پاڪستان نوڪرين جا موقعا پيدا نه ڪيا ته عدم استحڪام جاري رهندو: عالمي بئنڪ جو صدر

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ) عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا چيو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ ڏهه سالن دوران لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ نوڪريون پيدا ڪرڻيون پونديون، ته جيئن وڌندڙ نوجوان آبادي کي معاشي فائدي ۾ تبديل ڪري سگهجي، ٻي صورت ۾ ملڪ کي عدم استحڪام ۽ پرڏيهه لڏپلاڻ جي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو۔رائٽرز کي ڏنل انٽرويو ۾ اجي بنگا چيو ته پاڪستان عالمي بئنڪ سان گذريل سال طئي ٿيل 10 سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (CPF) معاهدي جي عملدرآمد واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ساڳئي وقت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان به گڏ ڪم ڪري رهيو آهي،هن چيو ته پرائيويٽ سرمائي تي ڌيان ڏيڻ جو سبب پاڪستان جي محدود سرڪاري خرچ ڪرڻ جي صلاحيت ۽ حقيقت آهي ته تقريباً 90 سيڪڙو نوڪريون پرائيويٽ سيڪٽر پيدا ڪري ٿو،هن ٻڌايو ته مزدورن تي ڀاڙيندڙ شعبا جهڙوڪ انفراسٽرڪچر،صحت ،سياحت ۽ ننڍي پيماني واري زرعي شعبو سڀ کان وڌيڪ روزگار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا۽ انگن اکرن موجب رڳو زراعت ئي 2050 تائين پاڪستان لاءِ گهربل نوڪرين جو تقريباً ٽيون حصو مهيا ڪري سگهي ٿي۔بنگا پاڪستان ۾ وڌندڙ فري لانسرن جي انگ کي مضبوط ڪاروباري روح جو ثبوت قرار ڏنو ۽ چيو ته ننڍن منصوبن کي نوڪريون پيدا ڪندڙ ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بهتر سرمائي ۽ انفراسٽرڪچر جي رسائي جي ضرورت آهي۔بنگا چيو ته پاڪستان جي ڏکئين حالتن واري بجلي واري شعبي کي درست ڪرڻ سڀ کان اهم چيلينج آهي، جنهن ۾ وڏو نقصان، ڪمزور بل وصولي ۽ بجلي جي ورڇ ۾ وڌندڙ قرض شامل آهن۔هن چيو ته جيڪڏهن اصلاحات پوئتي رهجي ويون ته تيز رفتاري سان ڇت تي سولر جي تنصيب گرڊ کي بي ترتيب ڪري سگهي ٿي۔بنگا پاڪستان کي صلاح ڏني ته موسمياتي طور مضبوط ٿيڻ کي الڳ مسئلي طور نه پر بنيادي ترقياتي خرچ ۾ شامل ڪيو وڃي۔پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطري وارن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو بار بار ٻوڏن، تيز گرمي جي لهرن ۽ تيزبرساتن جا نتيجا ڀوڳي چڪو آهي،هن چيو ته انفراسٽرڪچر، هائوسنگ، پاڻي ۽ زرعي شعبن ۾ مضبوط ٿيڻ جو انتظام ڪيو وڃي،هن چيو ته پاڪستان معاشي دٻاءَ جي باوجود، ڊگهي مدي لاءِ ترقي جو موقعو حاصل ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.