سنڌ ۾ ھر طرف بدامني جو راڄ آھي.سماجي زندگيءَ وڏي پئماني تي متاثر ٿي پئي، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آھي،باقي وچولي ۽ لاڙ جي ضلعن ۾ شايد ئي ڪو شھر يا روڊ رستو ھجي جنھن تان ماڻھو سلامتي سان گذري سگھندو ھجي.
ٻئي پاسي حڪومت جي جنھن بھ کاتي جو نالو کڻو ان ۾ بدعنواني ۽ڪرپشن جي ڪھاڻي ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي، ترقي ۽ اوسر تھ پنھنجي جاءِ تي پر ھاڻي سنڌ جو ماڻھو رواجي زندگيءَ گھارڻ کان بھ لاچار نظر اچي ٿو.
سنڌ اندر نالي ۾حڪومت آھي، ان وٽ انتظاميھ آھي،پوليس جو سسٽم آھي پر جيڪڏھن ويچارجي تھ نتيجو اھو ٿو نڪري تھ حڪومت جي ڪٿي بھ ڪا رٽ نظر نٿي اچي.جيتوڻيڪ بيانن جي ڀيٽ ڪبي تھ اختيارين وٽ ان جا بھتر سبب ۽ دليل ھوندا پر عملي طور جيڪا صورتحال آھي ان کي ڏسندي ڪو بھ ماڻھو حڪومتي موقف جي تائيد ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.
ڪنڌڪوٽ مان مھينو اڳ بينڪ جي اغوا ٿيل پنجن ملازمن جي وارثن انڊس ھاءِ وي ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻو ھنيو،جن جو چوڻ ھو تھ پوليس توڻي انتظاميھ سندن پيارن کي واپس ڪرائڻ جي لاءِ ڪو تحرڪ نھ ورتو آھي،جنھن ڪري اھي سخت ذھني عذاب ڀوڳي رھيا آھن،جيڪڏھن ڪنھن اغوا ٿيل ماڻھو جي بازيابي جي لاءِ حڪومت ۽ ان جي انتظاميھ عملي طور ڪو قدم نھ کڻندي تھ متاثر ماڻھن ۾ حڪومت جي خلاف نفرت پئدا ٿيندي.ٻئي طرف عوام منجهھ اھو تاثر پئدا ٿيندو تھ حڪومت ناڪام ٿي وئي آھي.
ڪنڌ ڪوٽ اھڙو علائقو آھي جتي ڌاڙيلن جي ڪاررواين عوام جو جئين جنجال بڻائي ڇڏيو آھي،شايد ئي ڪو ڏينھن خالي ھجي جڏھن جو ماڻھو اغوا نھ ٿيندو ھجي.عرصي کان اھو سلسلو جاري ۽ ساري آھي، ھاڻي تھ اھو سڀ ڪجھه معمول جو حصو لڳي ٿو،سرڪار ان تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آھن ۽ عوام کي پوليس ۽ انتظاميھ مان ڪو بھ آسرو نھ رھيو آھي.جنھن ڪري ڪيترائي ئي ڪيس رپورٽ نٿا ٿين، ھن بدقسمت علائقي جي ماڻھون ڪنھن جي اغوا کي قسمت جو لکيو سمجھي اھو سور سھن ٿا ۽ مغوي جي موٽائڻ لاءِ راڄوڻي طريقي سان ڪوشش ڪن ٿا.ڇاڪاڻ جو پوليس ۽ عدليھ واري سسٽم تان ماڻھن جو ارواح ئي کڄي ويو آھي.
ڌاڙيلن جي ڪنھن غيرمعمولي واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ يا ان جي سوشل ميڊيا تي سامھون اچڻ بعد ان جو ڪو نوٽيس ورتو وڃي ٿو،جنھن ۾ بھ وارثن کي آٿت ڏئي ڪري پوليس وري پنھنجي رواجي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي.جنھن ڪري ان پاسي جي ماڻھن تي حڪومت ۽ پوليس تي ڪو بھ اعتبار نھ رھيو آھي،جنھن جي معنيٰ آھي تھ عوام جو حڪومت ۽ پوليس تان ڀروسو ختم ٿي ويو آھي.
