شهيد نصرالله جو رت جو تاريخ بدلو وٺندي

تحرير: ذوالفقار راڄپر

هن ڪڏهن ڪنهن ڪاموري يا وزير جي پئسن تي ڪو حج يا عمرو ڪيو هو، نه هن ڪنهن سردار يا وقت جي حاڪم يا حڪمران پارٽي جي چڱي مڙس جا مٽ نه ڀريا هئا، نه هن پريس ڪلب جي عهدي يا صحافي تنظيم جي عهديدار ٿيڻ لاءِ ڪنهن چڱي مڙس جي درن تي جتيون گسائي انهن جي دعوتن تي پئسا حرام ڪيا هئا، نه ڪنهن کي ڌاڙيلن جي چنبن ۾ان ڇڏائڻ جو ڌنڌو ڪيو يا اسپتالن جيلن جي بورچيخانن جا ٺيڪا کنيا ياوٺي ڏنا، نه ڪنهن ايس پي ۽ ڊي سي جي بدلي تي ڪا رقم ورتي ، نه ئي عوامي آواز اداري طرفان کيس اشتهار وٺي ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويو هو ، واپار تي قبضن تي پنهنجي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي رکي پنهنجي سياسي سياسي صحافتي سجاڳي جو ثبوت ڏئي ، پنهنجي شهادت جو سرٽيفڪيٽ پاڻ ئي وٺي ڇڏيو هو، هو هڪ غلام سنڌ جو پنهنجي شعور ۽ سمجهه آهر سنڌ دوست صحافي هو، جيڪو سنڌين کي فلسطيني قوم سمجهي پنهنجي سنڌين جي قتل عام کي غزه جي پٽي سمجهي جيئي سنڌ جا نعرا به هڻندو رهيو.

هو جنهن علائقي ۽ جنهن ماحول ۾ رهندي ماضي ۾ فرنگين جي پيداوار ۽ حال ۾ انهن فرنگين جي باقيات جي حڪمراني جي ڇانو ۾ طاقتور بڻيل سردارن جي جمهوريت جي حڪراني ۾ سنڌ جي قدرتي ذريعن ، زمينن تي قبضي ۽ سنڌ جي قومي طبقاتي  نجات جي جدوجهد آڏو رڪاوٽون وجهندڙ سردارن، جي بدامني ۽ قبيلائي دهشت گردي ۽ وڏن پوليس سربراهن کان وٺي ننڍن جمعدارن کي سرادارن جون چوپليون هٿ ۾ کڻڻ ۽ انهن جي سرپرستي ۾ اغوائن، ڦرين ۽ ڌاڙيلن جو اکين ڏٺو شاهد هو، اهڙا شاهد ته معاشري ۾ ٻيا به موجود آهن، پر نصرالله گڏاڻي جي دل ۽ دماغ ۾ انهن خلاف نفرت ، مزاحمت ۽ بغاوت هئي، ان ڪري هو ڪراچي يا سکر جي ڪنهن مهانگي هوٽل ۾ڪم ڪڍو دوستن، خوشامندڙين جي نه ماني کائي يا کارائي سگهيو هو، نه ئي هو صحافت جي ٻن ٽن سالن ۾ گاڏين جو مالڪ ٿي پنهنجو ماضي ۽ ڪلاس وساري وڏائي ۽ سماجي لاڳاپن جي تباهي جو شڪار نه ٿيو هو.

روزاني عوامي آواز جو بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي سنڌ جي ميرپور ماٿيلي جو رهاڪو هو ، هن سکر کان اوٻاڙو تائين جي ڌنڌن ۽ فيڪٽرين ۾ منصوبا بندي تحت ڌارين مزدورن، واپارين، آفيسرن جي ڀرتي جا سور سهي نه سگهندو هو، هو غير معمولي صحافي هو، جنهن پنهنجي قلم، زبان ۽ وڊيوز ذريعي سردارن، ڀوتارن، پوليس آفيسرن ، واپار ۽ ڌنڌن تي ٻين ادارن جي قبضن کي بي وائکو ڪندو رهيو جنهن جو اهوئي شهادت وارو نتيجو نڪرڻو هو. سردارن ۽ انهن جي پالڻا ڪندڙ هر سرڪاري ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ته شهيد نصر الله جو خون سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ويڙهه وڙهندو رهندو، هو انهن صحافي اڳواڻن ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن جي رت جو حصو نه هو، جيڪي آزاد صحافت جو وڪرو ڪري لک پتي، ڪروڙ پتي بڻجي، صحافي يونين ۽ پريس ڪلبن کي پنهنجي جاگير، ڪچي جي ڪيٽي  سمجهندا آهن، جيڪي منشيات جي وڪري کان وٺي ادارن جا جاسوس ۽ ايجنٽ بڻجي آزاد صحافت جي جدوجهد ۾ رڪاوٽ بڻجي عياشي جي زندگي بسر ڪن ٿا. شهيد نصرالله جا حقيقي صحافي، وڪيل، سياسي ڪارڪن، مٽ مائٽ ۽ ڀائر، ڳوٺ ۽ شهر وارا اها ڳالهه به سمجهن ٿا ته سرداري نظام ۽ ان جي سنڀال ڪندڙ سرڪاري جمهوريت، حڪومت  خلاف جنهن منظم جدوجهد جي ضرورت آهي، ان ۾ آزاد صحافت ۽ بي باڪي به اهم ۽ لازمي آهي، پر جيڪڏهن ان جون جڙون فرسوده سامراجي نظام خلاف عالمي، ملڪي ۽ سنڌ سطح جي سياسي انقلابي مزدور، هاري، شاگرد ، عورتن ۽ ٻارن جي تحريڪ سان جڙيل نه هونديون ۽ اسان صرف هيروازم جو شڪار ٿي هلنداسين ته ائين هڪ هڪ ٿي اڪيلا مارجي وينداسين.

