پروفيسر محمد دين راڄڙي جي ناول ’وِڄڻوٺ‘ تي هڪ نظر

تحرير: ذلفي چاچڙ

ويجهي ماضيءَ ۾ ڪن ماڻهن اِھا راءِ قائم ڪئي ھئي، ته سنڌي ڪھاڻي گولي لڳڻ سبب گذاري وئي آھي، پر سنڌ جي ڪيترن ئي ڪھاڻيڪارن، ڪيئي بي مثال ۽ لازوال ڪھاڻيون لکي، سندن اِن خيال کي نه رڳو رد ڪيو، پر اھو پڻ ثابت ڪيو ته ڪھاڻيءَ کي ڪڏھن به موت اوس ناھي اچڻو, اھي پاڻ سان گڏ پنھنجي تخليقڪارن کي پڻ سدائين لاءِ جيئرو رکنديون آھن. اھڙي طرح وري ناول بابت پڻ چيو ويندو رھيو آھي، ته سنڌي ادب ۾ اڄ ڏينھن تائين اھڙو ڪو به ناول لکجي ناھي سگهيو، جنھن کي عالمي ادب جي معيار جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي. اِھا ڳالهه ڪنھن حد تائين درست ته ٿي سگهي ٿي، پر سنڌي ادب ۾ صفا سُڃ ھجڻ واري صورتحال به ناھي.

ويجهڙ ۾، سنڌي ادب ۾ ڪيترائي ناول ڇپجي پڌرا ٿيا آھن، پر اوڙاھه، موھن جو دڙو، اونداھي ڌرتي، روشن ھٿ ۽ ھمه اوست کان ھن وقت تائين سنڌي ادب ۾ اسان کي جا کوٽ ۽ وِٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا ھيءَ ناول ’وِڄڻوٺ‘ پوري طرح پر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.

پروفيسر محمد دين راڄڙيءَ جو ڳاڻيٽو، اُنھن گهڻ پڙھيل ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب جو پڻ وسيع مطالعو رکن ٿا. ھُو ھن ناول کان اڳ سنڌي ادب کي ھڪ ڪھاڻين جو شاھڪار ڪتاب ”مان انسان ٿيندس“ ۽ ”جديد عملي تنقيدنگاري ۽ سنڌي ادب“ ڏئي چڪو آھي. ھيءَ ناول پڙھندي ايئن محسوس ٿيندو آھي، ته ڄڻ پڙھندڙ ڪنھن اُجڙيل شھر ۾ زندگي گذاريندو ھجي؛ ناول ۾ نھايت ئي خوبصورت منظر چِٽيا ويا آھن.

پروفيسر محمد دين راڄڙي اسٽيج ناٽڪ، نثري نظم، تنقيد، ڪيئي ڪالم، مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آھن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آھن.

پروفيسر محمد دين، ھر ڀيري پنھنجي پڙھندڙن جي اڳيان نت نوان خيال ۽ موضوع کڻي ايندو رھيو آھي. شايد اِھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس لکڻيون ورجاءُ جو شڪار ناھن ھونديون. ھن جنھن به موضوع تي قلم کنيو آھي، اُن ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آھي. اھڙي طرح سندس ھيءَ ناول ’وِڄڻوٺ‘ پڻ تاريخ جي ھڪ اھم ۽ منفرد موضوع تي آڌاريل آھي. مون کي يقين آھي، ته ھيءَ ناول پڙھڻ کان پوءِ اسان جو ايندڙ نسل پنھنجي تاريخ ۽ تاريخي ورثن جي اھميت کان آگاھه ضرور ٿيندو ۽ انھن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اڳتي ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.