هاڻ جڏهن ته سرڪاري نوڪريون به ملي نه ٿيون سگھجن. خانگي ادارا به گھٽ آهن. جنهن ڪري روزگار جا وجهه ۽ موقعا ڪونه ٿا ملن. ان صورت ۾ غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هاڻ اهو، مسئلو ڪيئن حل ٿئي جو اسان جي نوجوانن کي نوڪريون ملي سگھن. هو، روزگار سان لڳي وڃن. سندن گھرن جا چلها ٻري سگھن. هو، ٻه ويلا ماني جا عزت سان کائي سگھن. ان سلسلي ۾ حڪومت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جو بيروزگاري گھٽجي سگھي يا مورڳو ختم ٿي وڃي. حڪومت، سڀ کان پهريائين سرڪاري ادارن ۾ اهليت يعني ميرٽ موافق نوڪريون ڏيئي. ائين ڪرڻ سان ڪنهن جي حق تلفي ڪونه ٿيندي. نوڪرين ڏيڻ مهل هن وقت ميرٽ جي لتاڙ، اقربا پروري ۽ من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون يا نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اهو طريقه ڪار بند ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ائين ڪرڻ سان اسان جا ادارا مضبوط ٿيندا ۽ صحيح نموني سان قوم و ملڪ جي خدمت ڪئي ويندي. باقي هن وقت جيڪو طريقو رائج آهي. سو، مدي خارج ٿي چڪو آهي. هاڻ ان طريقي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي. جديد طريقي سان نوڪريون ڏنيون وڃن. آئون سمجهان ٿو ته پوءِ ڪنهن سان ناانصافي ڪونه ٿيندي. رشوت ۽ ڪرپشن جو به خاتمو ممڪن ٿي سگھي ٿو. غريبن جي اولاد کي به نوڪريون ملي سگھنديون. جنهن ڪري غربت ۾ به ڪافي حد تائين گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
ان کان علاوه هر علائقي ۾ ننڍا ڪارخانا قائم ڪيا وڃن. صنعتن کولڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. اهو ڪم خود حڪومت سرانجام ڏيئي سگھي ٿي. يا مقامي ماڻهن کي هٿي وٺرائي ڪارخانا قائم ڪرائي سگھجن ٿا. ننڍيون صنعتون قائم ڪرايون وڃن. انهن جي مالڪن کي سولائي سان قسطن تي قرض ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي واپار کي وڌائي سگھن. ترقي ڏياري سگھن. انهن ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ائين نه ٿئي جو ٻاهريان ماڻهو اچي اتي نوڪري ڪن ۽ علائقي جي ماڻهن کي مورڳو نظر انداز ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي ڪارخانا آهن انهن ۾ غير مقامي ماڻهن کي روزگار جو موقعو ڏنو پيو وڃي. اهڙيون خبرون روزانه اخبارن ۾ اچي رهيون آهن ۽ نوجوان احتجاج به ڪندا وتن. پر، سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. ائين ڪرڻ به مناسب ڪونه آهي. ڄاڻايل ڪارخانن ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت ۽ ترجيح ڏيڻ گهرجي. مقامي ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي. تنهن کان سواءِ ننڍا، ننڍا ڪاروباري ڌنڌا به ڪرڻ گھرجن. جانور پالڻ، ٽائر پنچر جو دوڪان ۽ ڪڪڙين کي پالڻ وغيره جهڙا ٻيا به ڪوڙ ڌنڌا آهن جيڪي ڪري سگھجن ٿا. جنهن مان روزانه آمدني اچي سگھي ٿي. ماڻهو پنهنجو پيٽ قوت سولائي سان ڪري سگھندا. اهڙا ننڍا، ننڍا ڪاروبار به گھڻا آهن. هن مختصر مضمون ۾ انهن جو ذڪر ڪري نه ٿو سگھان. صرف هتي اشارتاً ايترو عرض ڪيو اٿم. ياد رهي ته ملڪ مان غربت به اهڙي طريقي سان گھٽجي سگھي ٿي. ماڻهو هن وقت جيڪا بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن. ان مان نڪري خوشحالي واري زندگي جي طرف ويندا. جنهن سان اسان وٽ صحتمند معاشرو قائم ٿي سگھڻ جو يقين اٿئون. هن وقت جيڪي حالتون آهن سي سموريون بدحالي جي طرف وٺي وڃي رهيون آهن. خوشحالي اسان کان ڪوهين پري ٿيندي پئي وڃي. حڪمران صرف ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيا آهن ته غربت گھٽجي رهي آهي. ماڻهن جي خدمت ڪريون پيا. نوجوانن کي نوڪريون ڏيئي رهيا آهيون. پر، اهو ٻڌائيندو هلان ته، آءِ بي جو امتحان پاس ڪرڻ وارا اميدوار ڪيتري وقت کان احتجاج ڪن پيا. پر، انهن کي نوڪرين جا آرڊر ڪونه ڏنا پيا وڃن. جڏهن ته انهن امتحان پاس ڪيو آهي ته، سندن حق ٿئي ٿو ته کين روزگار سان لڳايو وڃي کين نوڪريون ڏيئي سندن پريشاني دور ڪرڻ گھرجي.
