ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ماڻيل اخلاقي فتح

رپورٽون آهن ته سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا وسانائيڪي جي درخواست تي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت سان کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته بنگلاديش سان ايڪتا جي اظهار طور پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو. بنگلاديش ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي ورلڊ ڪپ جا پنهنجا ميچ سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا آءِ سي سي ٿورو وقت بچڻ جو سبب ڄاڻائي رد ڪئي هئي. جنهن بعد آءِ سي سي بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ايونٽ ۾ شامل ڪري ورتو. جيستائين پاڪستان جي ڀارت سان نه کيڏڻ جو معاملو هو ته ذريعن موجب ان سان ورلڊ ڪپ جي ٽورنامينٽ ۾ آءِ سي سي کي وڏو مالي نقصان رسي رهيو هو. بهرحال آءِ سي سي ۽ سريلنڪا جي ڪوششن سان پاڪستان راضي ٿي ويو آهي. ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته آءِ سي سي ۽ سريلنڪا جا عملدار جيئن ته گهر آيا تنهن ڪري گهر آيل مهمانن کي عزت ڏني سين. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان کي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي درخواست ڪئي هئي. هوڏانهن پاڪستان، آءِ سي سي ۽ سريلنڪا جي عملدارن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي بنگلاديش تي ورلڊ ڪپ نه کيڏڻ واري فيصلي تي ڪو ڏنڊ نه لڳندو. آءِ سي سي اهو به اعلان ڪيو آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ايونٽ جي ميزباني پڻ ڪندو.

اسان پاڪ ڀارت جي ڪرڪيت لاڳاپن تي پهريون به ايڊيٽوريل لکيو هو جنهن ۾ پنهنجو خيال اهو هو ته ڀارت جي انتها پسند حڪمران جماعت جي انتها پسند وزيراعظم نريندر موديءَ ڪرڪيٽ ۾ به جيڪا انتها پسندي آندي آهي تنهن جي پاڪستان کي پيروي نه ڪرڻ گهرجي. اسان اهو به لکيو هو ته ڪرڪيٽ ۾ ڀارت طرفان آيل انتها پسندي جي ذميوار پاڻ آءِ سي سي آهي، جنهن هميشه ڀارت کي من ماني ڪرڻ ڏني آهي. ان حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ اهو ته بهتر ٿيو ته ڪرڪيٽ جي ڪنهن ملڪ ڀارت جي ان انتها پسندراڻي ر ويي جي ڪرڪيٽ ۾ ئي نشاندهي ڪئي آهي ۽ اڻ سڌي طرح انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڀارت کي نشانو بڻايو آهي. پاڪستان طرفان ان قسم جي اڳڀرائي تڏهن ٿي جڏهن بنگلاديش جي هڪ رانديگر خلاف ڀارت ڪارروائي ڪئي ۽ ان نتيجي ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم فيصلو ڪيو ته اها به پوءِ ڀارت ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ نه ويندي ۽ اها پاڪستان وانگر سريلنڪا ۾ پنهنجون سڀ ميچون کيڏندي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اها روايت ڀارت جي ئي قائم ٿيل آهي جنهن تي هاڻي جڏهن ڪرڪيٽ جون ٻيون ٽيمون عمل ڪن ٿيون ته آءِ سي سي کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ پوءِ ان شرمندگيءَ ۾ اها پاڪستان ۽ بنگلاديش جي معاملي ۾ دفاعي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.

آءِ سي سي پاڪستان ۽ بنگلاديش سان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ جيڪي فيصلا ڪيا آهن  تنهن ۾ بظاهر ڀارت کي ڪو نقصان نه رسيو آهي پر اڻ سڌي طرح اهو نشاني تي ضرور آيو آهي. جڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ته ان اشو تي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو، خود انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين به پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ ۾ سياست کي نه آندو وڃي. ڀارت ۾ به ان معاملي تي ميڊيا اندر وڏو بحث مباحثو ٿيو، جيڪو اڳ ۾ نه پيو ٿئي. آءِ سي سي به شايد ڀارت خلاف ڪو ردعمل ان ڪري به نه ڏيکاريو آهي جو ڀارت موجوده ورلڊ ڪپ جو ميزبان آهي تنهن ڪري ان سوچيو هوندو ته هي ٽورنامينٽ خير سان ٿي وڃي پوءِ ممڪن آهي ته آءِ سي سي ان معاملي تي ڀارت سان به ڳالهائي. اسان سمجهون ٿا ته ڀارت سان ورلڊ ڪپ ۾ احتجاج طور نه کيڏڻ واري فيملي سان پاڪستان هڪ ئي تير سان ڀارت سان گڏ آءِ سي سي کي به نشانو بڻايو خاص ڪري ڀارت کي نشانو بڻائي ان ڪرڪيٽ ۾ ڀارت خلاف اخلاقي فتح حاصل ڪئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن آءِ سي سي ايئن ئي ڀارت سان رعايت ڪندو رهندو ته پوءِ ڪرڪيٽ جو هي نظام نه هلي سگهندو، تنهن ڪري آءِ سي سي کي هاڻي ڪرڪيٽ ۾ ملڪي سياست جي داخلا تي پابندي لڳائڻي پوندي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا آءِ سي سي جي جيڪا عزت رکي آهي ۽ ان جي چوڻ تي ورلڊ ڪپ جو هي ٽورنامينٽ متاثر ٿيڻ کان بچيو آهي ته هاڻي آءِ سي سي کي موقعو آهي ته اها ڀارت کي به ڊسيپلين ۾ آڻي. ٻي صورت ۾ ڀارت سان نه کيڏڻ جو ممڪن آهي ته اهو سلسلو برقرار رهي.

پاڪستان، سريلنڪا، آءِ سي سي ۽ بنگلاديش جي چوڻ تي اهو درست فيصلو ڪيو ته ان ڀارت واري سياست ۽ انتها پسندي کي ر د ڪندي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي حصي جو ڊسيپلين آندو ۽ آءِ سي سي کي به اهو پيغام ڏنو ته جيئن اسان ڪرڪيٽ ۾ سياست کي ناهي آندو تيئن ڀارت کي به مجبور ڪيو وڃي ته اهو ڪرڪيٽ جي روح کي متاثر نه ڪري ۽ ملڪي سياست کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪري. ڀارت اندر به هڪڙن سنجيده حلقن کي گهرجي ته اهي ڀارت جي انتها پسند سياست کي رد ڪن ۽ ڀارت جي پراڻي سيڪيولر ۽ جمهوري ڪردار کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. کين اهڙي جرئت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نه ته ڀارت کي ئي ان جو مستقبل ۾ نقصان رسندو. جيئن اهي به خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون ته اولمپڪ راند جون اختياريون ڀارت جي راندين ۾ ادا ڪيل انتها پسند ڪردار تحت اولمپڪ ۾ سندس ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو سوچي رهي آهي. ائين ڀارت کي سڄي دنيا اندر سياست توڙي راندين ۾ سخت مزاحمت ۽ شرمساري پلئه پئجي سگهي ٿي جيڪا نوبت جيڪر نه اچي ته اهو بهتر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.