آمريڪا ۾ علمي آزادي جي اداري کي درپيش خطرو

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

The First Amendment provides that Congress make no law respecting an establishment of religion or prohibiting its free exercise. It protects freedom of speech, the press, assembly, and the right to petition the Government for a redress of grievances.

آمريڪا جي آئين ۾ ڪيل پهرين ترميم اظهار جي آزادي، احتجاج جي آزادي، صحافت جي آزادي، علمي آزادي وغيره کي تحفظ فراهم ڪري ٿي، پر آمريڪي حڪومت يونيورسٽين ۾ غزا جي جنگبندي جي  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ منظم ڪندڙ نوجوانن تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي انھن کي پوليس جي حوالي ڪري آمريڪا جي 200 سال پراڻي آئين جي روح کي تڙپائي رھي آهي.

اپريل جي مهيني ۾ آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ غزا جي فلسطيني شهرين جي حمايت ۾ هلندڙ تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ يونيورسٽي پوليس کان سواءِ هر شهر جي پوليس استعمال ٿي رھي  آھي ۽ هن وقت تائين مختلف يونيورسٽين جا نو سئو کان وڌيڪ شاگرد گرفتار ٿي چڪا آهن.گرفتار ٿيلن ۾ سوين استاد،جن ۾ ڪيئي مشھور پروفيسر بھ شامل آهن. هڪ رپورٽ موجب 400 جي لڳ ڀڳ آمريڪي يونيورسٽين جا شاگرد اسرائيل کي فوجي امداد ختم ڪرڻ، غزا تي بمباري روڪڻ ۽ غزا جي شهرن جي زندگي جي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ يونيورسٽين جي اهم هنڌن تي ڌرڻا ھڻي رهيا آهن.

آمريڪا جي انھن يونيورسٽين ۾ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي، نيو يارڪ يونيورسٽي، مشيگن يونيورسٽي، ايم آءِ ٽي بارڪلي يونيورسٽي آف ٽيڪساس، آسٽن بيل يونيورسٽي، يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيليفورنيا، ايموري يونيورسٽي، جارج واشنگٽن يونيورسٽي، انڊيانا يونيورسٽي ۽ ايريزونا اسٽيٽ جھڙا اھم ادارا شامل آھن. سڄي دنيا جي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ برطانوي خبرن جي ايجنسي رائٽرز جي هڪ رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڻي آمريڪي يونيورسٽين جي انتظاميه رياستي دٻاءُ سبب احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف ڊسپلينري ڪارروائي ڪرڻ واري آهي.

نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي صدر نيمت منوچي اعلان ڪيو آهي ته احتجاج ڪندڙ شاگردن سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. ڪولمبيا يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ھاڻي انهن شاگردن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. يونيورسٽي جي صدر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شاگردن جا سمورا مطالبا تسليم نٿا ڪري سگھجن. هن خاص طور تي ان نقطي تي زور ڏنو ته اسرائيل سان فوجي لاڳاپن  ختم ڪرڻ جو مطالبو قبول نه ٿو ڪري سگهجي، پر يونيورسٽي غزا ۾ تعليم ۽ صحت جي منصوبن شروع ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري  لاءِ تيار آهي.

ڪولمبيا يونيورسٽي احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. احتجاج ڪندڙ شاگردن کي آن لائين خط مليا آهن. ڪولمبيا يونيورسٽي جي انتظاميا انهن خطن ۾ شاگردن کي خبردار ڪيو آهي ته جن شاگردن احتجاجي ڌرڻو ختم نه ڪيو ۽ يونيورسٽي طرفان ڏنل فارم تي دستخط نه ڪيا ته انهن شاگردن کي معطل ڪيو ويندو.

ڪولمبيا يونيورسٽي جي هڪ شاگرد سوشل ميڊيا تي لکيو آهي جن شاگردن  يونيورسٽي انتظاميا جي هدايتن تي عمل ڪندي احتجاجي ڌرڻي کان ڌار ٿي ويا آھن،انھن خلاف بھ انتظامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهي شاگرد ايندڙ جون تائين يا انهن جي گريجوئيشن تائين ڊسيپلينري پروبيشن تي رهندا.

جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي احتجاج جو منظر هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽر تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جو جوش عروج تي هو. انھن شاگردن وٽ ھٿن ۾ فلسطيني  جهنڊو  هو ۽ سوين شاگرد فتح جا نشان بڻائي  رهيا هئا.

واشنگٽن ۽ ڀرپاسي جي 8 يونيورسٽين جي هزارين شاگردن واشنگٽن جي مکيه علائقي ۾ ”يو يارڊ“ جي شڪل ۾ ڌرڻو هنيو ھو. انهن يونيورسٽين جي انتظاميا پنهنجي شاگردن کي ضابطي جي ڪارروائي جا نوٽيس موڪلي رهي آهي پر ان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي جوش ۾ ڪو به فرق نه آيو آھي. صرف جارج واشنگٽن يونيورسٽي جي 30 استادن غزا سان يڪجھتي لاءِ شاگردن سان  GWU تائين مارچ ڪيو. هن رپورٽر ڪراچي سان تعلق رکندڙ ھڪ مسيحي نوجوان ڊيوڊ سان ملاقات ٿي. جيڪو ھاڻي GWU المنائي ۾ شامل آھي.

