پاڪستان قرض کڻندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو!

تحرير:سڪندر چنو

پاڪستان قوم جو سپريم ليڊر يعني وزيراعظم ميان شهباز شريف هن وقت چين جو چئن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري پنهنجي ملڪ واپس پهچي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ کي ننڊ ستل قوم کي خبر پئجي ويندي ته وزيراعظم چين مان ڪيترن ڏوڪڙن جي ڳنڍ ڀري وطن موٽيو ۽ چين ايندڙ وزيراعظم جي پنڻ واري ڪستي ۾ ڪهڙا معاشي منصوبا ڀري موڪليا آهن. اسين سمجهون ٿا ته چين صرف سکڻي يا خالي آٿتن يا دلاسن ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي ۽ معاشي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته چين پاڪستان مان وڏو مايوس به آهي ۽ چين جا پاڪستان ۾ مفاد به آهن جنهن جي ڪري چين پاڪستان مان هٿ ڪڍڻ به ڪونه ٿو چاهي. ڇاڪاڻ ته چين، روس ۽ ايران جا پاڪستان ۾ وڏا مفاد آهن. جڏهن ته  اسان جي ملڪ کي هلائيندڙ هميشه ڊالرن تي وڪامجي وڃن ٿا.

پاڪستان ۾ هميشه قيادت جو وڏو فقدان رهيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان هميشه معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ئي رهي ٿو. ناتجربيڪار حڪومتن ۽ هائبرڊ نظام، حڪومتن جون غلط پاليسون، ناڪامين، سبب عوام جو حڪومتن جي حڪمرانن ۽ طرز حڪمراني تان اعتماد کڄي ويو آهي. هاڻي عوام پنهنجي معاشي بدحالي، عدم تحفظ ۽ حڪومت پاران نا انصافين سبب ڏاڍو پريشان ۽ بي سڪون آهي ڪنهن به وقت عوام جو صبر جواب ڏئي ڇڏيندو ۽ مسلمان ملڪ تيونس طرز جيان انقلاب اچي سگهي ٿو. ۽ عوام جي جذبن جو وڏو آتش فشان پهاڙ ڦاٽي سگهي ٿو. ماڻهن جو سياستدانن جي ڪوڙن وائدن ۽ دلاسن تان اعتماد کڄي ويو آهي جيڪو معاشري لاءِ ڪڏهن به سٺو ناهي.

سال  2022 ۾ قائم ٿيل پي ڊي ايم جماعتن ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ خبر ناهي ڪيئن هڪ پيج تي بيهندي. 6 سيڪڙو جي حساب سان تيزيءَ سان معاشي ترقي ڪندڙ حڪومت کي ڊاهي گهر ڀيڙو ڪيو ۽ تاثر ڏنو ويو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت کي جلد گهر ڀيڙو نه ڪيو ويو ته ملڪ جلد ڏيوالو ٿي ويندو. ان کان پوءِ پي ڊي ايم حڪومت ايندي ملڪ سان جيڪو حشر نشر ٿيو اهو اڄ تائين ساڳئي نموني قائم ۽ دائم آهي. اڄ تائين عوام کي بيروزگاري ۽ مهنگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو پيو وڃي. هن وقت 13 ڪروڙ عورتون بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب مردن کان وڌيڪ بدتر زندگي گذاري رهيون آهن. 300 ارب روپين جي ڪڻڪ اجايو نگران حڪومت ٻاهران گهرائي. جنهن جو ڪوبه جواز نه هيو. صرف ڪرپشن ڪئي وئي. چيو ويو ته انوار الحق ڪاڪڙ تمام نيڪ نماز ۽ شريف ماڻهو آهي پر ان پنهنجي شرافت ڏيکاريندي 300 ارب روپين جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي حالانڪه ملڪ ۾ ڪڻڪ وافر گدامن ۾ هوندي خراب ٿي رهي هئي پر ڪرپشن ڪرڻ جو هڪ جواز پيدا ڪيو ويو ۽ موجوده ڪڻڪ جي سيزن ۾ صرف سنڌ جي آبادگارن ۽ غريبن هارين کي 800 ارب روپين جو نقصان ڏنو ويو آهي. حالانڪه ان سموري عمل جي اڳوڻي وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ذميواري قبول فرمائي پر ان کي بچايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪيو ويو ۽ انهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو. عمران خان کان به ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن. سپريم ڪورٽ جڏهن عمران خان کان پڇيو ته ملڪي حالتن کي خرابي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڇا هو حڪومت سان ڳالهيون ڪندو؟ عمران خان جواب ڏنو ته هارايل ۽ جعلي حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن. عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ غير اعلانيه مارشلا لڳل آهي. عمران خان کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن حالتون واقعي خراب آهن ته ساٿي سياستدانن سان ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن. جڏهن باهه لڳندي آهي ته پوءِ اهيو ناهي ڏسبو ته پاڻي پاڪ آهي يا ناپاڪ. بس باهه تي پاڻي هاربو آهي. بس اهيو خيال هوند آهي ته باهه وسائڻي آهي. پاڪستاني سرزمين سان هميشه اهيو مسئلو رهيو آهي ته غير جمهوري قوتون ناهن چاهينديون ته ملڪ مان سياسي لڙائي يا ويڙهه ختم ٿئي ۽ پارليامنٽ ۾ سڀ سياستدان ويهي ملڪ هلائين بلڪه وڙهندا رهن يا وڙهيل رهن ته جيئن سندن اوطاقون هميشه آباد هجن جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿئي ها ته اڄ ملڪ جون هي حالتون نه هجن ها. بحرالحال هن وقت پاڪستان معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چين جي دوري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چوي ٿو ته جيڪڏهن معاشي ترقي ڪرڻي آهي ته چين کان سکڻو پوندو. سائين معذرت سان توهان کي روڪيو ڪنهن آهي ته توهان چين کان نه پرايو؟ ۽ هونءَ به وزيراعظم صاحب! توهان ڪي بلاول ڀٽو زرداري جيان پهريون ڀيرو وزيراعظم يا نوجوان ياستدان ناهيو. توهان پراڻا ۽ عمر رسيده سياستدان آهيو توهان هاڻي پڇاڙي ۾ چين کان ڇا پرائيندا؟ توهان هن محل تائين ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هاڻي ملڪ نوجوانن حوالي ڪيو توهان عيش آرام جي زندگي پاڪستان کان ٻاهر وڃي گذاريو. توهان کان ملڪ نه هليو آ ۽ نه وري هلندو؟

