وزير اعظم شهباز شريف ”سرن ۽ لوھ“ جي ترقيءَ واري ماڊل کان ھٽي ڪري چئن سالن لاءِ ”تعليمي ھنگامي حالت “ جو انتهائي خوش آئنده اعلان ڪيو آهي، پر ڇا سندس اهو اعلان واقعي اعتبار جوڳو آهي؟ سندس ان اعلان کان پوءِ خبر ناهي ته چراغ ۾ روشني رھندي يا نه ؟ صوبا به خاموش آهن، جن جي اها آئيني ذميواري آهي ۽ لاڳاپيل کاتن جي ڪن تي جونءَ بھ نھ سري.آئين جي آرٽيڪل 25-اي تحت 5 کان 16 سالن جي ٻارن لاءِ لازمي، مفت ۽ معياري تعليم کي 2010ع ۾ بنيادي حق تسليم ڪيو ويوھو،پر ان دوران پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جي حڪومتن ان ڏس ۾ ڪا بھ اڳڀرائي نھ ڪئي. سياسي شھرت جي حصول لاءِ ھر طرح جا خيراتي ڪارڊ تھ ٿوڪ جي حساب سان ورھايا ويا، پر غربت ۽ مفلسي، ناخواندگيءَ ،بيروزگاري ۽ آباديءَ جي خوفناڪ واڌ جي مسئلن بابت جٽادار ترقي يا انساني سلامتيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪو به پائيدار رٿ نھ ڪنھن سياستدان،نھ ڪنھن اداري ۽ نھ ئي ڪنھن عالمي مالياتي ادارا کي سجھيو.
سبب صرف هڪ آهي! مال خور ۽ مسواڙ لٽيندڙ اشرافيھ جو قبضو،جيڪو سماج ۽ رياست کي کائي رهيو آهي. نتيجي ۾ پاڪستان سماجي ترقيءَ جي انساني پيماني تي 138 هين نمبر تي اچي ويو آهي، يعني اسان سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ هيٺين درجي تي آهيون. پٺتي پيل ملڪ کان بھ ھيٺين درجي تي. صرف خواندگي ۽ تعليم تي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان جي خواندگي جي شرح فقط 62 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين ۽ پٺتي پيل علائقن جي شرح تمام گهٽ آهي ۽ انهن ۾ 70 سيڪڙو (10 سالن جي عمر تائين) اهڙا پڻ آهن جيڪي نھ پڙهي سگھن ٿا ۽ نھ ئي لکي سگھن ٿا ۽ نھ ئي ڳڻپ ڪري سگهن ٿا.
باقي رھيا گريجوئيٽ ۽ اعليٰ تعليم يافته انهن مان بھ ڪي ٿورڙا ئي پنھنجي ڊگرين جا حقدار آهن. ان جو سبب رڳو اهو نھ آهي ته پاڪستان پنهنجي مجموعي قومي آمدني جو 1.7 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿو. قومي سلامتي واري رياست (جيڪا جديد آهي) جي زميني۽مقامي،تاريخي۽مذهبي قدامت پسنديءَ کان ھٽي ڪري نظريو آھي.جنهن جي فڪري تاريخ وچين دور ۾ منجمند آهي، جنهن جو هڪ روپ درس نظامي۽ سوشل ميڊيا تي ڪج بحثن ۾ نظر اچي ٿو. پاڪستان جي گھٽ ٻوسٽ واري نظرياتي فضا ”علم کان بس ڪريو يار“ جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. علم جي جستجو آهي، نھ سائنس جي پذيرائي آھي، عقل جي پرواز آهي، نھ تخليق جي جستجو. جن کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهيو وڃي ٿو، انهن جي اڪثريت جي فڪري ڪنگلائي جي طوطي سوشل ميڊيا تي انڌير مچائي رکيو آھي ۽ ڪنھن جي ڪيتري طلب آھي جو تعين بيھودگيءَ جي وڌندڙ گھرج آھي.جيڪو ملڪ جديد رياستي ۽ آئيني ڍانچي جي باوجود رياست جي باري ۾ تعين نھ ڪري سگھيو تھ اھا ھڪ قومي جاگرافيائي رياست آهي ياھڪ اھڙي مذهبي رياست آھي جيڪا تاريخي قومي ۽ ثقافتي يونٽن جي قبر کوٽڻ تي بضد آهي تھ پوءِ ان جي نظرئي علم ۽ فڪري مڪتب بھ ان فڪري تضاد جا مظهر آهن. عالمن جو سواد اعظم آھي ته علم صرف ۽ صرف مقدس صحيفن جو تحفو آهي، جڏهن ته دنياوي، مادي ۽ سماجي علوم شيطاني ڀٽڪ آھي.عرب ۽ عجم ان تي بضد رھيا ۽ آخرڪار اڪثر مسلمان ملڪن وچين دور جي فڪري ملبي مان ھٿ ڪڍي ڇڏيو،اولھھ جي علم جي بحاليءَ ڏانهن رجوع ڪيو، جيئن ڪنهن زماني ۾ اولھھ عرب مفڪرن ۽ سائنسدانن مان فيض ورتو هو.
