رني ڪوٽ جي سن دروازي جو خوبصورت منظر

تحرير: امين جويو

ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ ڄامشوري ضلعي ۾ سن شهر جي سامهون اولاهين پاسي موجود آهي . سنڌ جو هي قديم سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ ساڍا ٻٽيهه ڪلوميٽر هم چورس ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي . هن جا ٻه مُک دروازا ، هڪ ڳُجهو دروازو ۽ ٽي عدد ٻيا لنگهه موجود آهن.

جڏهن ڪو به شخص رني ڪوٽ جو ذڪر سوشل ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا تي ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ، تڏهن گهڙي کن لاءِ سندس ذهن رني ڪوٽ ڏانهن َضرور ڇڪجي وڃي ٿو. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي آئون هتي رني ڪوٽ بابت مختصر ڄاڻ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن پهريون ڀيرو رني ڪوٽ ڏانهن ويندڙ ماڻهن ۽ ڳچ وقت کان پوءِ ويندڙ ماڻهن کي خبر پوي ته آخر رني ڪوٽ ڪٿي آهي ؟ اتي ڪيئن وڃجي ۽ پاڻ سان گڏ ڇا ڇا ساڻ کڻجي ته جيئن ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي .

  1. رني ڪوٽ ڏانهن ويندڙن کي سڀ کان پهريان ته وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته کين پنهنجي ذاتي گاڏيءَ ۾ وڃڻ گهرجي پوءِ ڀلي اها کڻي موٽر سائيڪل ئي ڇو نه هجي ! ان جو سبب اهو آهي ته ڀاڙي تي ڪيل گاڏين جا ڊرائيور ، اوهان کي رني ڪوٽ اندر موجود ڪجهه جاين ڏانهن نه وٺي هلندا ! جنهن جا ڪجهه سبب آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ ، هن ئي مضمون ۾ ڄاڻايا ويندا.
  2. رني ڪوٽ ۾ موجود پرين واري تڙ ، شير ڳڙهه ۽ ڪجهه ٻين جاين طرف پيرين پنڌ وڃڻو پوندو آهي ، ان ڪري سياحن کي گهرجي ته اهڙي قسم جا جوتا ( جوگرس ) ۽ ٻيو سامان پاڻ سان گڏ لازمي طور تي کڻن .

مثال ؛ ( فرسٽ ايڊ باڪس ، گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڇَٽي ، سج جي روشني کان بچاءَ لاءِ چشما ”سن گلاسز“ ، پاڻي ۽ جوس وغيره (

  1. رني ڪوٽ گهمڻ لاءِ بهترين مهينا ڊسمبر کان اپريل تائين وارا هوندا آهن. باقي مهينن ۾ وڃڻ جو شوق رکندڙن کي ذهني طور تي سخت گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ، پوءِ وڃڻ گهرجي.
  2. هڪ ڏينهن ۾ سمورو رني ڪوٽ ڏسڻ جي خواهش رکندڙن کي ڏاڍي مايوسي ٿيندي! جڏهن به وڃجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ وڃجي ۽ اتي گهڻي کان گهڻو گهمڻ ۽ رني ڪوٽ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
  3. هاڻ رني ڪوٽ اندر رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام موجود آهي ، سو سياحن کي ان ڳالهه جو ڪو به کٽڪو نه هجڻ گهرجي.
  4. ٻي سٺي خبر اها آهي ته تازو سن کان رني ڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ نئين سِر ٺهي رهيو آهي ۽ رني ڪوٽ اندر موجود نامڪمل پليون پڻ ان پروجيڪٽ ۾ مڪمل ڪيون وينديون.
  5. رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ مهل ، سن دروازي وٽ هڪ تمام وڏي ۽ ڏُکي لاهي موجود آهي ، جنهن کي اُڪرڻ وقت ڊرائيور حضرات کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي.
  6. رني ڪوٽ ۾ ڪٿي ڪٿي پِني ٻوڙَ پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ، جنهن مان آرام سان گذري سگهجي ٿو ۽ ان پاڻيءَ منجهان گذرڻ ۾ ڪو به خوف يا خطرو نه هوندو آهي ، پر تنهن هوندي به احتياط سان گذرڻ گهرجي.
  7. رني ڪوٽ اندر ۽ اوسي پاسي جي پنجٽيهه ڪلوميٽرن اندر طبي امداد جي ڪا به سهولت موجود نه آهي ، ان ڪري سياحن کي پاڻ سان گڏ فرسٽ ايڊ باڪس لازمي کڻڻ گهرجي ۽ احتياط سان گهمڻ گهرجي.
  8. هن وقت رني ڪوٽ اندر ڪو به گائيڊ يا سُونهون موجود ڪونه آهي ، تنهن ڪري سياحن کي اول ته رني ڪوٽ جا نقشا ، ماڳ ۽ ٻيون جايون ڏسڻ جو تعين ڪري پوءِ وڃڻ گهرجي.
  9. پنهنجي گاڏيءَ ۾ وڃڻ جي سوچ رکڻ وارن کي ، پنهنجي گاڏي ، پنهنجي سامان ۽ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن منهنجي مٿي ڏنل سڀني صلاحن تي عمل ڪيو وڃي ته آئون سمجهان ٿو ، رني ڪوٽ جو سفر آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.

رني ڪوٽ سنڌ جو اهڙو پراسرار ۽ حيرت انگيز قديم ثقافتي ورثو آهي جنهن جي سار سنڀار لهڻ گهرجي ، مختلف سببن جي ڪري رني ڪوٽ جي ڪجهه ڊهيل بُرجن ۽ ڀِتين کي ٻيهر ٺهرائڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ٽوئراِزم ، انٽيڪئٽيز ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي گڏجي سڏجي رني ڪوٽ کي دنيا جي آڏو هڪ ٽوئرازم جي جاءِ طور متعارف ڪرائڻ گهرجي ۽ سياحن لاءِ عالمي سطح جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ گهرجن ، ان کان پوءِ ئي رني ڪوٽ کي يونيسڪو وارن جي ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽس“ واري لسٽ ۾ شامل ڪرائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.