جگر جي ڪينسر جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ جي هڪ اهم سبب بابت نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مٺن شربتن، جهڙوڪ سافٽ ڊرنڪس ۽ سوڊا، جو گهڻو استعمال هن موتمار بيماري جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تحقيق دوران 15 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي غذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو. نتيجن مان ڄاڻ ملي ته کنڊ وارن شربتن جو وڌيڪ استعمال جگر جي ڪينسر جي ٻن اهم قسمن جو خطرو وڌائي ٿو، جڏهن ته مصنوعي مٺاڻ وارن شربتن سان اهڙو واضح لاڳاپو نه مليو.
ٻئي پاسي جنوري 2025ع ۾ ٿيل هڪ ٻي تحقيق موجب چرٻي ۽ کنڊ سان ڀرپور خوراڪ جگر تي چرٻي چڙهڻ، سوڄ ۽ آخرڪار ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ماهرن چتاءُ ڏنو ته جنڪ فوڊ ۽ مٺن شربتن جو گهڻو استعمال جگر لاءِ تماڪ جيترو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. سندن چوڻ آهي ته متوازن غذا، ورزش ۽ کنڊ وارن شين جو گهٽ استعمال جگر جي ڪينسر کان بچاءَ ۾ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.