پيپلزپارٽي جو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ اختيار جو سوال

پاڪستان پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.ميڊيا موجب اھو فيصلو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ ڪيو ويو آھي.ساڳئي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پ پ پ جي گورنرن جي مقرري جو به فيصلو ٿيو، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي پنجاب لاءِ سليم حيدر ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ فيصل ڪريم ڪنڊي جي نالن جو اعلان ڪيو آهي.

ھن کان اڳ اڳوڻي پي ڊي ايم واري حڪومت ۾ بھ اھي ڌريون اقتدار ۾ گڏ رھيون آھن،پ پ پ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بابت اڳڪٿييون ٿي رھيون ھيون،ان لاءِ وقت بوقت پ پ پ جا حلقا پڻ اھڙا اشارا ڏئي رھيا ھئا.

اقتدار ۾ ملڪ جي ٻي وڏي جماعت جو شامل ٿيڻ توڻي جو بھتر ڳالھھ آھي پر اصل معاملو اقتدار جي ان اختيار جو آھي،جيڪو ھاڻوڪي حڪومت وٽ نھ ھئڻ برابر آھي،ٻيو تھ گڏيل حڪومت ھئڻ جي ڪري ڌرين کي ھڪ ٻئي جي تڪليف ۾ رھندي آزاد فيصلن ڪرڻ ۾ ھٻڪ محسوس ٿيندي آھي،جنھن ڪري معاملن جي بھتري جو امڪان گھٽ ئي رھي ٿو.

ھاڻوڪي حڪومت کي ھاءِ برڊ حڪومت سڏيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ وري پي ڊي ايم ٽو جو نالو ڏنو ويو آھي،جنھن ڪري اھو خيال آھي تھ ان حڪومت ۾ پڻ پرڏيھي،ڏيھي توڻي ڪيترن ئي شعبن ۾ جاري پراڻين پاليسين جو تسلسل رھندو.ان سبب ڪنھن بھ جماعت سميت خود پ پ پ کي اھڙو ڪو موقعو نھ ملندو جيڪا اھڙي ڪا پاليسي اختيار ڪري سگھي جنھن سان عوام کي ڪو گھڻو فائدو ملي،جنھن جو مطلب اھو ٿيندو تھ اڳي ئي عوام ۾  محدود ٿي ويندڙ پ پ پ پارٽي عوام جي اندر پنھنجو اثر وڌيڪ شايد ئي وڌائي سگھي.

ھن کان اڳ  اپريل 2022ع ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي آصف زرداري جي دماغي پيداوار چيو پيو وڃي.عمران خان کي اقتدار تان هٽائڻ کان پوءِ چونڊن جو آپشن وٺڻ بدران اڌوري قومي اسيمبليءَ مان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ معاشي استحڪام جي نالي تي اتحادي حڪومت قائم ڪئي وئي. مسلم ليگ (ن) خاص طور تي ان جي تمام وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهي آهي.

جنھن ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي اقتدار جي آخري ڏينھن ۾ جيتري غيرمقبول ھئي ھن وقت وري ٻنھي وڏين جماعتن کان گھڻي مقبول ٿي وئي آھي،تحريڪ انصاف ٻنهي وڏين سياسي پارٽين جي ان غلط سياسي پاليسي جو فائدو ورتو.

ھڪ عام تاثر ھي آھي تھ ملڪ ۾ ڪا بھ چونڊ آزاد نموني نھ ٿي آھي پر ھاڻوڪي 8 فيبروري جي چونڊ  اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن،جيتوڻيڪ ھن وقت مسلم ليگ ن جي اڳواڻي ۾ قائم حڪومت ڪم ڪري رھي آھي پر ان جي سياسي ساک تي لڳل داغ لاھڻ ڏکيو آھي.مٿان وري پ پ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ  سان اھا ڳالهھ يقين ۾ بدلجي ويندي تھ اھي پارٽيون اقتدار جي لاءِ ھٿ پير ھڻنديون رھن ٿيون.

