شڪر آھي جو تضادستان ۾ مارشل لا لڳي نه آهي، ان ڪري جمهوريت مان اميدون آهن، پر انهن اميدن تي جمهوري ٿنڀن جي پنھنجي وچ ۾ ويڙهه پاڻي ڦيري رھي آھي.هڪ طرف چونڊيل ايوانن ۽ عدليه جي،مي لارڊز ۾ لفظي ۽ قانوني جنگ جاري آهي، ٻئي طرف توھين جي قانون ۾پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي خوامخواھ شامل ڪري ميڊيا ۽ نون ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. انھن ٻنھي لڙائين کان مٿي وڏي سياسي ويڙھ آھي جيڪا حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾جاري ساري آھي ۽ ان کان پوءِ سڀ کان وڏو ملاکڙو، اھا ئي سويلين بالادستي جي جنگ آھي،جنھن ۾ تحريڪ انصاف سڀني کان اڳيان آھي ۽ ان ملاکڙي جي اندورني ڪھاڻي مقتدرا ۽ ڪپتان وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ويڙھ آھي.جنھن ملڪ ۾ ھڪ ئي وقت اھي سڀئي لڙايون جاري ھجن،ملڪ جون معاشي حالتون به خراب هجن، هڪ پاڙيسري ملڪ سان مقابلو بھ هجي ۽ ٻئي پاڙيسري ملڪ مان دهشتگرد اچي تباهي مچائي رهيا هجن، اتي اهڙيون جنگيون جاري رھڻ ۽ جاري رکڻ جي ڪھڙي تڪ آھي،ھاڻي سڀني جنگين کي جاري رکندڙ يا تھ ھوش مند ناھن يا انھن کي مستقبل جو فڪر ئي ناھي يا وري ان قابل ئي نھ آھن انھن لڙاين جي باھ تي پاڻي ھاري سگھن.
جمھوريت ھڪ ڪامياب ۽ ڀرپور نظام آھي،پاڪستان جو آئين جمھوريت جي اصولن کي نظر ۾ رکي بڻايو ويو آھي. چونڊيل ايوان، جيڪو عام ماڻهن جي مرضي ۽ پسند سان چونڊجي اچي ٿو، ان کي قانون سازي جو اختيار آهي.پارليامينٽ کي ملڪ جي سڀ ادارن تي فوقيت حاصل آھي،ڇاڪاڻ جو قانون جو ٻوٽو ان مان ڦٽندو آھن،ان جو درجو ماءُ جو آھي، عدليه، پارليامينٽ ۽ آئين جي ٺاهيل قانونن جي تشريح ڪندي آهي. ٻنهي ادارن جو بنياد جمهوري آهي پر جيڪڏهن اهي سر ڦوڙڻ تي اچي وڃن ته پوءِ ٻنهي ادارن جو پهرين ۽ پوءِ جمهوريت جو نقصان ٿيندو.
ھن وقت صورتحال اها ئي آهي ته چونڊيل ايوانن ۾ اسان محبوب مي لارڊز کي تنقيد جو ھدف بڻايو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف اسان جا مي لارڊز، جسٽس کوسھ صاحب جڏهن نوازشريف کي سسلين مافيا چيوھو ته هو پاڻ ڪنهن جي پراڪسي هو،اھو نھ ٿئي ته سڀاڻي چونڊيل نمائندن ۽مي لارڊز کي جمهوريت کي وڃائڻ بعد احساس ٿئي ته اهي ٻئي ڪنھن خاص مفاد جا پراڪسي بڻجي ويا ھئا، جمهوريت جي ھڪ ادنيٰ چاھيندڙ جي حيثيت سان ٻنهي ڌرين کي گذارش آهي ته ڊگهي مدي واري جمهوري ۽ آئيني مفاد کي نظر ۾ رکندي پنهنجن جذبات کي ٿڌو رکن، پنھنجي ھاڻوڪي پوزيشن تان ٻئي پوئتي ھٽن ۽ وچ جو ڪو رستو اختياڪن.اسان ماضي ۾ ڏٺو آهي ته نه ته چونڊيل نمائندن جو ججن طرفان ڪيل نااھلي کي عوامي پذيرائي ملي ۽ نھ ئي حڪومتن طرفان انصاف پسند مي لارڊز جي خلاف لڳايل الزامن ۽ ريفرنسن کي عوامي سطح تي تسليم ڪيو ويو،اھي ٻئي رويا غلط آهن، ٻنھي طرفن جا انتهاپسند ماڻھون باهه لڳائي رهيا آهن ۽ڳيرا خبر ناھي پنھنجو ڪردار ادا ڇو نھ ڪري رھيا آھن. ياد رکو ته ملڪ عقابن جي انتهاپسندي ۽ غيظ و غضب سان نٿا ھلن ڳيرن جي امن پسندي ۽ مفاھمت سان ھلن ٿا. جمهوريت تھ آھي ئي هڪ ٻئي کي تسيلم ڪرڻ جو نالو.فاضل جج صاحبان ۽ معزز قانون ساز جوڙيندڙ ٻئي پنهنجن گهوڙن کي روڪين. امن جي سراءِ ۾ پناهه وٺن ۽ جمهوريت کي هلڻ ڏين،ڪنھن ھڪ جي اڻڄاڻائي جي سزا سڄي ملڪ کي ملندي. ڇا تاريخ مان اسان کي اهو سبق نه ٿو ملي ته جنهن ملڪ ۾ ايتري قدر اندروني لڙائيون هجن ۽ ان باهه تي تيل ھاريندڙ بھ گهڻائي ۾ هجن، ان ملڪ جي مستقبل کي اونداھي ٿيڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. افسوس تھ اھو آھي تھ لڙائين جي ٻرندڙ باھ کي وسائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي پئي وڃي.
