ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب هيٽ اسٽروڪ جا 100 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ موجب انچارج هيٽ اسٽروڪ ڊاڪٽر عرفان صديقي ٻڌايو ته جناح اسپتال ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ 80 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سول اسپتال ڪراچي ۾ 50 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي سبب گيسٽرو جا ڪيس وڌي رهيا آهن.