بهادر صحافي نصر الله گڏاڻي جي شهادت جو پيغام….. ”تون هيڻو آن هٿيارن سان ….“

ميرپور ماٿيلي مان 18 ورهين کان روزاني عوامي آواز جي نمائندگي ڪندڙ بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي به صحافتي شهيدن جي تاريخ –جو هڪ سونهري باب بڻجي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ کيس سندس ڳوٺ ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. انهن زخمن جا سور نه سهندي ڪالهه صبح سوير ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.

دل ٿي چوي ته اڄ هن ايڊيٽوريل ۾ جيڪر سڄو جو سڄو سر ڪيڏارو لکي ڇڏجي. جيڪا به مزاحمتي  شاعري سرجي وئي آهي سا سڄي جا سڄي نصر الله گڏاڻي جهڙي ارڏي ۽ اڻ موٽ صحافي کي ارپي ڇڏجي. سر ڪيڏاري جو ڪهڙو به بيت پڙهجي ٿو يا ڪهڙي به مزاحمتي شاعري پڙهجي ٿي ته اها سڄي جا سڄي هن شهيد صحافي جي مزاحمتي صحافتي جدوجهد تي سرخ سلام بڻجي وڃي ٿي.

شيخ اياز جو اهو مزاحمتي شعر ” مان ڏوهي ها مان ڏوهي ها“ نصر الله جهڙن شهيدن لاءِ ئي ته لکيو آهي. نصرالله کي به هٿياربندن گوليون هڻي ماري فرار ٿي ويا پر هي جوڌو مڙس پوءِ به آخري وقت تائين کين ڄڻ اهو چوندي للڪاريندو رهيو ته ” تون هيڻو آ هٿيارن سان“ بظاهر هٿيارن نصرالله کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي پر سندس شهادت هٿياربندن کي ساڳي وقت هيڻو ۽ بزدل پڻ ثابت ڪيو آهي. اڄ اهي هٿياربند لڪندا ٿا وتن جن مٿس گوليون هلايون. پر اڄ سڄي سنڌ شهيد نصر الله سان گڏ آهي. سنڌي عوامي کيس پنهنجو هيرو سمجهي رهيو آهي ۽ هٿياربندن بزدلن ۽ هيڻن خلاف سراپا احتجاج آهي. نصر الله ته پهريون به بهادر هو، گوليون لڳڻ کانپوءِ به هن بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ آخر ۾ صحافتي تاريخ ۾ شهادت جو رتبو ماڻي ورتو. پر اوهان لڪندا ٿا وتو، پنهنجي پاڇي کان به ڊڄي رهيا آهيو، نصر الله حياتي وڃائڻ کانپوءِ به امر آهي پر اوهان جيئري هوندي به مري ويا آهيو، مات کائي ويا آهيو ايئن ثابت ٿي ويو ته اوهان هيڻا آهيو هٿيارن سان.

نصر الله کي چڱي ريت خبر هئي ته هو اوهان جهڙن مافيائن، ڏوهارين، ڏاڍن جي نشاني تي آهي هو چاهي ها ته پاڻ سان هٿيار رکي ها ۽ اوهان تي جوابي فائر ڪري ها ته هن جو مقابلو هٿيارن سان نه پر هر قسم جي ظلم، ڏاڍ، ناانصافي ۽ استحصال سان هو.  هن کي سنڌي سماج مان اهو ڀوتارڪو نظام پاڙان پٽڻو هو. هي ان جدوجهد ۾ اڄ سرخرو ٿيو آهي. ڪير به وڏيرو، ڪو به سردار، ڪو به ڀوتار اڳتي اچي اهو نه ٿو چئي ته اهو قتل مون ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي بزدل آهن، هيڻا آهن، ڀلي کين هٿيارن جي کيپ هجي، طاقت ور ڌريون ۽ مافائيون ساڻن گڏ هجن پر اهي سڀ اڄ لڪڻ تي مجبور آهن.

