ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جو 2009ع وارو هڪ تڪراري بيان ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ هن اداڪاراايشوريا راءِ کي ”آنٽي“چيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن سونم ڪپور هڪ عالمي بيوٽي برانڊ جي سفير طور ايشوريا راءِ جي جاءِ ورتي. تازو سندس اهڙو بيان وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ هوءَ سپر اسٽار ايشوريا راءِ کي ”آنٽي“ چئي رهي آهي، جنهن تي مداحن سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ سونم تي عمر بابت نامناسب تبصرو ڪرڻ جا الزام لڳايا.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب بعد ۾ سونم ڪپور وضاحت ڪندي چيو ته ايشوريا راءِ سندس پيءُ انيل ڪپور سان ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، تنهنڪري هوءَ کيس احترام طور ”آنٽي“ چوندي آهي.ان باوجود تڪرار وڌڻ بعد سونم ان بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته اها رڳو افواهه هئي، هن ڪڏهن به ايشوريا بابت اهڙا لفظ استعمال ناهن ڪيا ۽ هوءَ هميشه سندس عزت ڪندي آهي.