آءِ ايم ايف جي سخت دٻاءَ هيٺ ملڪ جي ايندڙ وفاقي بجيٽ تياري هيٺ آهي جيڪا ڇهين جون تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي جڏهن ته ملڪ اڳ ۾ ئي هڪ سئو کان چار سئو سيڪڙو مهانگائي جي ور چڙهيل آهي. آءِ ايم ايف پوءِ به مطئمن ناهي ايندڙ نئين مالياتي ٺاهه لاءِ سخت شرط رکيا آهن جيڪي ملڪ ۽ عوام مٿان معاشي سختين برابر هوندا. پ پ پ ۽ مخالف جماعتن جو بجيٽ کان اڳ سخت ردعمل آيو آهي ته عوام کي مهانگائي طرف نه ڌڪيو وڃي نه وري قومي ادارا نيلام ڪيا وڃن. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪ اسٽيل مل وڪرو نه ڪريو جنهن جاءِ تي آهي اها سنڌ سرڪار جي زمين آهي هروڀرو مل وڪرو ڪرڻي آهي ته سنڌ سرڪار پاڻ خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ايندڙ وفاقي بجيٽ ڪهڙي طرف وڃي ٿي ان جو پتو پيش ٿيڻ وقت پوندو، جيڪا نئون وفاقي وزير اورنگزيب پيش ڪندو جيڪو مخالف ڌر جي بئنچن تي وڃڻ جو پهريون ڀيرو تجربو حاصل ڪندو. جيڪي خبرون آهن ته بجيٽ اڳي کان ڳري ٺهي رهي آهي جنهن ۾ سڌا ۽ اڻ سڌا ٽئڪس مڙهيا ويندا جنهن سان عوام جي کاڌ خوراڪ وارين شين تي لڳل ٽئڪسن ۾ واڌ اڻٽر آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ معمولي واڌ ڪري هن ڀيري پينشنرن تي به انڪم ٽئڪس مڙهيو ويندو جيڪو هن حڪومت جو پهريون لوهي قدم هوندو. انڪم ٽئڪس وڌائڻ سان ۽ لڳائڻ سان سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي مليل رليف واپس ورتو ويندو جن جون پگهارون ۽ پينشن وڌڻ بدران گهٽجي وينديون. جيڪڏهن ڪو به اهڙو فيصلو ٿيو ته سرڪاري ملازم ۽ پينشنر حڪومت جو جيئڻ جنجال ڪري سگهن ٿا ۽ وفاق سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندو. هونئن به حڪومت پهرين جولاءِ کان پينشن جو نئون نظام لاڳو ڪري سرڪاري ملازمن کي وڏي آڙاه ۾ ڌڪڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان فيملي پينشنر به متاثر ٿيندا جيڪي اڳ ۾ ئي ناانصافين جو شڪار آهن.
گذريل ڪجهه سالن کان حڪومتي بدانتظامي ۽ غير جمهوري روين سبب به ملڪ معاشي طور غير مستحڪم ٿيو آهي ۽ وقت به وقت نافذ ٿيندڙ ٽئڪسن ملڪي صنعتن کي هاڃيڪار نقصان رسايو آهي جن جي پئداوار به ڳڻتي جوڳي سطح تي گهٽي آهي انڪري به مهانگائي وڌي آهي. ساڳي وقت ڪارخانن کي وقت سر بجلي ۽ گئس نه ملڻ ڪري ڪارخانا پنهنجو وجود ۽ پيداوار وڃائي ويٺا آهن جنهن سان به غربت ۽ مهانگائي وڌي آهي. وري جيڪڏهن تيل گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌن ٿا ته يقيني ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهي ويندو. هڪ نظر ڊوڙائبي ته کاڌي وارو تيل جيڪو ٻه سئو رپيا لٽر هو ڇهه سئو کان اٺ سئو رپيا عام مارڪيٽ ۾ وڪامجي ٿو کير سٺ رپين کان ٻه سئو رپيا ٻارڙن جو دٻن وارو کير به اٺ سئو رپيا ٿي چڪو آهي. پئٽرول ڏيڍ کان ٽي سئو گوشت سايون ڀاڄيون به چار سئو سيڪڙو وڌيل آهن ته پوءِ بهتر حڪمراني جي دعويٰ ڇاجي. هن ائٽمي ملڪ جو عوام سڀ سمجهي ٿو آخر ڪيڏانهن وڃي.
