ڪنڌڪوٽ(ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب جي صحافين پيربخش بنگوار، راجا گوپي چند، علي حسن ملڪـ، غلام رسول ميراڻي، دليپ ڪمار ٺاڪر، لياقت علي کوسو، مسعود عالم سومرو، غلام ياسين لاشاري، حفيظ ملڪ، نصير منگي، احمد علي مغل، غفار منگي، فخرالدين بلوچ، مير علي اڪبر بنگوار، قدرت الله ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ، ڪارا جھنڊا ۽ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھرين قاتلو جواب ڏيو خون جو حساب ڏيو، شھيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو، انصاف ڪيو انصاف ڪيو شھيد جي خون سان انصاف ڪيوجا نعرا هنيا، پير بخش بنگوار چيو ته شھيد نصر الله گڏاڻي جو قتل صحافت جو قتل آهي وڏيرن سردارن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف وڌيڪ آواز بلند ٿيندو،
-
”قاتلن جي سرپرستي بند ڪريو“ نوشهري ۾ احتجاج
نوشهرو فيروز( عتيق الرحمان وسطڙو)شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي فريد لاشاري،اسد عمراٹی، رحمان تڳر، ڪاشف ميمڻ، احسان سيال، محمد علي سومرو، نعمان تڳر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڀوتار ۽ ظالم حق سچ تي صحافين جو قتل ڪرائي رهيا آھن هنن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به صحافي قتل ٿيا آھن انهن قاتلن جا سرپرست حڪومت ۾ ويٺل ڀوتار آھن ۽ مظلومن جو آواز ٻڌڻ لاءِ قانون چپ آھي. هنن گُهر ڪئي ته شهيد نصرالله جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تي پهچايو وڃي.