ڪبوتر بازي – هوائي آپريشنز  لاءِ  هڪ وڏو خطرو

تحرير: عظميٰ هرليني

پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ فوجي ۽ سول ھوائي اڏن  جي ويجهو ڪبوتر ۽ لغڙ اڏائڻ جي وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي هڪ جامع عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي آهي. ڪبوتر بازي  ۽ لغڙ اڏائڻ جهڙيون سرگرميون ھوائي جهازن لاءِ خطرناڪ آهن،جنھن جي نتيجي ۾ لکين ڊالرن جي  ماليت جي سول ۽ فوجي جهازن کي خطرو ٿي پوندو آھي. گڏوگڏ قيمتي قومي اثاثن ۽ آپريشنل صلاحيتن کي به نقصان پهچي سگھي ٿو.

پکين جو ھوائي جهازن سان ٽڪرائجڻ، جنهن ۾ ڪبوتربازي سان لاڳاپيل خطرا به شامل آهن، سڄي دنيا ۾ هوا بازي جي صنعت لاءِ وڏي ڳڻتي جو سبب آهن. پاڪستان ۾ اهڙن واقعن جي ڪري جهازن ۽ انهن جي انجڻين کي هر سال لکين ڊالرن جو نقصان ٿيندو آهي. اسان جا لاڳاپيل ادارا ھوائي اڏن جي آسپاس پکين تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ رن وي ڀرسان برڊ شوٽرز جي مقرري سميت ٻين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جا ذميوار آهن.بھرحال جڏهن ته ان خطري کي مؤثر نموني سان منهن ڏيڻ لاءِ هن قومي فرض ۾ عوام جي شموليت انتھائي ضروري آهي.

هي آگاهي مهم فضلي ۽ ڪچري جي ذميوار انتظام سان گڏوگڏ ھوائي اڏن جي ڀرسان ڪبوتربازي جي منع ھئڻ  بابت معلومات فراهم ڪرڻ تي ٻڌل آھي.کليل علائقن ۾ اڇلايل مئل جانورن جي باقيات ۽ آنڊا اوجھريون،بازن ۽ ڳجھن جھڙن پکين کي پاڻ طرف ڇڪڻ جو سبب بڻجن ٿا،جيڪي جھازن جي مٿي اڏامڻ ۽ لھڻ وقت تيز رفتار ھوائي جھاز سان ٽڪرائي سگھجن ٿيون.انهن پکين جي ٽڪرائجڻ جا نتيجا تباهي وارا  ٿي سگهن ٿا،جن کان ممڪن طور تي ھوائي جهاز، پائلٽ ۽ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو ھوندو آھي. اختيارين ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هوائي اڏن جي چوڌاري سائن بورڊز ۽ معلوماتي پمفليٽ لڳايا ويا آھن.جنھن ۾ عوام کي مئل جانورن جي آنڊن اوجھرين ۽ ٻي باقيات کي مناسب طريقي سان ڦٽي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي. دڪاندارن، کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ هوٽلن مالڪن کي پڻ پکين کي پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪچري جي مناسب انتظام جي اھميت جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي آهي.ھي مهم پاڪ فضائيھ جي ھوائي اڏن جي ڀرسان لغڙبازي ۽ ڪبوتربازي سبب امڪاني خطرن جو احاطو ڪري ٿي.اھي غيرذميوراڻيون سرگرميون فلائيٽ آپريشنز ۾ خلل وجهن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ جهاز جي لاءِ سڌي ريت خطري جو سبب بڻجن ٿيون. اختيارين  مقامي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي سيڪشن 144 لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تحت لغڙ  اُڏائڻ ۽ ان جي وڪڻڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، ان سان گڏ فوجي ۽ سولين ايئر فيلڊز جي ويجهو ڪبوتر اڏائڻ تي به مڪمل  پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ، علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور، ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ گلگت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جهڙن وڏن ايئرپورٽن تي جاري ڀرپور ڪوششن سان گڏ سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم هلائي پئي وڃي آهي. انهن ھوائي اڏن  تي انتظاميھ، مقامي اختيارين، عوامي نمائندن ۽ مذهبي تنظيمن سان گڏوگڏ موافقيت پئدا ڪرڻ ۽ فضلي جي  موثر انتظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪم ڪري رھي آھي.

پاڪ فضائيه پڻ ھن اهم آگاهي مهم ۾ سرگرم آھي. جنهن تحت تازو ئي پاڪ فضائيه جي آفيسرن پکين ۽ کليل ڪچري اڇلائڻ سان پئدا ٿيندڙ امڪاني خطرن جي باري ۾آگاهي فراھم ڪئي. آفيسرن هن اھم مسئلي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ  فوجي، سول ايوي ايشن ۽ عوامي حلقن وچ ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.

پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران جاري ڪبوتر اڏائڻ بابت آگاهي مهم، ملڪ جي فضائي اثاثن ۽ فلائيٽ آپريشنز جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. اچو ته عوامي آگاھي سان،فضلي جي  ذميدارڻي انتظام کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي قيمتي فضائي اثاثن جي حفاظت جي لاءِ ھوائي اڏن ڀرسان انھن خطرناڪ سرگرمين کي روڪڻ ۾ پنهنجن شاهينن جو ساٿ ڏيون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.