ڊيوڊ ٻڌايو  ته آمريڪي انتظاميا هن ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ هر قسم جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي پر اهو احتجاج تڏهن ختم ٿي سگهي ٿو جڏهن اسرائيل غزا ۾ فلسطينين جو قتل عام بند ڪري. ان ميڙ ۾ شرڪت ڪندڙ سوين شاگردن  چهرن تي فلسطين جا نشان لڳائي رکيا ھئا.

هڪ رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو تھ نھ رڳو واشنگٽن ۽ نيويارڪ پر ٻين شهرن ۾ به پوليس شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو. آمريڪي رياست  جي ھڪ ٻي رياست ٽيڪساس جي رياستي انتظاميا احتجاج ڪندڙ شاگردن کي منتشر ڪرڻ لاءِ سخت  ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. آمريڪي يونيورسٽين ۾ احتجاج ڪندڙ شاگرد جي اڪثريت ڪارل مارڪس جي خيالن کان متاثر آهي. انهن ڪميونسٽن کان سواءِ سوشلسٽ امن تحريڪ جا ڪارڪن، فنڪار ۽ اين جي اوز جا ڪارڪن ۽ هم جنس پرست وغيره بھ شامل آهن.

هاڻي اهو احتجاج يورپ جي يونيورسٽين تائين پکڙجي رهيو آهي. فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ يونيورسٽي آف سائنس جي شاگردن روڊ بلاڪ ڪري فلسطيني عوام جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي. پئرس ۾ پو يونيورسٽي ۾، اسرائيل نواز ڪارڪنن،فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ مظاهري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن  يونيورسٽي ۾ سخت ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي. فلسطين جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙ شاگردن فلسطين جي نشان وارو اسڪارف مٿي تي ٻڌي رکيو ھو، جيڪو خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو هو. يورپي ملڪن ۾ جرمني سڀ کان وڌيڪ اسرائيل کي هٿيار ۽ ٻي امداد فراهم ڪري رهيو آهي.

جرمني جي شاگردن برلن ۾ پارليامينٽ جي عمارت آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪيو ھو، جنهن کي پوليس اکاڙي ڇڏيو. آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ۾ ٿيل انهن مظاهرن 70ع جي ڏهاڪي ۾ ويٽنام ۾ آمريڪي مداخلت جي خاتمي لاءِ ڪيل مظاهرن جي يادگيري ڏياري ڇڏي آھي. آمريڪا جي کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ دانشورن ڊاڪٽر اقبال احمد، ايڊورڊ سعيد ۽ نوم چومسڪي وغيره 70ع جي ڏهاڪي ۾ ويٽنام آمريڪا جي  ڪيل وحشياڻي  بمباري خلاف ھڪ احتجاجي مهم شروع ڪئي ھئي. اھا مهم  آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ۾ پکڙجي وئي ھئي.

هر يونيورسٽي ۾ احتجاج ۽ ويٽنام جنگ خلاف ٿيل مظاهرن آمريڪا جي راءِ عامھ کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان وقت جي آمريڪي صدر نڪسن کي پيرس ۾ اتر ويٽنامي حڪومت سان ڳالهين ۾ ويٽنام مان آمريڪي فوجون ڪڍڻ جو فارمولو قبول ڪرڻو پيو ھو.آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ۾ ويٽنام جنگ خلاف احتجاجي تحريڪ بابت ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيون ويون ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

پنهنجي وقت جي مشهور دانشور ڊگلس ايلن جي ڪتاب ”يونيورسٽيز اينڊ دي ويٽنام وار، هڪ ڪيس اسٽڊي آف اي سڪسيسفل اسٽرگل “ ۾ لکيو آهي ته آمريڪي يونيورسٽين جي هزارين شاگردن ۽ استادن، ويٽنام ۾ آمريڪا جي فوجي مداخلت خلاف حصو ورتو ھو.

ان وقت جي آمريڪي حڪومت ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا. پاڪستاني مارڪسي دانشور حمزه علوي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اقبال احمد به ان تحريڪ ۾ حصو ورتو ھو. اهي ٻئي پروفيسر ويٽنام جنگ خلاف مزاحمتي تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي ڪري پنهنجون نوڪريون وڃائي ويٺا. پروفيسر حمزه علوي کي ڪئناڊا جي هڪ وڏي يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيو ويو، پر عين وقت تي  اهو معاهدو ختم ڪيو ويو.

ڊاڪٽر اقبال ۽ سندس ٻن ساٿين کي اڳوڻي آمريڪي پرڏيھي وزير هينري ڪسنجر جي رهائشگاهه گرم پاڻي جي سسٽم کي تباهه ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن خلاف مقدمو شروع ڪيو ويو. پر سخت احتجاج سبب ڊاڪٽر اقبال کي آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر رياض احمد برطانيه جي مشهور يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

انهن جي ڪوششن سان ڪراچي يونيورسٽي جي 100 کان وڌيڪ استادن آمريڪي يونيورسٽين جي انهن استادن ۽ شاگردن سان يڪجهتي جي دستاويز جي تصديق ڪئي آهي. انھن دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته علمي آزادي جي ھن جدوجھد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا استاد، آمريڪي يونيورسٽين جي استاد ۽ شاگرد سان گڏ بيٺا آهن. ان دستاويز ۾ آمريڪي يونيورسٽين جي انتظاميه جي شاگردن خلاف ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ھئي.

سڄي دنيا جا ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ اديب ۽ دانشور غزا جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن آمريڪي جي علمي آزادي کي ڪمزور ڪيو ويو ته آمريڪي جمهوريت کي نقصان ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.