اهي باشعور صحافي جن کن سنڌ وطن جي غلامي مجبوري ۽ سرادرن، جاگيردارن ۽ انهن جي جمهوريت کان نفرت آهي ۽ اهي دل دماغ ۾ مزاحمت رکن ٿا انهن کي ٿورو ڪک ٻيڻو ڪرڻ جي تڪليف جو رستو به وٺڻو پوندو، انهن کي سماجي تبديليءَ ۽ سائنس جو مطالعو ڪرڻو پوندو، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ويٽامين فرانسي ۽ آمريڪا جي فوج ۽ مقامي سردارن سان ڪيئن مقابلو ڪيو، اسان کي خبر هجڻ گهرجي چين ۾ سنڌ جي سرادرن جهڙي سردار، ڀوتار چيانگ ڪائي شيڪ ۽ جاپاني فوج کي ڪهڙو رستو وٺي شڪست ڏني، روس ۾ بادشاهي محل کي ڪيئن ڊاهي ان تي قبضو ڪيو ويو، ٻي عالمي جنگ ۾ عظيم اسٽالن نازي فوج سان ڪهڙي حالت ڪئي.سنڌ جا اهي سردار ۽ ڀوتار جيڪي ٻاهرين قوتن سان گڏجي سنڌ جي شعور جي قتل ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن ، انهن کي به تاريخ مان اهو سبق سکڻ گهرجي ته چين جي هارين، شاگردن، عورتن، ٻارن ۽ مزدورن سردارن، جاگيردارن کي گهرن مان ڪڍي انهن جي ڳچين مان رسا وجهي رستن تي گهليو هو.

سنڌ جي صحافت ۾ جيڪو گند ڪچرو موجود آهي، ان لي شهيد نصرالله جي رت ڌوئڻ جي جيڪا شروعات ڪئي آهي، سنڌ جا حقيقي صحافي، صحافت اهو رت جو ڏيئو روشن رکندا ته ميرپورماٿيلو کان وٺي ڪشمور ڪنڌڪوٽ تائين هر وهندڙ رت جو بدلو تاريخ جي فيصلن تحت وٺي سگهجي ٿو، پر ان نفرت ۽ مذاحمت کي سنڌ جي انقلابي تحريڪ سان جوڙڻو پوندو، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ مالي مدد ڪرڻي پوندي، جنرل ضياءَ جي دور ۾ صحافين جي جدوجهد اڻ پوري رهجي وڃي ها جيڪڏهن ان ۾ انقلابي پارٽي ۽ اڳواڻ رسول بخش پليجو جا انقلابي هاري شاگرد پنهنجون صحافين سان گڏ گرفتاريو نه ڏين ها. سرداري نظام ۽ آزاد صحافت لاءِ هڪ انقلابي جماعت جو هجڻ لازمي شرط ۽ صحافين جو انقلابي مطالعو اهم آهي. اوهان ان ڳالهه جي پڪ سمجهو ته سنڌ ۾ سرداري نظام ۽ ان جي پالڻا ڪندڙن خلاف زير زمين جيڪا ڦڙي ڦري نفرت ۽ مزاحمت پيدا ٿي رهي آهي، اها لازمي طور هڪ ڏينهن منظم شڪل اختيار ڪندي، جنهن ۾ بهادر صحافي نصرالله جي وهايل رت جي خوشبوءِ گندرف جو ڪم ڏيندي، اهوئي ايندڙ دور جي تاريخ جو ڳجهو فيصلو ٿيل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.