ملير جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ عوامي نمائندا تحرڪ وٺن

تحرير: جميل چانڊيو

قيام پاڪستان واري تحريڪ ۾ سنڌ جو ڪردار صف اول جو هو، پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ سنڌ جي اهم شخصيتن جو تحريڪ هلچل ۾ اهم ڪردار هو جن ۾ قائداعظم محمد علي جناح، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي، حاجي عبدالله هارون، غلام محمد ڀرڳڙي، سر شاهنواز ڀٽو، ليڊي نصرت، فاطمه جناح ۽ انيڪ نالا تاريخ جي ورقن ۾ لکيل آهن، پر ملڪ جي وجود اچڻ کانپوءِ سنڌ جي ناليواري شخصيتن ان وقت جي واڳ ڌڻين سان اختلافي اصولن تحت پنهنجون راهون ۽ رستا الڳ ڪيا، هن سڄي تحريڪ ۾ جتي سنڌ اڳيان اڳيان هئي ۽ ملڪ جي آزادي واري خواب کي جڏهن حقيقت ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو تڏهن اهو محسوس ٿيو ته سنڌي ٽين درجي جي شهريت کان به هيٺ سمجهيو ويو.

پاڪستان جي وجود وقت سنڌ جي دل ڪراچي دارالخلافه هو، هن شهر جي اهميت ڪنهن به عالمي سطح جي شهر يا ملڪ کان گهٽ نه هئي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪراچي شهر ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جو چيئرمين هو تڏهن هن شهر جون شاهراهون، روڊ، رستا پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا جڏهن ته شاهراهون رات جو پڻ روشنين جو شهر ڏسڻ ۾ ايندو هو. جيئن ئي هتان هندو لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا ۽ انهن جي ڪروڙين روپين جون بلڊنگون، ڪاروبار ۽ ڪميونٽي هال لاءِ لائبريريون ۽ تفريحي مقامن تي هندستان کان آيل غير سنڌين ڪليمن ۽ غيرقانوني والار ڪري قابض ٿي ويا.

پاڪستان جي وجود کان اڳ ڊملوٽي، گڏاپ، موکي متارا، گهگهر، مول جا تاريخي ۽ قديمي ماڳ چوڪنڊي قبرستان اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته ملڪ جي آزادي کان اڳ هتي قديم قبيلا جوکيا، برفت، ڪلمتي، ڇٽه، واڍيلا، خاصخيلي، گبول، لاشاري ۽ ٻيا قبيلا آباد هئا ۽ آهن.

تازو 20 اپريل تي ملير جي لنڪ روڊ لڳ سمندري بابا واري علائقي ۾ قائم فوجي ڪئمپ تي هڪ عملدار پنهنجو نالو ۽ عهدو ظاهر ڪرڻ تي يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين خليفو عبدالستار ۽ اڳوڻي چيئرمين عبدالرزاق جوکيو کي ڪئمپ تي گهرايو ساڻن 70 کان 80 آسپاس جا ڳوٺاڻا به موجود هئا. خليفي عبدالستار ٻڌايو ته هڪ عملدار جنهن پنهنجو عهدو ۽ نالي ٻڌائڻ کان سواءِ اسان کي ڄاڻايل ڪئمپ تي گهرايو ۽ اسان جي وارننگ ڏني ته ٻن هفتن جي اندر يوسي گهگهر جي 14 ڳوٺن سميت 30 ڳوٺ خالي ڪيو. ڄاڻايل زمين جيڪا پاڪستان آرمي جي الاٽمينٽ هيٺ آهي تنهن تي ڪنهن به قسم جو ڳوٺ، گهر يا ڪاروبار هڪدم ختم ڪيو پوءِ جيڪڏهن اوهان گهر خالي نه ڪيا ته اوهان کي هڪ سر کڻڻ جي به مهلت نه ڏبي.

عملدار جي اهڙي الٽيميٽم کانپوءِ پاڪستان کان اڳ قائم ڳوٺاڻن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي ۽ انهن گذريل ڏينهن احتجاجن طور قومي شاهراهه تي ڌرڻو ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته ملڪ جي وجود کان اڳ هتي ئي ڳوٺ قائم آهن جيڪي ڪراچي جي ترقي ۽ انهن جي وسيلن جي پهچ ۾ وڏو ڪردار آهي.  جن ڳوٺن کي خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي انهن ۾ دودو ڪبير محمد سالار، وليداد سالار، محمد خان سالار، منگهن جوکيو، سجاول جوکيو، آدم سالار، حاجي ڀائي خان سالار، محمد مراد سالار، دودو گهنور جوکيو، ناٿو موسيٰ بلوچ، حاجي حيسب جوکيو، محمد خان جوکيو، حاجي فتح محمد جوکيو، محمد علي جوکيو مريداڻي، عبدالرحمان جوکيو، ڪريم بخش جوکيو، حاجي احمد جوکيو، دينار جوکيو، مورو جوکيو مريداڻي، غلام فقير جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن. يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين خليفو ستار وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن يوسي گهگهر جي ڄاڻايل 14 ڳوٺن کان زمينون خالي ڪرايون ٿيون وڃن ته پوءِ سواءِ يوسي سٽي جيڪا گهگهر پل جي آسپاس آهي سا وڃي بچندي جتي لڳ ڀڳ 75 هزار ماڻهو متاثر ٿيندا.

اهڙي صورتحال کانپوءِ هڪ طرف اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ آهن ته ٻئي طرف اڱاري ڏينهن ٻيلي کاتي انتظاميه ۽ مختيارڪار ڳوٺ آباد سميت عدليه جي جج صاحب پڻ وزٽ ڪري گهگهر جي ڀرپاسي ٻيلي کاتي جي زمين تي قائم ڪيل ڳوٺاڻي آبادين کي پڻ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي. سنڌ حڪومت خاص طور تي ملير جي ٻهراڙين جن ۾ خاص طور تي ملير سان تعلق رکندڙ 3 قومي اسيمبلي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پيپلزپارٽي سان وابسطا آهن ۽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه وزير به ملير سان تعلق رکن ٿا.

اوچتو پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب ملير جي متاثر علائقن ۾ وڏي بيچيني ۽ افراتفري وارو ماحول آهي ان سڄي وايو منڊل ۾ عوام جي چونڊيل نمائندن جو اڃان تائين ڪو به واضح موقف اچي نه سگهيو آهي جڏهن ته ڪجهه الٽيميٽ هيٺ آيل ڳوٺاڻن جي وفدن، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ۽ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سان لهه وچڙ ۾ آيل آهن. ان سڄي صورتحال کي قانوني طور ڏٺو وڃي ۽ عدليه ذريعي ان معاملي کي حل ڪرايو وڃي ته جيئن قديم آباديون متاثر ٿيڻ کان بچائين. ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ملير جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي نمائندن کي ”ڳوٺ بچايو سنڌ بچايو“ واري فارمولي تي عملي طور تي کڻڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.