راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل پاڪستان ۾ ئي تيار ڪيو ويو آهي، اهو ميزائل سامونڊي ۽ زميني هدفن کي اعليٰ درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل شاندار گائيڊنس ۽ اهم بيهڪ رکندڙ آهي، ٽيسٽ فلائٽ جو مشاهدو نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سينيئر سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪامياب تجربو پاڪستان جي ٽيڪنيڪي مهارت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪ بحريا جي پختي عزم جو ثبوت آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته صدر، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ڪامياب تجربي تي شريڪ يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي.
You might also like