۽ جڏهن پليجي صاحب ٽي وي مالڪ جون رڙيون ڪڍرايون

تحرير:عاجز جمالي

ھي سال 2005 جي ڳالھه آھي جڏھن مان انڊس ٽي وي جو چيف رپورٽر ھئس،  ھڪ شام جو  جڏھن مان آفيس ۾ پنھنجي معمول جي ڪرت سان لڳو پيو ھئس ته ٽي وي جو سينيئر اينڪر ۽ ناليوارو صحافي مجاھد بريلوي مون وٽ آيو، چوڻ لڳو يار جمالي اڄ شام جو مون وٽ پنھنجي پروگرام لاءِ  ڪو مھمان ڪونھي ،ڪو سنڌي سياسي اڳواڻ ته ھٿ ڪري ڏي، مون چيو ٺيڪ آھي سائين مان ڏسان ٿو. تن ڏھاڙن ۾ رسول بخش پليجو ڪجھه  ڏينھن گلشن حديد ۾ رھندو ھئو ته ڪجھه  ڏينھن حيدر آباد ۾، مون سوچيو پليجي صاحب جو فون کڙڪايان ٿو، فون ڪرڻ تي پليجي صاحب سان ڳالھه ٿي وئي ، چوڻ لڳو مان ڪراچي ۾ ئي آھيان، مون کيس عرض ڪيو ته سائين رات اٺين وڳي مجاھد بريلوي صاحب جي شو ۾ اچو، پليجي صاحب چيو ٺيڪ آھي مان اچي ويندس، بعد ۾ مون مجاھد بريلوي صاحب جي فون تي پليجي صاحب سان ڳالھه ڪرائي تڏھن به پليجي صاحب چيو ٺيڪ آھي مان پوڻين اٺين وڳي تائين پھچي ويندس. ھاڻي منھنجو ڪم ختم ٿي ويو مان پنھنجي ڪم ڪار کي لڳي ويس.

تڏھن پاڪستان ۾ صرف ٽي پرائيويٽ ٽي وي چينل ھئا جن ۾ انڊس به اھم چينل ھئو ، بلڪه اين ٽي ايم ۽ ايس ٽي اين کان پوءِ  انڊس پاڪستان جو پھريون سيٽلائيٽ ٽي وي چينل ھئو جيڪو پاڪستان جي سرڪاري ٽي وي جي سيٽلائيٽ تي ھلندو ھئو،انڊس جو مالڪ غضنفر علي پي ٽي وي جو ڪمال جو پروڊيوسر رھي چڪو ھئو ، وارث جھڙو لافاني ڊرامو ۽ نيلام گھر جھڙا شاندار پروگرام سندس پراڊڪشن ھئي، جڏھن سرڪاري ٽي وي جو پروڊيوسر ھئو ھڪ ڏينھن ملڪ جي صدر جنرل ضياءُالحق کيس ايوان صدر سڏايو ، ھي ست فوٽ ڊگھو ھمراھ ڊڄندو ڊڄندو ايوان صدر پھتو ھئو ته کيس ڏاڍي عزت ملي ،کيس ملڪ جي صدر چيو ته ھو وارث ڊرامو ڏسڻ ٿو چاھي ، ڊرامي جي سمورين قسطن جي رڪارڊنگ کيس ٽيپس ۾ فراھم ڪري ڏئي ، غضنفر علي خوشيء سان چيو سائين ٺيڪ آھي ، ھڪ ٻن ڏينھن ۾ وارث ڊرامي جون سموريون ٽيپون ڏيئي ويندس، اھڙي ريت ھن ھمراھ جي ايوان صدر ۾ سٺي عليڪ سليڪ ٿي وئي ، شاليمار ٽيلي وژن نيٽ ورڪ يعني ايس ٽي اين بند ٿيڻ وقت غضنفر علي سرڪاري ٽي وي تان ريٽائر ٿي چڪو ھئو پر سندس پراڻا واسطا کيس ڪم اچي ويو ، ڇو ته ھي ايس ٽي اين لاءِ  ڊراما ڪندو ھئو، جتان بعد ۾ ھن کي پنھنجو ٽي وي چينل کولڻ جو خيال ھئو ، پھرين ڊرامن جو انڊس پراڊڪشن ھوندو ھئو جيڪو بعد ۾ انٽرٽينمنٽ جي ٽي وي چينل انڊس ويزن ۾ تبديل ٿيو ، جنھن مان اڳتي ھلي انڊس نيوز جو سلسلو شروع ڪيائين ،جتي اخبار ڇڏڻ بعد ٽي وي چينل جي ھي منھنجي پھرين نوڪري ھئي ،ھن چينل ٽي شازيه مري به رات جو شو ڪندي ھئي ۽ شازيه مري جي مھرباني سان ئي مون کي نوڪري ملي ھئي.

