن تي تپيدارن کان ڪم وٺڻ بدران سوشل ويلفيئر کاتي ۽ خانگي سماجي تنظيمن کان ڪم ورتو وڃي جيڪي متاثرين جي رهائش ۽ کاڌخوراڪ جو موثر انتظام ڪري سگهندا۔هن ڏس ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۽ نجي سماجي تنظيمن کي ورڪنگ پيپر تيار ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه وث جمع ڪرائڻ گهرجي۔مطلب هي وقت آهي جو ڪنهن امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  اڳواٽ اپاء مڪمل ڪري ڇڏجن جو بعد ۾ ڪنهن امڪاني نقصان کي منهن ڏجي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.