حڪومت لاءِ ھن وقت سياسي استحڪام سان گڏ معاشي مضبوطي وڏا چئيلنج آھن.جن کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ تاحال ڪو بھ اھڙو پروگرام يا پاليسي نظر نھ پيا اچن.معيشت کي مضبوط ڪرڻ،بيروزگاري ختم ڪرڻ،ٻاھرين سيڙپ آڻڻ ۽ عوام جي بھتري جي لاءِ عملي قدم کڻڻ اھم معاملا آھن.

اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ  بلاول ڀٽو زرداريءَ چونڊ مهم ۾ ن ليگ خلاف مھم ھلائي ھئي ۽ ھاڻي وري ان ساڳي جماعت سان گڏ اقتدار ۾ شامل ٿي رھيو آھي.جنھن سان عوام ۾ سندس ساک متاثر ٿي سگھي ٿي،جڏھن پ پ پ اڳواڻ اھو چوندو ھو تھ ملڪ ۾ آيل مھانگائي جي طوفان جي لاءِ ذميوار ن ليگ وارا آھن، اھا ڳالھھ عوام جي لاءِ سمجھڻ ڏکي ھئي.

ھڪ پاسي اھو سمجھيو پيو وڃي تھ اسٽيبلشمينٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي روڪڻ جي لاءِ سمورا طور طريقا اختيار ڪيا،ٻئي پاسي اھو بھ عام خيال آھي تھ ن ليگ کي خاص مھرباني سان سيٽون کٽرايو ويون.تازي مخصوص سيٽون، پي ٽي آءِ، کي نھ ملڻ جو اصل مقصد حڪمرانن کي ايوان ۾ ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ڏيارڻ ھو. جئين انھن کان گھربل آئيني ترميمون ۽ تبديلون ڪرايون وڃن.

مٿان وري ھن وقت اقتدار  ۾ شامل ٿيڻ  جو ھڪڙو مطلب اھو ورتو پيو وڃي تھ اھا جماعت به اسٽيبلشمينٽ کي ائين خوش ڪرڻ چاهي ٿي،جيئن شهباز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) فوجي قيادت کي راضي ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي.

ملڪ جي سياسي ماحول تي نظر رکندڙ پنڊتن جو خيال آھي تھ پ پ پ جي ڪوشش ھوندي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالھين ۾ مصروف ڪجي ۽ حڪومت مخالف ايجنڊا جي شدت کي گھٽ ڪجي،پر ٻئي پاسي ھن وقت تائين پي ٽي آءِ، جي اعلان ۾ اھو چٽو ڪيو ويو آھي تھ اھا اسٽيبلشمينٽ سان ئي ڳالھيون ڪندي.جنھن ڪري ان جو امڪان گھٽ ئي نظر اچي ٿو.اقتدار ۾ پ پ جي شامل ٿيڻ سان مسلم ليگ ن تي ٿيندڙ تنقيد ڪنھن حد تائين ان تان گھٽجي پ پ پ ڏانھن منتقل ٿيندي،جڏھن تھ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڊھڻ وارو خطرو ڪنھن حد تائين گھٽ ٿيندو.

پ پ پ جي اھڙي فيصلي جي صورت ۾ اھو سمجھيو ويندو تھ ھاڻي خود پ پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي ھڪڙي ئي صف ۾ شامل ڪيو ويندو.جنھن سان ٻنھي ڌرين کي اقتدار جي لاءِ ڪنھن  بھ حد تائين وڃڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل ڪيل ڌر تصور ڪيو ويندو.

ان ڪري اھڙي عمل سان مسلم ليگ ن فائدي ۾ رھندي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي نقصان ۾ ويندي.ڇاڪاڻ جو پيپلزپارٽي جي ھڪ جرئت مندي وارو سياسي ڪردار محدود ٿي وڃڻ جو خطرو پئدا ٿي ويندو.

سياسي ڌريون پنھنجي جوھر ۾ عوام جون نمائندگي ڪندڙ ۽ عوام جي امنگن جون ترجمان ھونديون آھن،پر اھو تسلسل نھ رھڻ سان سياسي جماعتن کان  عوام نھ رڳو پاسيرو ٿي ويندو بلڪھ ان سان عوام وري ڪنھن مزاحمت جي بيانئي واري سياسي ڌر ڏانھن واجھائيندو.جنھن جو اقتدار ۾ شامل سياسي جماعتن کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.