”مان 6 سالن کان سنگل آهيان“ انوشي عباسي پاران طلاق جي تصديق، ڪارڻ به ٻڌائي ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا انوشي عباسي 6 سال بعد طلاق جي تصديق ڪري ڇڏي.
اداڪارا انوشي عباسي 2014ع ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر مرحوم تسليم عارف عباسي جي پٽ ۽ اداڪار اينان عارف عباسي سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻي اداڪارا طرفان اينان عارف سان طلاق جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو دوران انوشي عباسي انڪشاف ڪيو ته ”مان گذريل 6 سالن کان سنگل آهيان، 2019ع ۾ مون پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي هئي پر مون اڄ تائين ڪڏهن به پنهنجي طلاق بابت ڳالهه نه ڪئي.“
اداڪارا گذريل 6 سالن کان طلاق کي ڳجهو رکڻ جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ”جڏهن منهنجي طلاق ٿي، ان وقت منهنجي ماءُ ڏاڍي بيمار هئي، مون نه پئي چاهيو ته ماڻهو منهنجي ماءُ کان طلاق بابت سوال ڪن ۽ هوءَ ڪنهن ذهني تڪليف جو شڪار ٿئي.“
هن چيوته ” طلاق کي ڳجهو رکيو، مان امڙ کي ملندڙ دٻاءَ کان محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب رهيس، الله جو شڪر آهي مان هاڻي خوش آهيان.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ”منهنجي امڙ 2022ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، ماءُ جي وفات کانپوءِ اسان جو ڪٽنب تي هڪ ڏکئي مرحلي مان گذريو. منهنجو پيءُ 2012ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن کانپوءِ اسان ڀائرن ۽ ڀينرن گڏجي هڪٻئي کي سنڀاليو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.