اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آسٽريلين هاءِ ڪميشن پاڪستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان آسٽريلوي ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ هاڻ وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي.
آسٽريلين هاءِ ڪميشن موجب آسٽريلين اميگريشن ايپ اِمي هاڻ پاڪستان ۾ به اچي وئي آهي، جنهن سبب آسٽريليا جي ويزا وٺڻ جو طريقي ڪار هاڻ اڳ کان آسان ٿي ويو آهي.
آسٽريلين هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته اها ايپ پاڪستان جي ماڻهن جو وقت ۽ پيسو به بچائيندي، جيڪڏهن ڪنهن اڳ ۾ پنهنجي بائيوميٽرڪ آسٽريلين اداري کي ڏني هجي ۽ ان وٽ درست پاسپورٽ هجي ته ٻيهر بائيوميٽرڪ سينٽر وڃڻ جي ضرورت ناهي.
آسٽريلين هاءِ ڪمشنر ٽم ڪين چيو ته ايپ ذريعي پاڪستاني سياح، شاگرد يا ورڪ ويزا جا خواهشمند اپلاءِ ڪري سگهن ٿا، ايپ ذريعي درخواستگذار بنا ڪنهن اپائنٽمينٽ جي پنهنجو پاسپورٽ اسڪين ڪري سگهندو ۽ پنهنجي تصوير به ايپ ذريعي فراهم ڪري سگهندو.
هاءِ ڪمشنر موجب هاڻ اها ايپ 34 ملڪن ۾ هلي رهي آهي، ان ايپ کي سڄي دنيا ۾ آپريشنل ڪرڻ جو منصوبو 2026 جي منڍ ۾ مڪمل ٿي ويندو.
You might also like