وزير اعظم جي ايجوڪيشن ايمرجنسي جي اعلان وقت هر سال 47 لک ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي، آبادي جي ان واڌ تي ماڻهو خوش آهن، اهو وساري ويٺا آهن ته انھن جي پرورش، کاڌي، صحت، تعليم و تربيت ۽ روزگار جو بندوبست ڪيئن ٿيندو ؟ اهڙي صورتحال ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي انگ هر سال 7 لکن جي واڌ ٿي رهي آهي، جيڪو صرف غربت جو مظهر نھ آهي، سياست جي پنهنجي آئيني ذميواري کان منهن موڙڻ به آهي. تعليمي لحاظ کان پاڪستان 120 ملڪن مان 113 نمبر تي آهي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان کان پوءِ سڀني کان هيٺ آهي. (سري لنڪا 92 سيڪڙو ۽ مالديپ 98 سيڪڙو). صوبائي سطح تي جتي تعليم صوبائي کاتو آهي، اتي هر ڪنهن جو علمي غفلت جو مقابلو ٿي رهيو آهي. خواندگيءَ ۾ سڀني کان پوئتي بلوچستان آھي جتي 3.13 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، سنڌ ۾ 7.63 ملين، پختونخواهه 3.63 ملين ۽ پنجاب 11.37 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. ان ستم ظريفي ۾ جيڪڏهن ڪو سٺو مثال مليو آهي ته اهو منهنجي دوست سرائيڪي دانشور مرحوم اسلم رسولپوريءَ جي ڳوٺ رسول پور (ضلعو راجن پور) جوآهي، جتي 100 سيڪڙو خواندگي آهي ۽ ڪوبه ڏوهه ناهي. خواندگي ۽ تعليم ۾ جيڪڏهن علائقائي فرق آهي ته پوءِ صنفي فرق گھڻو خوفناڪ آهي جو لکڻ پڙهڻ جي باوجود به عورتون چادر ۽ چار ديواري ۾ قيد آهن.
تعليمي ھنگامي حالت جي اعلان کانپوءِ وزيراعظم کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي ڪجهه بنيادي فيصلن ۾ صوبن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ گھرجي. ان اجلاس ۾ قومي آمدني جو گهٽ ۾ گهٽ 4 سيڪڙو تعليم لاءِ وقف ڪيو وڃي. هر صوبو پنهنجي تعليمي پاليسي ۽ رٿابندي سڀني ڀائيوارن جي مدد سان طئي ڪري. هر قسم جا تعليمي ادارا، تعليم جو نظريو، تعليم جو مقصد، نصاب، تدريس جو انداز ۽ امتحاني نظام، تعليمي سهولتون ۽ ضرورتون، ورچوئل تعليمي نظام جو قيام، استادن جي تربيت، شاگردن ۾ سوال پڇڻ، تحقيق ڪرڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي دلچسپي پيدا ڪجي.گڏوگڏ ٻارن جي خوراڪ، واڌ ويجهه ۽ صحت جون ضرورتون به فراهم ڪيون وڃن. تعليم کي فني صلاحيتن ۽ روزگار سان ڳنڍڻ ۽ معيشت ۽ سماج جي سماجي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. ان لاءِ ڪانفرنسون ٿين، سيمينار ٿيڻ گهرجن، ريسرچ گروپ سفارشون ٺاهين. هڪ قوم، هڪ نظريي ۽يڪسان تعليمي نظام جي مدي خارج تصورن مان جان ڇڏائيندي، علم ۽ تحقيق.تعيلم و تربيت جا گھڻ پاسا موقعا سڀني لاءِ فراهم ڪيا وڃن ۽ علمي مقابلن کي هٿي ڏني وڃي. خانداني ۽ پيشوراڻي رٿابندي کي تعليم ۽ تربيت جي منصوبن ۽ ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني صحت سان ڳنڍڻ گهرجي. سرڪاري شعبي کي ڪيئن ڪارائتو ۽ پيداواري بڻايو وڃي، خانگي شعبي کي صرف فيس ڦرڻ ۽ استادن جي استحصال کان محفوظ بڻايو وڃي. پروفيشنل ڪارڪردگيءَ جي نگراني، تعليمي قابليت جي معروضي پرک ۽ تعليم جي ميدان ۾ حڪومتي نظام ۾ انقلابي تبديلي ۽ طبقاتي نظام جو خاتمو ڪري، هر ٻار کي هر سطح تي مفت ۽ اعليٰ تعليم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، هڪ اھڙو باصلاحيت نسل تيار ڪيو وڃي، جيڪو پاڪستان جي روشن مستقبل جو امين بڻجي، پاڪستان جو مستقبل صرف هڪ پڙهيل لکيل ۽ تربيت يافته نئين نسل سان محفوظ ٿي سگهي ٿو، ”سرن ۽ لوھ جي ماڊل“ سان نھ ۽ نه ئي انساني سلامتي جي قيمت تي فوجي سيڪيورٽي جو بار وڌائڻ سان ٿي سگھي ٿو. ڇا موجوده وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ ھڪ ڊگھي مدي جو گھڻ پاسائو منصوبو جوڙي سگھن ٿيون ۽ان تي عمل در آمر ڪرائي سگھن ٿيون ؟ ڏسون ٿا.