ٻه سئو سال پراڻو رڪارڊ چٽ، ماسڪو برف جي اَڇي چادر ۾ ڍڪجي ويو!

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ هلندڙ مهيني دوران ٿيل برفباري سبب 200 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 30 لک آبادي واري شهر ۾ شديد برفباري سبب مرڪزي علائقن جي روڊن تي برف جا وڏا ڍير لڳي ويا، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ماسڪو جي ڀرپاسي هلندڙ مسافر ٽرينون به رولڙي جو شڪار ٿي ويون، جڏهن ته گاڏيون ڊگهي ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيون آهن.
ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي موجب، جنوري ماسڪو لاءِ انتهائي ٿڌو ۽ غير معمولي طور تي وڌيڪ برفباري وارو مهينو رهيو.
يونيورسٽي جي موسمياتي آبزرويٽري موجب، 29 جنوري تائين اٽڪل 92 ملي ميٽر برسات ۽ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل 203 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ آهي.
ان کان اڳ هلندڙ مهيني روس جي اوڀرندي علائقي ڪامچاٽڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ ٻه ٻار عمارتن تائين برف جا ڍڳَ نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته روڊن تي بيٺل گاڏيون مڪمل طور برف هيٺان دٻجي ويون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.