هن وقت حالت اها آهي جو ملڪ ۾ لکين ماڻهو پرڏيهه هليا ويا آهن ۽ اتي ڪمائين پيا. روزگار ڪري رهيا آهن. اهي موٽڻ جي ڪونه ٿا ڪن. ڪن ته اتان شاديون به ڪيون آهن. اهڙي طرح سنڌ مان به هزارين ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ اتي روزگار سان لڳي ويا آهن. هاڻ رابطو ڪرڻ سان ٻڌائين ٿا ته هتي خوش آهيون. واپس موٽي ڪونه اينداسون. اسان وٽ محنت ۽ مزدوري جي صحيح نموني ۾ اجرت ڪونه ٿي ملي. سرڪار جيڪو مزدورن جو پگھار مقرر ڪيو آهي. هاڻ اهو به ڪونه ٿو ڏنو وڃي. جنهن ڪري پيٽ گذران ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. مجبوري ۾ ماڻهو ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن. پنهنجا مائٽ مٽ، يار دوست ۽ واسطيدارن کان جدا ٿي رهيا آهن. وڇوڙي جا سور ڏيئي رهيا آهن. بيروزگاري ۽ غربت کين وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان وٽ اسي سيڪڙو عوام زراعت سان لاڳاپيل آهي. پر، زراعت کي هٿ وٺي تباهه و برباد ڪيو پيو وڃي. جنهن مان عام ماڻهو جو گذران ڪونه پيو ٿئي. هر شعبي کي، سوڙهو ڪيو پيو وڃي. انهن مان گھربل هدف پورو ڪونه ٿي رهيو آهي. هر سال اهو حشر ٿيندو رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ملڪ ڇڏي رهيا آهن. جيڪڏهن اهي ملڪ ڪونه ٿا ڇڏين ته بدامني ڪري رهيا آهن. ڏوهن ۾ ڪافي واڌارو آيو آهي. چوريون، ڌاڙا، ڦرون ۽ اغوائن جو سلسلو تيز ٿي رهيو آهي. بدامني وڌي پئي. ڪا به رات يا ڏينهن خالي ڪونه آهي جو ڏوهه نه ٿيندا هجن. اهو سڀ ڪجهه غربت، افلاس ۽ بيروزگاري جو نتيجو آهي جيڪو سڀني جي سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
حڪمران پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن. سرڪاري پئسي ۽ ڪرسي جي مستي ۾ مگن آهن. انهن وٽ پئسي جي کوٽ ڪونه آهي. هو، عوام ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿا ڏين ۽ نه وري ڪنهن بکايل، اڃايل، بيمار ۽ غريب جي مدد ۽ واهر ڪن ٿا. بس، سندن هڪڙي ٻولي آهي. ته اسان عوام جا خادم آهيون. خدمت ۾ يقين رکون ٿا. خدمت ڪري رهيا آهيون. اهڙا بيان ماڻهن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن. انهن سکڻن بيانن مان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿو رسي. هاڻ ضروري آهي ته، عوام جي لاءِ روزگار جا وجهه ۽ موقعا پيدا ڪيا وڃن. جنهن مان ڪا آمدني حاصل ٿئي. باقي بنا آمدني جي عوام ڏاڍو پريشان آهي. آئون مٿي لکي آيو آهيان ته ڪارخانا کوليا وڃن صنعتون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملن. نوڪرين ڏيڻ جو سلسلو به صاف ۽ شفاف هئڻ گھرجي. سفارش ۽ رشوت کان پاسو ڪري ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ کي اهميت ڏني وڃي. عورتن لاءِ به دستڪاري ڀرت، اڳٺ، سڳيون، ٽوپيون ٺاهڻ لاءِ سکيا گھر قائم ڪيا وڃن. کين سدائين بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام تي نه هلايو وڃي. اها گذارش ڪندو هلان ته حڪومت کان علاوه سرندي وارن ماڻهن کي به پنهنجي حيثيت آهر صنعتون ۽ ڪارخانا کولڻ کپن. جنهن مان عام ماڻهو کي فائدو پهچي سگھي ٿو. ان کان علاوه ننڍا، ننڍا ڪاروباري سينٽر پڻ کوليا وڃن. جنهن ۾ بيروزگارن کي روزگار ملندو. هيءُ مسئلو هڪ اهم هڪ اهم ۽ ڳنڀير آهي. جنهن کي حل ڪرڻ نه رڳو حڪومت جو ڪم آهي. پر شاهوڪار ماڻهو به ان سلسلي ۾ اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جنهن جو هاڪاري اثر تر جي غريب عوام الناس تي پوندو ۽ خوشحالي پيدا ٿيندي. ياد رهي ته بيروزگاري ۽ غربت ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بنيل آهن. اهي ٻئي شيون ملڪ ۾ نه هونديون ته ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿيڻ شروع ڪندو ۽ اسان ترقي ڪري آسمان تي پهچي سگھون ٿا.