سنڌ ۾ بدامني جا ڪارڻ

تحرير: اسلم ھزار چانڊيو

اتر سنڌ ۾ جيڪو هن وقت ٿي رهيو آھي، اهو ڪنهن کان لڪيل ڪونهي، اتر سنڌ جا ضلعا تيل وانگر گرم لڳا پيا آھن ڪچو ته پنهنجي جڳهھ تي پر پڪو به هاڻ غير محفوظ بڻجي ويو آھي، اسانجا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي آھن، انهن کي پوري ڇوٽ ڏنل آھن ته اوهان کي جيڪو وڻي سو ڪيو اوهان کان ڪو حساب ڪتاب نه ورتو ويندو، جيڪڏھن اسين ڪٿي وڃون ٿا ته گاڏيون بيهاري اسانکي يرغمال ڪيو وڃي ٿو، ماڻھن کان روڪ رقم کان ويندين موٽرسائيڪل ڦر ڪيون وڃن ٿيون اهڙي صورتحال ۾ مقامي ماڻھو پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا آھن سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي.

هڪ چوڻي آھي ته” انصاف ۾ دير ڪرڻ انصاف جو قتل آھي“ مقامي ڏوهاري هجي يا اغواڪار پر جيڪڏھن اسان سندن زندگي جو جائزو وٺنداسين ته اوهان کي اهو ئي پتو ملندو ته هن وقت جيڪي پاڻ وڏا ڌاڙيل خان آھن انهن جا پنهنجي ئي برادرين سان جهڙا آھن جيڪي شرعات برادرين جي جهڙن کان ڪن ٿا پوءِ اڳتي هلي انصاف ۽ ادل نه ٿيڻ ڪارڻ اهي ڏوھ جي دنيا ۾ اڇن ٿا، سڄي سنڌ جي اهڙي صورتحال آھي پر خاص طور اتر سنڌ جا ضلعا باھ ۾ ٻري رهيا آھن جتي قبيلائي جهڙن کان ويندي ذاتي جهڙا به پڻ آھن جنهن سبب سندن ڪاروبار بند ٿي وڃي ٿو پو لازم آھن انسان بکيو ويهي ته نٿو سگهي آخر اهو ڪجھه  نه ڪجھه  ڪندو اسان قبيلائي جهڙن جي جيڪڏھن ڄاڻ وٺون ته اوهان حيران ٿيندا ته خد اسٽيٽ سمورن معملن جي ذميوار آھي.

انصاف نه ٿيڻ

اسانجي سماج ۾ اهو الميو آھي ته انصاف آھي ڪونه. هت جڏھن برادرين جا تڪرار ٿيندا آھن ته پوليس لاءِ ڄڻ عيد ٿي پوندي آھي، ڪٿي ڪو قتل ٿيندو آھي ته پوليس دير پهچندي آھي، خبر هجڻ باودجود ڄاڻي واڻي دير ويندي ته جيئن ماٺار ٿي پو وڃون هاڻ ماٺار تڏھن ممڪن آھي جڏھن ٻنهي ڌرين ڏانهن گهڻو نقصان ٿيو وڃي، پوليس ان ۾ پنهنجو ڪردار جيڪو نڀائيندي اچي ٿي اهو ناڪاره آھي فريادي جيئن وڻي ڪيس داخل ڪرائي هلو ڪيس داخل ٿي ويو هاڻ معاملو اچي پيو گرفتاري جو جيڪا پوليس.ڪندي ڪونهي پوليس اتي وڃي اڳلي ڌر سان ڳالهيون ڪري ماڻھو وٺي ايندي انهن کان پئسا نه وٺندي آھي، پهرين ته جن جو ماڻھو قتل ٿيندو آھي اهو ڪورٽ سڳورين جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پوندو پر انصاف ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. تاريخ تي تاريخ عدليه مان مايوس ٿي ڪري پو اهي به هٿيار جي پناھ وٺن ٿا يا وڏيرن وٽ فيصلا ڪن ٿا، وڏيرن جي فيصلن تي به تفصيل سان لکون ٿا پر هت اهو لکڻ ضروري آھي ته پوليس فرياد ڪٽڻ وقت اهو ناهي سوچيندي ته ڪو شاگرد آھي يونيورسٽي پڙھي پيو ڇا شاگرد يونيورسٽي مان اچي ڪري قتل ڪندو؟ هڪ شاگردن جيڪو پنهنجي پڙھائي ڪري ٿو اهو هٿ ۾ هٿيار کڻي ڪنهن جو قتل ڇو ڪندو؟ جيڪڏھن انهن جا پويان اهڙو ڪم ڪري ٿا  ڇڏين ته ان شاگرد جو ڪهڙو قصور؟ پو اڳتي هلي مجبور ٿي اهو شاگرد هٿيار کڻي ٿو.

