ايران اسرائيل حملي ۾ حقيقت ۽ وڌاءُ جا پاسا 

ميڊيا ۾ پروپگينڊا اڄوڪي جنگ جو اھم ھٿيار آهي، انڪري  ايران ۽ اسرائيل جي تازي ڇڪتاڻ دوران ٻنهي طرفان پنهنجي فوجي انٽيليجنس برتري کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مختلف دعوائون ڪيون پيون وڃن.اسرائيلي فوج موجب  ايران جي 99 سيڪڙو ميزائلن کي تباهه ڪيو ويو ۽ نيو اتم ايئر بيس کي معمولي نقصان پهتو، پر بيس اندر ڪيترن ئي تبديلين  مان ظاهر ٿي رهيو آھي ته اسرائيل جو گهڻ پاسائو فضائي دفاعي نظام ايران جي ميزائلن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ  ۾ ناڪام ٿي ويو.

ھڪ اسرائيلي اخبار مطابق  ايران جا 84 سيڪڙو ميزائل تباهه ڪيا ويا  ۽ جڏهن ته اهو انگ اسرائيل جي دفاعي نظام جي اعليٰ ڪارڪردگيءَ ظاھر ڪري ٿو  پر اهو به اشارو ڪري ٿو ته ايراني خطري کي مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ويو آهي.آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ اردن پڻ ايراني ميزائل ۽ ڊرون کي روڪڻ ۽ ڪيرائڻ ۾اسرائيل جي مدد ڪئي.ايران جي پاسدارن انقلاب  آپريشن “وعدھ صادق“  کي ڪاميابي سمجھي ٿي.بي بي سي، فارسي جي تحقيق مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ اسرائيل دعويٰ ڪري ٿو ته هن ايراني ميزائلن کي روڪڻ يا ڪيرائڻ تي پاڻ کي فاتح سمجھي ٿو  پر اسرائيلي فضائي دفاعي نظام ايراني ميزائلن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي.

ھڪ ماھر عمر عاشور،پنھنجي مضمون ۾ نواتيم ايئر بيس بابت لکيو آهي ته ڊرونز ۽ ٻين فضائي هٿيارن اسرائيل جي گهڻ رخي، مربوط فضائي دفاع کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترا ئي بيلسٽڪ ميزائل پنھنجا  هدف پورا ڪيا.گڏيل قومن جي اڳوڻي هٿيارن جي انسپيڪٽر اسڪاٽ ريٽر مطابق، "نواتيم ايئر بيس کي پنج کان ست ميزائل لڳا آھن.“ آمريڪي نيٽ ورڪ  ABC  اسرائيلي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته نواتيم بيس کي پنج ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو.

ايران جو چوڻ آھي اسرائيل تي حملي کي ”محدود“ رکيو ويو ھو ۽ ”اسرائيلي آبادي ۽ معاشي مرڪز“ بدران فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو ھو.اسرائيل 19 اپريل تي ايران تي جوابي حملو ڪيو آھي پر ان جا تفصيل اڃا تائين معلوم ناهن. ٿي سگھيا. ايران دمشق ۾ پنهنجي سفارتخاني تي حملي جي جواب ۾ اسرائيل تي لڳ ڀڳ 300 ميزائل ۽ خودڪش ڊرون فائر ڪيا، جنهن کي ايران ”وعدا صادق“ سڏيو.اسرائيلي فوج ان کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪري ٿي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي 170 ڊرونز، 120 بيلسٽڪ ميزائلن ۽ 30 ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو.

ايران حملي کي ٽن حصن ۾ ورھائڻ جي رٿابندي ڪئي: پهريون خودڪش ڊرون، ٻيو ڪروز ميزائل ۽ آخر ۾ بيلسٽڪ ميزائل.

ايران جي پاسداران  انقلاب  جي ايئرو اسپيس فورس جي سربراھ امير علي حاجي زاده وٽ اسرائيل تي حملي جي ذميواري هئي، پر پاسداران انقلاب  تاحال سرڪاري طور تي اعلان نه ڪيو آهي ته حملي ۾ ڪيترا ڊرون ۽ ميزائل استعمال ڪيا ويا.

ايران جي سرڪاري ٽيليويزن تي شايع ٿيل انقلابي گارڊز پاران ٻه بيان، چيو ويو آهي ته انهن ڪيترن ئي ڊرونز ۽ ميزائلن سان اسرائيل ۾ "مخصوص مقصدن” کي نشانو بڻايو.ايران موجب حملي ۾ ٻن هدفن: نواتيم ايئر بيس ۽ هرمون سگنل بيس کي نشانو بڻايو ويو ھو.نواتيم ايئر بيس تي حملي کي اھم ترين ايئر بيس مان هڪ تي حملو قرار ڏنو پيو وڃي .ڇاڪاڻ ته اهو اسرائيل جي مکيه ديمونا ايٽمي مرڪز کان صرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.ماھرن  ايران جي ان حملي کي فوجي ۽ انٽيليجنس ٻنهي نقطه نظر کان اهم قرار ڏنو.

ايران اسرائيل جي اتر ۽ اولهه کي نشانو بڻايو ۽ پيغام ڏنو تھ هن وٽ اسرائيل جي ڪنهن به حصي کي نشانو بڻائڻ جي رسائي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.