اچون ٿا اصل موضوع طرف ته پياري پاڪستان جي عوام کي مبارڪون هجن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا ۾ قرض يا پندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر اچي ويو آهي ۽ پاڪستان ڪستو کڻي پنڻ ۾ سون جو تمغو حاصل ڪري ورتو آهي. پاڪستان جي قرضن جي ذخيرن ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت چين جو پاڪستان مٿان 26 بلين ڊالرن قرض چڙهي ويو آهي ۽ اهيو قرض CPEC ۾ ڏنو ويو آهي. پر خبر ناهي رقم الائجي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. 26 بلين ڊالر قرض چين پاڪستان کي بجلي بهتر ڪرڻ لاءِ ته جيئن عوام کي سستي ۽ 24 ڪلاڪ بجلي ملي سگهي پر ٿيو ان جي ابتڙ هن وقت پاڪستان عوام کي 70 روپيه في يونٽ بجلي ملي ٿي ۽ آزاد ڪشمير عوام کي 5 روپيه في يونٽ. حالانڪه آزاد ڪشمير کي بجلي ڏيندڙ پاڪستان آهي. ۽ معاشي طور مدد به پاڪستان پيو ڪري. ۽ پاڪستان ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام وڌي ويو آهي. ان کان علاوه پاڪستان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روڊ رستن جو ڄار وڇائڻ لاءِ ۽ ريلوي لائينن کي بهتر ڪرڻ لاءِ چين پاڪستان کي پئسا ڏيندو رهيو آهي پر پاڪستان جي سياستدانن ۽ اشرافيا جي انود واري کڏ ڀرجي ڪونه سگهي آ.

اڄ تائين. (1) انگولا مٿان چين جو قرض 20.98 بلين ڊالر آهي يعني پاڪستان غريب ملڪ انگولا کان به گوءِ کڻي ويو. چين انگولا ۾ تيل ۾ وڏي سيڙپ ڪاري ڪئي. مگر چين کي پرافٽ نه ملي سگهيو. (2) سري لنڪا کي چين 8.84 بلين ڊالر قرض ڏنو آهي. سري لنڪا هڪ بندرگاهه چيني ڪمپنين کي 99 سالن جي ليز تي ڏنو آهي. بحرالحال سر يلنڪا جي معاشي حالتون اڃان به خراب آهن. (3) ايٿوپيا کي چين 6.69 بلين ڊالرن قرض ڏنو آهي. چين جي قرض ابابا ۽ جبوتي ريلوي لائنن تي سڌارڻ لاءِ ڏنو آهي. (4) ڪينيا کي چين 6.69 بلين ڊالر قرض ڏنو. (5) زمبيا کي ملڪ ۽ ترقي لاءِ 6.08 بلين ڊالر قرض ڏنو. زمبيا ۾ ڪاپر جا وڏا ذخيرا آهن ۽ چين زمبيا جي ترقي ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. بحرالحال زمبيا پاڪستان کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ڪرپشن گهٽ پر ملڪ جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدم کنيا. (6) بنگلاديش کي چين 6.05 بلين ڊالر ڏنا. ۽ بگلاديش چين جي رقم سان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. بگلاديش پاڪستان کان وڌيڪ معاشي ترقي ڪري رهيو آهي. هن وقت بنگلاديش ۾ نيٽ ڪيش 28 ارب ڊالر آهي. پاڪستان وٽ 10 ارب ڊالر. (7) لائو تي چين جو قرض 5.25 بلين ڊالر آهي. (8) مصر تي چين جو قرض 5.21 بلين ڊالر. چين مصر کي ملڪ جي ادارن جو ڍانچو ۽ بجلي کي بهتر ڪرڻ لاءِ رقم ڏني ان مٿان مصر به فائدو ورتو. (9) نائجيريا کي چين 4.29 بلين ڊالر قرض ڏنو. ان مان نائجيريا فائدو ورتو پاور پلانٽ هنيا ويا ۽ عوام کي 24 ڪلاڪ بجلي ۽ سستي بجلي ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.