هٿيارن جو پهچڻ

هٿيارن جون فئڪٽريون ڪچي ۾ آھن ڇا؟ شهرن مان هٿيار اتي ڪيئن ٿا پهچن؟ برادرين جي جهڙا کان ويندين ڌاڙيلن تائين جديد ترين ھٿيار پهچن ٿا، پوليس جون چيڪ پوسٽون آھن رستن تي اتان ڪيئن ٿا هٿيار گذرن؟ باقي جنهن غريب وٽ گاڏي جا ڪاغذ نه هوندا ته پوليس ان جي پويان هوندي پر حقيقت اها آھي ته پوليس انهن سمورن ڌاڙيلن جي سهولت ڪار آھي سڀ پوليس به اهڙي ڪونهي پر اڪثريت ڪاري رڍن جي آھي جيڪي ڏوهارين کي هر قسم جي سهولت ڏين ٿا جيڪڏھن ٿاڻي تان پوليس ڪنهن ڏوهاري ڏانهن نڪري ٿي ته اتي موجود پوليس اهلڪار اڳ ۾ ئي ڏوهارين کي اطلاح ڪري ٿي ان ڪارڻ ڏوهاري هوشيار ٿي وڃن ٿا پوءِ ڏوهاري پوليس مٿان حاوي ٿين ٿا!

ڏوهاري پڪڻ کان آجا

اسان جيڪڏھن ڪا پوسٽ سوشل ميڊيا تي رکون ٿا يا واٽسيپ تي ڪو اهڙو اسٽيٽس رکون ٿا ته جلد اها ڄاڻ ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙن ادارن تائين پهچي وڃي ٿي پوءِ اسانجا شهري جلد کنڀجي به وڃن ٿا پر ڏوهاري ڏاڍا آھن جن کي پڪڙي نٿا سگهن، ھنن ڏوهارين وٽ اهڙا جديد هٿيار آھن جن جا خد نمائش به ڪن ٿا پر اها رسائي اسانجي ادارن کان پري آھي، مغوين کي اگهاڙو ڪري مٿن چهبڪ لڳائين ٿا ڪنهن کي گولي هڻي زخم ڪن ٿا پر اسانجي پوليس کان ويندين فوج کان به اهي ڏاڍا آھن، پر وڏي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سڀ ڪجھه  ڄاڻي ٿي پر ڪرڻو ڪجھه  ڪونهي فقط تماشو ڏسڻو آھي.

اسانجو تحفظ ڪندڙ پاڻ غير محفوظ

ڪجھه  ڏينهن پهرين ملڪ جي فوجي سپاهين کان به ڦر ڪئي وئي هاڻ ڏوهاري پوليس کي به ٽارگيٽ ڪري کين قتل ڪيو وڃي هاڻ اسانکي تحفظ ڏيندڙ جڏھن پاڻ غير محفوظ آھن پوءِ آخر اسانکي تحفظ ڪير ڏيندو؟ يا پاڻ عوام هٿيار کڻي پنهنجو تحفظ ڪن.

زمينن تي قبضا

اڪثر جيڪي ڏوهاري آھن يا جيڪي قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ڏوهاري آھن اهي دراصل اهي پاڻ زميوار آھن انهن کي سوين جريبن ۾ زمينون آھن جيڪي اهي پاڻ آباد ڪن ٿا، پر اتان جيڪي مقامي وڏيرا آھن اهي زمين پنهنجي نالي ڪرڻ ڪارڻ جهڙا به ڪرائين ٿا زمين انهن جي اک ۾ هجي ٿي هاڻ اهو سوچين ٿا جيڪڏھن زمين خريد ڪنداسين ته ڳري قميت ڀرڻي پوندي يا ته اهي ڏيندا ڪونه پوءِ اتان جا مقامي جيڪي وڏيرا آھن اهي هٿ سان جهڙا ڪرائين هااها ننڍڙي منهن ماري هڪ وڏي تڪرار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي پو وڏيرو انهن کان زميون خريد ڪري ٿو گهٽ اگھه ۾ ڇوته جهڙو آھي کين هٿيار به پهچرائي ڏئي ٿو انهن جي زمينن تي قبضو به ڪري ٿو.