نصر الله ڪو وڏو مقررنه هو، هو برابر سادو ڳالهائيندو هو پر صفا چٽو ۽ سڌو ڳالهائيندو هو. جيڪو سنئون سڌو دشمنن کي وار ٿي لڳندو هو، هو ظلم، ڏاڍ، خلاف کلي عام ڳالهائيندو وتندو هو اهو ڄاڻيندي به ته ڏاڍن سان ٽڪرائڻ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو آهي، اهو سمجهندي به ته هو اڪيلو ناهي، سندن پويان اهڙا معصوم گلن جهڙا پيارا ٻار آهن جن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ سندس ذميواري  آهي ۽ ايئن سندس ذات سان سلهاڙيل ڪيترائي رت جا رشتا هيا، جيون ساٿياڻي هئي،، زال هئي جن کي سهائڻ يا کين هميشه هميشه لاءِ ڇڏي وڃڻ جو جيڪر سوچي به نه سگهجي پر هو حق ۽ سچ تي ڪجهه به ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هو پاڻ وڏي واڪي چوندو وتندو هو ته ڀلي جان هلي وڃي ڪا پرواهه ناهي پر حق ۽ سچ ڳالهائبو رهبو ۽ هن ايئن ڪري به ڏيکاريو. هو  وڏيرا شاهي، جاگيرداراڻي ۽ ڀوتارڪي نظام ۽ هر قسم جي مافيائن خلاف سڄي ڄمار وڏي واڪي ڳالهائيندو رهيو. هن صحافت به ان مقصد تحت ئي ڪئي. هن صحافت کي ڪاروبار بڻائڻ بدران ڀوتارڪي نظام خلاف جنگ جوٽڻ جو مورچو بڻايو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن نصرالله گڏاڻي اڪيلي سر بنا هٿيارن جي هٿياربندن کي هيڻو ڪري سگهي ٿو، کين لڪڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو، کين بزدل بڻائي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌي سماج انهن ڀوتارن، سردارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ هر قسم جي مافيائن جو گهيرو ڇو نه ٿو تنگ ڪري سگهي سو نصرالله جي شهادت جي تقاضا اها آهي ته هاڻي انهن قاتلن کي هر قيمت تي وائکو ڪري، گرفتار ڪرائي کين عبرت ناڪ سزائون ڏيارجن ۽ هاڻي واقعي به لڳي ٿو ته اهو وقت اچي ويو آهي. سنڌ جي عوام جو شعور ۽ اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي مورچن تان وڙهجندڙ هيءَ جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. سنڌ جو باشعور عوام، ميڊيا ۽ صحافين جون تنظيمون هاڻي روز روز لاش ڪلهن تي کڻڻ بدران ڏوهارين کي هر قيمت تي گرفتار ڪرائي سزائون ڏيارڻ جو رستو ڳولهي ورتو آهي. هاڻي نصرالله گڏاڻي جا قاتل بچي نه سگهندا. سندس خون رائيگان نه ويندو. ڇاڪاڻ ته شهيد نصرالله جي رت ۾ جوش هو، جنون هو ۽ ولولو هو جيڪو هن ڌرتيءَ تي ئي وهي ان ۾ جذب ٿيو آهي جيڪو نئين مزاحمتي سماج جو ڦوٽهڙو ٿي وجود ۾ اچڻو آهي ۽ اهو اڻ ٽر آهي.

اسان سنڌ جي باشعور عوام جو، سڀني سياسي ۽ سماجي جماعتن ۽ سڄي ملڪي ميڊيا، صحافتي تنظيمن جا ٿورائتا آهيو جن نصرالله گڏاڻي جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت کان پوءِ سندس قاتلن جو گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ سندن گرفتارين لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي جدوجهد جو ساٿ ڏنو.  ان موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ وچن ٿو ڪري ته نصرالله گڏاڻي جي خون کي رائيگان ٿيڻ نه ڏبو، سندس قاتلن کي هر قيمت تي گرفتار ڪرائي شهيد سان انصاف ڪرائبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.