ثقافت کاتي جا اهم قدم

تحرير: مجتبيٰ جوکيو

سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنھنجي عظيم ثقافت جي ڪري پوري دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي .  سنڌ جيڪا تصوف جي رهبري ڪندڙ ڌرتي آھي جنھن وٽ ڪنھن دور ۾ به مذهبي تعصب نه رهيو آھي.  موهن جي دڙي مان ڪوبه هٿيار نه مليو آھي پر اتان جي ڪجهه  مليو آھي ته يا سمبارا ناچڻي جو مجسمو مليو آھي يا ساز مليا آھن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ محبت ۽ پيار جو ديس آھي سنڌ ته انھن ماڻھن جو وطن آھي جيڪي سُر تي سر ڏيڻ وارا آھن سنڌي بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ قوم آھي . سنڌ جي ماڻھن هميشه پنھنجي ٻولي،ثقافت ۽ تهذيب تي نه صرف فخر ڪيو آھي پر انھن جو تحفظ به ڪيو آھي.  سنڌ جو ثقافت کاتو هن وقت ثقافت.  سياحت.  نوادرات ۽ آرڪائيوز جي هڪ سنگم ۾ ڪم ڪري رهيو آھي .

ويجهي ماضي ۾ ثقافت کاتي کي جيڪي صوبائي وزير مليا آھن انھن ۾ جن هن کاتي کي آفيسن مان ڪڍي عوام تائين پهچايو آھي انھن ۾ اڳ ۾ سسئي پليجو ۽ سيد سردار علي شاھ ۽ هاڻ سيد ذوالفقار شاھ شامل آھن . سسئي پليجو جي دور ۾ ثقافت کاتو اهم ڪم ڪيا خاص طور تي سنڌ ۾ لائبريريز جو ۽ ڪلچر ڪامپليڪس جو ڄار وڇايو .  سنڌ جي بيمار فنڪارن ۽ اديبن جي مالي مدد لاءِ  انڊومنٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو .  جڏهن سيد سردار علي شاھ صوبائي وزير ثقافت ٿيو ته هن ثقافت کاتي کي آفيسن مان ٻاهر ڪڍي عوام جي وچ ۾ آندو اڳم ڪو ثقافت کاتي جو عملدار عام ماڻهو کي ٻڌائيندو هو ته مان ڪلچر کاتي سان تعلق ٿو رکان ته سامهون وارو چوندو هو ايگريڪلچر کاتي سان پر سردار شاھ جي ڪيل ڪمن جي ڪري اڄ اڻ پڙھيل کي به ڪلچر کاتي جي خبر آھي ان جي دور ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ميلا ڪرايا جنھن تي سيد سردار شاھ کي ميلائي وزير سڏيو ويو سائين ان تي فخر ڪندي چيو ته مان ميلائي وزير آھيان پر ملائي وزير ناهيان سندس دور ۾ موهن جي دڙو تي عالمي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. مڪلي جيڪا عالمي ورثي مان نڪرڻ واري هئي ان کي بچايو ويو.  پنھنجي ٻولي کي بچائڻ لاءِ  ماجد ڀرڳڙي لينگويج انجنيئرنگ انسٽيوٽ جهڙو عظيم ادارو بنايو.  حيدرآباد ۾ اديبن لاءِ  رائيٽرس ڪلب جو قيام،  ختم ٿيندڙن آثارن جي بحالي،  عمرڪوٽ جي قلعي جي نئين سر بحالي مختلف هنڌن تي نون ميوزمن ۽ لائبريبرين جي قيام سميت انيڪ بهترين ڪم ڪيا آھن . هاڻ جڏهن سيد ذوالفقار شاھ ثقافت کاتي جو وزير ٿيو ته مان ڪجهه  ڏينھن کان پوءِ  سندس آفيس ويس ته سندس آفيس جو در کليو پيو هو ۽ سڄي آفيس عوام سان ڀري پئي هئي معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته سائين ذوالفقار شاھ جو چوڻ آھي انھن مسڪين ماڻھن مون کي هن منصب تي وهاريو آھي ۽ منھنجي آفيس جا دروازا انھن لاءِ  سدائين کليل هوندا مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته ثقافت کاتي کي ماڻھن جو درد رکندڙ وزير مليو آھي.  صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ کي ته وزارت سنڀاليندي ٿورا ڏينھن ٿيا آھن پر جيئن آيو آفيسرن سان تعارفي ميٽنگ کان پوءِ  فنڪارن، اداڪارن سان گڏجاڻيون انھن جا مسئلا ٻڌاءِ.  مختلف عالمي اسڪالرن ۽ ريسچرن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي قديم آثارن جي تحفظ لاءِ  گڏجي قدم کڻڻ ۽ مڪلي، موهن جو دڙو ،ڀنڀور سميت ٻين آثارن جي مڪمل سار سنڀال ۽ تحفظ لاءِ  قدم کڻڻ سنڌ جي بيمار فنڪارن ،شاعرن ليکڪن جي بروقت سار لهڻ سوشل ميڊيا تي خبر هلي ته مشهور شاعر زمان خاصخيلي بيمار آھي . سيد ذوالفقار شاھ جو حڪم فوري طور سندس مالي مدد ڪئي وڃي.

