سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي لاءِ دعا گهرائي وئي

ڪراچي (رپورٽر) صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ دعا گهرائي وئي، پ پ ايم پي اي هير سوهو  چيو ته صحافي نصرالله دعا گهرائي وڃي سندس وارثن کي الله صبر عطا فرمائي، هن چيو ته اميد آهي ته پوليس جلد قاتلن کي به گرفتار ڪري وٺندي، جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي،

  1. گهوٽڪي ضلعي جي صحافتي تنظيمن پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

گهوٽڪي (ڊ ر)شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي گهوٽڪي ضلعي جي سڀني صحافتي تنظيمن پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن جي پريس ڪلبن تي ڪار جهنڊا چاڙهيا ويا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.