محسن نقوي برقرار رهندو،آءُ گهرو وزير نه پيو بڻجان:راڻا ثناءَ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته موجوده صورتحال جي سڀ کان وڌيڪ وجهه عمران خان جو موقف آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ  لاءِ تيار ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڳالهين لاءِ اسان ملاقات لاءِ انتظار ۾ رهياسين، اسان طرفان ڪو به هٺ ڌرمي ناهي، پي ٽي آءِ پاڻ ڳالهيون ڪرڻ نٿي چاهي، اسان ڳالهين بابت چوندا آهيون ته هو گاريون ڏيندا آهن، موجوده صورتحال ڪنهن لاءِ به سٺو ناهي ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ گهرجي،ڳالهين جو معاملو 2014 کان بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهي،  هن چيو ته آءَ گهرو وزير نٿو ٿيان، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، محسن نقوي سٺو ڪم ڪري رهيو آهي کيس مبارڪون هجن، گهرو وزير کي وزيراعظم شهباز شريف  جو اعتماد حاصل آهي، سندس چوڻ هو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو سياستدان پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن اسان جو ڳالهين سان ڪو به واسطو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.