بينڪ ملازمن جي وارثن جي ڌرڻي دوران ايس ايس پي ٽن ڏينھن اندر مغوي واپس ڪرائڻ جي لاءِ وقت ورتو آھي،سوال ھي آھي تھ ھڪ مھيني کان واپس نھ ٿي سگھندڙ مغوي ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن واپس ٿي سگھن ٿا. ان سطح جي آفيسرن کي رڳو ھڪڙو اھو طريقو سمجھه ۾ اچي ٿو تھ جڏھن بھ اھي ڪنھن نھ ڪنھن سبب جي سوڙھي ۾ اچن تھ عوام کي آٿت ڏئي ڪري انھن کي ٿڌو ڪن باقي مغوي وري ڪھڙا بازياب ٿيڻا آھن !
اھو رواج گھڻو پراڻو آھي، جنھن مان ماڻھون بيزار ٿي ويا آھن.بھتر ڳالهھ آھي تھ پوليس حقيقت ۾ ڪو عملي تحرڪ اختيار ڪري بينڪ جي اغوا ٿيل پنجن ڄڻن کي موٽائي اچي،پر ھن کان اڳ ھر ڪيس ۾ عوام کي مليل سکڻن آسرن جي ڪري ماڻھن کي اھڙي ڪنھن ڳالھھ تي اعتبار نھ رھيو آھي.
گلاب ڏھاڻي،الطاف گولو،محمد عالم گولو،شاھنواز نصيراڻي ۽ فرمان گولو کي مھينو اڳ اغوا ڪيو ويو ھو،جنھن خلاف وارثن احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آھن پر اختياريون انھن کي ليکي ۾ آڻڻ لاءِ تيار نھ آھن.
وقت جي حڪومت کي عوام جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت واري اصول کي ڪڏھن ڪڏھن عملي جامعو پڻ پارائڻ گھرجي جئين عوام اھو آسرو ٿئي تھ سنڌ ۾ ڪا حڪومت بھ آھي.
جنھن طريقي سان سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ھلي رھي آھي ان مان تھ ڪنھن بھ ريت اھو ظاھر نٿو ٿئي تھ ڪٿي حڪومت جي رٽ آھي،جنھن سان اھو تاثر اڀري ٿو تھ حڪومت جي ھٿ ۾ ڪجھه بھ نھ آھي پر ڪا ٻي قوت حڪومت جي اختيارن کي ڪتب آڻي رھي آھي.
توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار پنھنجي رٽ قائم ھئڻ جو احساس ڏياريندي ۽ ڏوھارين خلاف عملي ڪارروائي ڪري عوام جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائيندي.
سنڌ جي ھاري کي بارداڻو نه مليو
سنڌ جي مختلف علائقن مان ھاري ناري شڪايت ڪري رھيا آھن تھ حڪومت کين ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ بارداڻو ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھي.شھدادڪوٽ ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ سوين آبادگارن جدا جدا احتجاجي مظاھرا ڪري خوراڪ کاتي خلاف نعربيازي ڪئي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪا بھ دلچسپيءَ نٿي رکي،جنھن ڪري ھنن جي لکين رپين جي ڪڻڪ برباد ٿي رھي آھي.ھنن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ واپارين ۽ پنجاب جي ماڻھن کي بارداڻو ڏئي ڪري حڪومت انھن کي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ھدف ڏنو آھي.جيڪي سستي اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪن ٿا،جنھن سان ھارين ۽ آبادگارن کي ڳاٽي ٽوڙ نقصان ٿي رھيو آھي.
آبادگارن ۽ ھارين جي اھا بھ دانھن ھئي تھ ھن دور ۾ ڪڻڪ جي في ايڪڙ پئداوار تي ان ڪري لاڳت وڌي وئي آھي جو ھر،ٻج،ڀاڻ ۽زرعي دوائن جو استعمال ٿئي ٿو.جنھن سان في ايڪڙ تي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خرچ اچي ٿو ۽ حڪومت پاران ڏنل اگھن سان ھنن کي نقصان ٿي رھيو آھي مٿان وري حڪومت سندس مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري اھي بي وس ۽ لاچار ٿي ويا آھن.
متاثر ھارين ۽ آبادگارن اختيارين کي اپيل ڪئي تھ بنا رعايت جي سمورن ھارين ۽ ننڊن زميندارن کي بارداڻو ڏئي ڪري ھنن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي ۽ انھن جي ٿيندڙ نقصان کان بچايو وڃي.