2 ارب ڊالر قرض جي رول اوور لاءِ وزيراعظم کي منٿ ڪرڻي پئي

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)گڏيل عرب امارات 6.5 سيڪڙو موجوده وياج جي شرح تي ميچور ٿيل 2 ارب ڊالر جو قرض صرف هڪ مهيني لاءِ رول اوور ڪري ڇڏيو آهي۔ هي 2 ارب ڊالر پاڪستان جي مجموعي 16 ارب ڊالر پرڏيهي ناڻي جي ذخيري جو حصو آهن، ۽ موجوده شرح موجب پاڪستان ان قرض تي ساليانو لڳ ڀڳ 13 ڪروڙ ڊالر وياج ادا ڪري ٿو۔ذريعن موجب هي پهريون ڀيرو آهي جو يو اي اي قرض صرف هڪ مهيني لاءِ رول اوور ڪيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ قرض عام طور تي هڪ سال لاءِ وڌايو ويندو هو۔وفاقي حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ جي ذريعن ٻڌايو ته يو اي اي هڪ، هڪ ارب ڊالر جا ٻه قرض هڪ مهيني لاءِ رول اوور ڪيا آهن، جن مان هڪ قرض 16 جنوري ۽ ٻيو 22 جنوري تي ميچور ٿيڻو هو۔ذريعن موجب قرض جي مدي ۽ وياج جي شرح بابت وڌيڪ ڳالهين لاءِ اهي قرض هڪ مهيني لاءِ رول اوور ڪيا ويا آهن۔ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ڊسمبر مهيني ۾ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ عالمي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي بنياد تي يو اي اي کان ٻن سالن لاءِ 3 سيڪڙو شرح تي قرض رول اوور ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف پڻ يو اي اي جي صدر کان قرض واپسي جي مدت وڌائڻ جي اپيل ڪئي هئي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قرض واپس ڪرڻو پيو ته پيدا ٿيندڙ خال کي ڪنهن ٻئي ذريعي ڀرڻو پوندو۔ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قرض جي مدت ۽ ميچورٽي بابت صورتحال واضح ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.