ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪري ڇڏي.
ڪراچي يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل موجب، طارق محمود ولد قاضي محمد اڪرم جو ايل ايل بي نتيجو ۽ ڊگري رد ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شاگرد طرفان غير منصفاڻا ذريعا استعمال ڪرڻ تي 3 سال جي پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي. ان عرصي دوران کيس ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا يا امتحان ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، طارق محمود ڪڏهن به اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي جو باظابطا شاگرد نه هو.
You might also like