سيڪريٽري ثقافت خالد چاچڙ ،ڊي. جي ڪلچر منور علي مهيسر ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب الله ميمڻ ڊپٽي ڊائريڪٽرز هدايت الله راڄڙ ۽ سليم سولنگي سڀ الرٽ فوري طور مشهور شاعر زمان خاصخيلي کي سندس ڳوٺ وڃي آفيسر مالي مدد جو چيڪ ڏئي آيا رڳو اهو نه فوري طور صوبائي وزير جي گمس اسپتال جي انتظاميه سان ڳالھه زمان خاصخيلي جون گمس مان ٽيسٽون ڪرايون ويون ۽ سندس علاج گمس مان ڪرايو ويندو .  صوفي فنڪار سوڍل فقير جي بيماري جي وڊيو وائرل ٿيڻ وقت سيد ذوالفقار شاھ عمري تي ڀلي پار ويل هو اتان کان هدايتون جاري ڪيون جنهن سبب  فوري طور سوڍل فقير جي مالي مدد جو چيڪ کيس گهر پهچايو جيستائين سوڍل فقير تائين چيڪ نه پڳو مديني پاڪ مان سيد ذوالفقار شاھ آفيسرن سان رابطي ۾ انھن عملن مان ثابت ٿئي ٿو ته سيد ذوالفقار شاھ جي دل ۾ غريب فنڪارن لاءِ  ليکڪن . سگهڙن لاءِ  درد سمايل آھي ان سان گڏ پنھنجي کاتي جي آفيسرن توڙي ملازمن جو دل ۾ اونو رکي ٿو هاڻ ڊائريڪٽر آرڪائيوز مخدوم صاحب روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو فوري طور صوبائي وزير سندس وارثن سان رابطو ڪري تعزيت ڪئي ڪجهه  ڏينھن اڳ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جو چوڪيدار فوت ٿي ويو ته صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ ميڊيا ۾ تعزيتي بيان جاري ڪري وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.  اميد ڪجي ٿي ته صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ سنڌ جي سياحتي ماڳن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سنڌ جي سياحت کي دنيا جي اڳيان روشناس ڪرائيندو ثقافتي سرگرمين کي وڌائيندا هر ڊويزن ۾ ثقافتي ميلا ڪرائي سنڌ جي نوجوان فنڪارن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا ويندا .  سيد ذوالفقار شاھ جنھن انداز ۽ دلي لڳاءُ سان پنھنجي کاتي ۾ ڪم ڪري رهيو آھي اميد ته ثقافت کاتو سندس اڳواڻي ۾ پنھنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.