بد کان بد حڪمراني جو سبب خانداني حڪمراني آهي جن به ملڪن ۾ خانداني ۽ غير جمهوري حڪمراني رهي ٿي اتي غربت ۽ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي ٿي معاشي تباهي جو ملڪ شڪار ٿين ٿا. پاڪستان به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي. ڪو وقت هو جو پاڪستان جا حڪمران دوست ملڪن کان آسان قرض ۽ امداد وٺي ملڪ ۾ نوان ڪارخانا هڻندا هئا ۽ ادارا ٺاهيندا هئا جن ئي ملڪ کي خوشحالي طرف ڌڪيو. اسٽيل مل قائم ٿي بجلي ۽ تيل وارا ادارا ٺهيا ملڪ کي مضبوط ريلوي نظام ۽ منافعي ۾ ويندڙ پي آءِ اي نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ٺهي جنهن ڪري مال بردار ۽ مسافربردار بحري جهاز هلڻ لڳا اهي هن وقت ڪٿي آهن پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن۔باقي اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي وڃي بچي هئي تنهن جي به پويان آهن جلد نيلام ڪندا. جهڙي حالت آهي ته ملڪ کي به نيلام ڪيو ويندوجيڪو هن وقت آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي۔ ملڪ ۽ صوبن جي ترقي ان ۾ آهي ته عوام مٿان سڌا ۽ اڻ سڌا ٽئڪس نه هنيا وڃن عوامي بجيٽ ٺاهجي ۽ پيش ڪجي۔منافع بخش نوان ادارا قائم ڪريو شهرن ۽ ڳوٺن ويجهو زرعي منڊيون قائم ڪريو جتان سستي اگهه تي گوشت مڇي سايون ڀاڄيون ۽ کاڌي جو هر سامان وڪرو ٿئي۔مزدور توڙي ملازمن ۽ پينشنرن جو اجورو مهانگائي جي تناظر ۾ پنجاهه کان ستر سيڪڙو وڌائڻ گهرجي جيڪو ٽئڪس فري هجي.
اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي ڪمن لاءِ ملندڙ اربين رپين جا فنڊ بند ڪري خودمختيار ادارن وسيلي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۔ملڪ جي مالياتي آفيسن مان ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي خودمختيار آڊٽ بورڊ تشڪيل ڏنا وڃن جيڪي صدر مملڪت ۽ گورنر جي ماتحت هجن. تيل بجلي گئس ۽ دوائون معياري ۽ سستيون ڪجن جن جا ٽئڪس واپس ورتا وڃن ۽ هر اسپتال هر عام مريض کي مفت دوائون فراهم ڪري. اهڙي طرح نجي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي فين جي حد مقرر ٿيڻ گهرجي۔عام ماڻهن لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ مسافر ٽرينن جا ڀاڙا گهٽائجن زراعت ۽ صنعتن تان ٽئڪس گهٽائجن تعليم عام ۽ سستي ڪجي جنهن بعد ئي ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشحالي ممڪن ٿيندي.
رهيو سوال آءِ ايم ايف جو ته ان کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ دٻاءَ وجهڻ جو ڪو به حق نٿو پهچي. پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق رکي ٿو ملڪي بجيٽ ۾ انجو ڪو به حق يا مداخلت نه هجڻ گهرجي هو قرض طور ڏنل امداد جي واپسي لاءِ ٻڌل آهي. هونئن به پاڪستان کي قرض وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ڪافي وسيلا موجود آهن جن کي صحيح معني ۾ استعمال ڪجي ٿيندو ئي ٿيندو۔نسلي اصلي حڪمران ڪٿان آڻجن.