ادب ۾ مزاحمت ناهي ٿيندي ڇا؟

تحرير: سامي ميمڻ

ادب هميشه انسان جي احساس، فڪر ۽ تجربي جو آئينو رهيو آهي، پر جڏهن اهو آئينو طاقت، خوف يا مفاد سان دُڌارجي وڃي، تڏهن سماج جي اصل صورت بگڙي وڃي ٿي. اڄ جڏهن دنيا سياسي، معاشي ۽ اخلاقي بحرانن مان گذري رهي آهي، تڏهن سوال اڀري ٿو ته جيڪڏهن ادب مان مزاحمت ختم ٿي وڃي، ته ڇا بچندو، ادب رڳو لفظن جو حسن نه آهي، بلڪه فڪر، شعور ۽ سچائيءَ جي اظهار جو آوزار آهي. اهو سماج جو ”ضمير“ آهي، جيڪو وقت جي ظلم، نابرابري ۽ منافقت جي خلاف آواز بڻجي ٿو. فلسفي سقراط کان وٺي شاعر شاهه لطيف تائين، اديبن جو ڪم هميشه انساني آزادي ۽ حق لاءِ جدوجهد رهيو آهي. ادب سماج کي سچ ٻڌائڻ جي تربيت ڏئي ٿو. اهو ماڻهن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ ظلم خلاف بيهڻ سيکاري ٿو.

سنڌ جو ادب هميشه مخالفت ۽ سچائيءَ جي علامت رهيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ بيدل جهڙا شاعر پنهنجن بيتن وسيلي ظلم، جبر ۽ طبقاتي نابرابري خلاف فڪري مزاحمت جو آواز بڻيا. شاهه لطيف جو ”مارئي“ دراصل مزاحمت جو استعارو آهي، جنهن وطن، وقار ۽ سچائيءَ تي سوديبازي نه ڪئي پاڪستان جي تاريخ ۾ جڏهن آمريت، سنسرشپ ۽ سياسي جبر وڌيو، تڏهن فيض احمد فيض، حبيب جالب، فهميده رياض، شيخ اياز ۽ سراج الحق ميمڻ جهڙا اديب سامهون آيا جن قلم کي تلوار بڻايو. انهن لفظن سان ظلم جي ڌرتي ڪپي ڇڏي. فيض جو قول هم پرورشِ لوح و قلم ڪرتي رهين گي، اڄ به ادبي مزاحمت جو نعرو آهي.

پر ساڳئي وقت، اهڙا به دور آيا جتي ڪيترائي ليکڪ ۽ شاعر خوف، مفاهمت يا مفاد پرستي جو شڪار ٿيا. آمريتن جي دور ۾ ڪيترن اديبن طاقتور حلقن سان قرب حاصل ڪرڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي، يا پنهنجي لکت کي ”غير سياسي“ جو نالو ڏئي پاسي ٿي بيٺا. اها بزدلي ادب جي روحن کي گهٽزور ڪيو ۽ لفظن مان حرارت ختم ٿي وئي. دنيا جي تاريخ ۾ ادب هميشه ظلم خلاف بيٺو آهي. فرانس جو وڪٽر هيگو، روس جو ٽالسٽاءِ، آمريڪا جو لانگسٽن هيُوز ۽ عرب دنيا جو محمود درويش  پنهنجي وقت جي استحصالي نظام خلاف فڪري بغاوت جو حصو بڻيا. ادب جي مزاحمت نه رڳو سياسي، پر انساني آزاديءَ، عورتن جي حقن، نسل پرستي ۽ استحصال خلاف پڻ رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو حقيقي ادب هميشه غيرمفائدي، غيرجانبدار ۽ سچو هوندو آهي هاڻوڪي دور ۾ جڏهن سماج ڊيجيٽل معلومات، سياسي پروپيگنڊا ۽ معاشي مجبورن جي جال ۾ ڦاٿل آهي، اديب به نون چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪيترا اديب پنهنجي تخليق کي ”غيرجانبدار“ رکڻ جي ڪوشش ۾ خاموش تماشائي بڻجي ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه اديب سوشل ميڊيا تي لفظي مزاحمت جاري رکيا پيا آهن به هر حال، سچ اهو آهي ته اڄ جو ادب طاقتور سياسي ۽ معاشي نظام جي اڳيان ڪمزور لڳي رهيو آهي.

جتي ڪتاب وڪرو جي منڊيءَ ۾ بدلجي ويا آهن، اديب جي ضمير تي به مارڪيٽنگ جو دٻاءُ آهي. نتيجي طور، فڪري آزادي محدود ۽ لفظ بي اثر ٿيندا پيا وڃن. سائنسي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته سماج هڪ زندھ نظام آهي، جيڪو توازن ۽ تبديلي ٻنهي تي ڀاڙي ٿو. ادب ان نظام جو ”اخلاقي مدافعتي نظام“ آهي  جيڪڏهن اهو ڪمزور ٿي وڃي ته سماج ۾ بيماري وڌي وڃي ٿي ادب بغير مزاحمت جي رڳو تفريح يا نقالت بڻجي وڃي ٿو، جيڪو شعور نه پر سُست فڪر پيدا ڪري ٿو. جڏهن لفظن ۾ خوف اچي وڃي، ته حق جي آواز کي ڪو نه ٻڌي سگهندو ادب جي بقا مزاحمت سان آهي ادب جو حقيقي ڪم طاقت جي خوشامد نه، پر سچ جي حمايت آهي. اديب جو قلم تڏهن ئي زندهه رهي ٿو، جڏهن اهو ضمير جي ترجماني ڪري. جيڪڏهن اديب خاموش ٿي ويو، ته سماج جو فڪر به مري ويندو. ان ڪري، مزاحمت ادب جي آڪسيجن آهي، جڏهن ادب مان مزاحمت ختم ٿيندي، تڏهن انسانيت جو شعور به ختم ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.