وڏيرن جا جرڳا

اتر سنڌ ۾ جيڪڏھن ڪنهن برادري جهيڙي جو جرڳو ٿي به پيو ته اتان جا مقامي وڏيرا ڪن ٿا، ڇوته شرعات ۾ ڪورٽ وڃن ٿا پر مايوس ٿي ڪري جهڙو وڌندو وڃي ٿو پو وڏي تعداد ۾ ماڻھو قتل ٿين ٿا، جهيڙو تڏھن ماٺار ۾ اچي ٿو جڏھن ڌرين جا مين ماڻھو قتل ٿي وڃن ٿا پو هٿيار ڦٽا ڪري وڏيرن جا جهولي ۾ ڪرن ها اهي وڏيرن لمٽ کان مٿي ڏنڊ رکن ٿا پر هاڻ ڪي ڪجھه  سوچيندا جيڪڏھن گهٽ چٽي رکبي ته روز پيا ماريندا خير ٿوري دير لاءِ اها ڳالھ قبول ڪري به وٺون پر اهو سوچيو ايڏي ڳري چٽي ڪير ادائگي ڪري سگهندو هاڻ ڪجھه  زمينون کپائي اهي ڀرين ٿا پر جڏھن کٽي پون ٿا ته نه ڏيڻ تان وري قتل عام ٿي پيو يا وري اهي ڏوھ ڪن ٿا چوريون ڪن ٿا جيئن انهن پئسن جي ادائيگي ڪري سگهن!

ٿاڻن تي مقامي ماڻھن جو هجڻ

سنڌ جي اڪثر ٿاڻن تي اوهان کي مقامي ماڻھو ملندا پو اهي مقام ماڻھو سڀ ڪجھه  ڏسندي به ڪجھه  نٿا ڪري سگهن ڇوته جيڪڏھن ڪجھه  ڪندو به اهي ڏوهاري آساني سان سندس گهر پهڇي ويندا پو مجبور ٿي اهو ڪجھه  نه ڪري سگهندو توڙي جو اهي هٿيار کڻي به ويندا پر مجال آھي جو ڪا ڪارروائي ڪري سگهن جيڪڏھن ڪارروائي ڪندا به ته رات ٿيندين ئي ڏوهاري سندس گهر گهڙي پوندا آهن يا ڪال ڪري ڌمڪائڻ لڳندا!پوليس ڪوڙا مقابلا ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿي ڪوڙا مقابلا ڪري شهرت ماڻي ٿي، ڇوته اڪثر سندن مقابلا ڪوڙا نڪرن ٿا، اول پڪڙيل هاف فراءِ ڪندي آھي، ڇوته انهن کي پئسا ناهن ملندا!

هاڻ ضروت ان ڳالهھ جي آھي ته گهرو کاتي کان ويندين سنڌ سرڪار کي ننڊ مان جاڳڻو پوندو ڇوته انهن جي گهري ننڊ سنڌ جي حالتن کي جهنم بڻائي ڇڏيو آھي، سنڌ جا ماڻھو غير محفوظ بڻجي ويا آھن، ڏوهاري هاڻ مغوين سان غير انساني سلوڪ شروع ڪيو آھي، ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هاڻي خاموش ويهڻ بدران اڳيان اچن. اسان نٿا سمجهون ته اهي رينجرس يا آرمي کان به ڏاڍا آھن يا ته اسانجا واڳ ڌڻي پاڻ نٿا چاهين ته سنڌ باھ مان  نڪري، پر ايترو غير سنجيده ٿيڻ سٺو ڪونهي سڀاڻي ايئن نه ٿي جو اوهان جي ادارن مٿان اعتڀار کڃي وڃي،!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.