آمريڪي صدر جو بائيڊن جي تازي بيان اسرائيل ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا آھن.دنيا جي سپرپاور آمريڪا ۽ اسرائيل جي گھرن لاڳاپن جو دور چئن ڏھاڪن تي ٻڌل آھي.هڪ ٽي وي انٽرويو دوران جو بائيڊن کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسرائيل رفح تي حملو ڪري ٿو ته ڇا ٿيندو ؟ ھن جو جواب ھو ته ”مان هٿيار فراهم نه ڪندس“ .ھٿيارن جو واپار ٻنھي ملڪن ۾لاڳاپن جو اھم بنياد رھيو آھي.
جو بائيڊن تي آمريڪا جي شھرين ۽ ٻين ملڪن طرفان فلسطين ۾ اسرائيل جي جاري ڪارروائي سبب دٻاءُ وڌي ويو آھي.جتي شھرين جي مارجڻ سميت انساني بحران پئدا ٿي ويو آھي.اھڙي دٻاءُ سبب آمريڪا اسرائيل کي ھٿيارن جي فراھمي روڪڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.
آمريڪي پرڏيھي کاتي جي اڳوڻي ماهر، ايرون ڊيوڊ ملر موجب يقينن جنگ جي شروعات سان ئي جوبائيڊن،اسرائيل جي حامي جماعت ريپلڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ڦاسي چڪو آھي.ان ھوندي بھ آمريڪي صدر ڪجهھ اھڙو نٿو ڪرڻ چاھي.جنھن سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي لاڳاپن کي ڇيھو رسي.
سومر ڏينھن اسرائيل چيو ھو ته سندس فوج شھر جي ڏکڻ ۾ ’ٽارگٽڊ ايڪشن‘ شروع ڪرڻ واري آهي. علائقي واسين مطابق مسلسل شيلنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ اسپتالون زخمين سان سٿجي ويون آهن.گڏيل قومن موجب جنگ کان بچڻ لاءِ لکين ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.جنھن ڪري اھي غذا ۽ ٻي سھولت جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن.
رفح شهر ۾ تقريباً ڏهه لک کان وڌيڪ انسان آباد آهن.اسرائيل جي دعويٰ آھي تھ حماس جون چار بٽالين ھن علائقي ۾ لڪيل آھن.نيتن ياھو ھر صورت ۾ اتي آپريشن ڪرڻ چاھي ٿو.پر آمريڪا اسرائيل کي اھڙي ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھي.ڇاڪاڻ جو آمريڪي صدر کي ڊپ آھي تھ اھڙي ڪارروائي جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي وارو موقعو وڃائي ڇڏيندي.ٻئي پاسي اھڙي آپريشن سان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ورھائجڻ جو بھ خطرو آھي.
جو بائيڊن جي انٽرويو کانپوءِ آمريڪا اسرائيل کي هٿيارن جي هڪ کيپ روڪي ڇڏي آھي. جنهن ۾ ٻه هزار ۽ پنج سو پائونڊ وزن جا بم آھن.
ٻئي پاسي آمريڪا جي اختيارين جي ذريعن کان اھڙا اشارا مليا آھن تھ اسرائيل جي امداد مڪمل نھ روڪي ويندي، اسرائيل، هن مهل آمريڪي امداد حاصل ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي.
اسرائيل وٽ اڳ ئي اھڙا ھٿيار آھن،جنھن سان رفح ۾ آپريشن ڪري سگھجي ٿو.تاحال اھو سمجھڻ ڏکيو آھي تھ آمريڪا حقيقت ۾ ائين ڪرڻ چاھي ٿو يا اھو ھڪ سياسي ڊرامو آھي.
ھاڻي جيڪا راءِ عامھ جڙي رھي آھي ان پس منظر ۾ جوبائيڊن ڇا بھ ڪري ان ھوندي بھ ھو پارٽي جي سياست ۾ ڦاسي چڪو آھي.جنھن ڪري بائيڊن پنھنجي مٿان پريشر کي مشڪل سان ئي ختم ڪري سگھي ٿو.
جو بائيڊن جي اسرائيل کي ھٿيارن جي روڪڻ بابت بيان جو نيتن ياھو پڻ جواب ڏيندي چيو ھو تھ جيڪڏھن اسان کي اڪيلو بھ بيھڻو پيو تھ بيھنداسين.اڳ ۾ ئي چئي چڪو آھيان تھ اسان آخر ۾ ننھن سان بھ وڙھنداسين.