اسان جي مين اسٽريم ميڊيا اڳ ۾ ئي حڪمن،قاعدن و ضابطن ۽ لڳاتار پابندين سبب سوشل ميڊيا سان مقابلي ۾ ھارائيندي رهي آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾گيٽ ڪيپنگ يعني خبرن ۽تجزين کي احتساب جي ڇاڻي مان گذارڻ جو هڪ مؤثر نظام موجود آهي، پيمرا جي مسلسل نگراني آهي،حڪومتي ادارن جي ھر وقت جي ڇنڊ پٽڻ آھي ۽ وري عوامي ۽ عدالتي احتساب انکان الڳ آھي،اھڙي صورتحال ۾ اسٽريم ميڊيا کي توھين واري نئين قانون جو شڪار بڻائڻ ان جي آواز کي بند ڪرڻ جي برابر آهي. مين اسٽريم ميڊيا لاءِ ڪافي قانون موجود آهن، سوشل ميڊيا لاءِ نوان قانون ضرور ٺاهيا وڃن پر ان لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان به مشاورت ضرور ڪئي وڃي.
جمهوريت هر فرد ۽ اداري کي پنھنجي حقن و اختيار جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي پر ڪنهن بھ فرد يا اداري کي آئيني حدن کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. منهنجي ادنيٰ ۽ عاجزاڻي راءِ ۾ اڄ ڪلھھ هر ادارو ۽ معزز فرد پنھنجي آئيني حدن کي پار ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو بحران وڌي رھيو آھي،جيڪڏھن ھر ادارو ۽ فرد پنھنجو احتساب ڪري يا ھڪ قدم پئتي ھٽي تھ پاڪستان جا سمورا مسئلا ھڪ ھڪ ڪري حل ٿي سگھن ٿا ؟
جمهوري سماج ۾ جيڪڏهن اسان سڀني کي حق حاصل آهن ته پوءِ اسان جون ذميواريون به آهن، جيڪڏهن آئين صحافت کي اظهار راءِ جي آزادي ڏني آهي ته ان ٻين ادارن جي باري ۾ پڻ ان جون حدون مقرر ڪيون آھن،اھڙي طرح جيڪڏھن سپريم ڪورٽ کي آئين جي تشريح جو سڀ کان وڏو ۽ حتمي ادارو قرار ڏنو ويو آهي،تھ ان جون پڻ حدون آھن،جيڪڏھن ڪجهه جج صاحبان پارليامينٽ جو ئي مذاق اڏائين، ڪروڙن جي چونڊيل وزيراعظم کي 3 متعصب جج گھر موڪلي ڇڏين تھ اھو حدن کي اورانگھڻ آھي.اھڙي طرح جو مي لارڊ چاھي اھو جيترو بھ ثاقب نثار جيان ماڻھن جي بي عزتي ڪري يا مذاق اڏائي يا اڄ جي ھڪ احترام جوڳي جج جيان ماڻھن کي پراڪسي چئي،اھو سندس منصب جي شايان شان نھ آھي ۽ پوءِ وري توھين عدالت جو نوٽيس ڏئي ڪري پنھنجي وڏائي،طاقت ۽ ٻين کي ذليل رسوا ڪرڻ جي پراڻي روايت به هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. خواجا سعد رفيق کي لوهه جي چڻن جو طعنو ، پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽر جي سرعام بي عزتي، نيشنل ڊفينس اسپتال جي مالڪ تي طنز، جسٽس کوسھ جو وزيراعظم کي سسلين مافيا جو حصو قرار ڏيڻ ۽ جسٽس عظمت شيخ جي اڊيالا جيل پھچائڻ جي ڌمڪي، اڃان ذھنن مان نھ نڪتي آھي تھ اسان جو محبوب جج به ان ئي گهوڙي تي سوار ٿي ويو ، جيڪو نيٺ ٺينگ ٽپا ڏيڻ کان پوءِسوار کي پٽ تي ڦٽو ڪندو آھي.ان ڪري مهرباني ڪري سڀ ڪو وپنهنجي حد ۾ رهي، پنهنجي جمهوري ۽ آئيني اختيار کان وڌڻ سراسر غلط آهي، چاهي اهو ڪيترو ”وڏو تارڙ ھجي يا ڪراچي جو اھم وڊو، معمور من الله يا پوءِ پسر ستار“. سڀ وڙهندڙ بھرحال غلط آهن….!