خير ڳالھه پئي ڪئي سين رسول بخش پليجي صاحب جي، سو پليجو صاحب ان شام مجاھد بريلوي جي پروگرام ۾ اچي ويو ھئو، رات جو اٺين وڳي جي ھيڊلائن کانپوءِ  لائيو پروگرام شروع ٿي ويو، مان نيوز روم ۾ پنھنجو ڪم ڪري رھيو ھوس، ايئن اوچتو ڏسان ته ھيٺين منزل تان چينل جو مالڪ غضنفر علي رڙيون ڪندو پيو اچي ، گاريون ڏيندو پيو.

چوي پيو بند ڪرو بند ڪرو، پروگرام بند ڪرو، اسان مان ڪنھن کي به ڳالھه سمجهھ ۾ نه پئي آئي ته آخر ٿيو ڇاھي، مون وٽ اچي چوڻ لڳو جاڪر پروگرام بند ڪروائو، مان ايم سي آر مان پروگرام جي پروڊيوسر  کي سڏي آيس ، غضنفر علي چوڻ لڳو توھان سڀ منھنجو چينل بند ڪرائڻ جي چڪر ۾ آھيو ، منھنجي ماءُ ڀيڻ ھڪ ڪرڻ وارا آھيو ڇا، توھان کي خبر ناھي ته منھنجو چينل سرڪاري سيٽلائيٽ تي ھلي پيو، پروڊيوسر ڊوڙندو واپس ايم سي آر ۾ ويو، جتان پروگرام ۾ بريڪ ورتائون ، بريڪ دوران مجاھد بريلوي کي ڪن ۾ سڄي حقيقت ٻڌائي وئي، بريلوي صاحب پليجي صاحب کي ھٿ جوڙي چيو پليجو صاحب باقي پندرھن منٽ رحم ڪجو ته پروگرام پورو ٿئي، حقيقت اھا ھئي ته مجاھد بريلوي پليجي صاحب کي ڪالا باغ ڊيم جي مسئلي تي ڇيڙي ڇڏيو ته پليجو صاحب جرنيلن تائين پھچي ويو، مالڪ ڪو پنھنجي ڪمري ۾ لائيو پروگرام ٻڌي رھيو جڏھن ھن ڏٺو ته پليجو صاحب ته جرنيلن تي سڌا حملا پيو ڪري ته مالڪ جو بلڊ پريشر ھاءِ ٿي ويو ، تڏھن رڙيون ڪندو آيو.

پليجو صاحب ته پروگرام ڪري ھليو ويو پر  چينل انتظاميا حڪم نامو جاري ڪيو ته آئنده مجاھد بريلوي جو پروگرام لائيو نه ھوندو ، ٻه ڪلاڪ اڳ پروگرام رڪارڊ ڪرڻو پوندو ، مان ۽ مجاھد بريلوي اڄ به ان واقعي کي ياد ڪندي رسول بخش پليجي صاحب جي برجستن جوابن جو ذڪر ڪندا آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.