نيروبي (ويب ڊيسڪ( ڪينيا ۾ هڪ عورت وڻ کي ڀاڪر پائڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ماحولياتي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ 22 ورهين جي ٽروفيـنا موٿوني هڪ وڻ کي 72 ڪلاڪن تائين ڀاڪر پائي پنهنجو نالو گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪرائي ورتو.
ان کان اڳ گهانا جي فريڊرڪ بوڪي اِهو رڪارڊ 50 ڪلاڪ، 2 منٽ ۽ 28 سيڪنڊ تائين وڻ کي ڀاڪر پائي پنهنجي نالي ڪيو هو.
واضح رهي ته فيبروري 2025 ۾ ٽروفينا موٿوني هڪ وڻ کي 48 ڪلاڪن تائين ڀاڪر پاتو هو جنهن بابت هن گنيز ورلڊ رڪارڊ کي ٻڌايو هو ته پهرين ڪوشش بنيادي طور هڪ آزمائش هئي.
سندس چوڻ هو ته ٻي ڪوشش عزم جي علامت هئي ۽ اسان کي اهو احساس ٿيو ته دنيا کي ان جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ اهو ڏيکارڻ ضروري آهي ته ڌرتيءَ جو خيال رکڻ گهرجي.