ايشيا ڪپ جو آخري دنگل، ڀارت خلاف ڇا ڪرڻو آهي؟ هيڊ ڪوچ ٻڌائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت آچر جي ڏينهن آخري دنگل ۾ آمهون سامهون ٿيندا،
فائنل اڳ پاڪسان ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن رانديگرن جي نالي اهم پيغام جاري ڪيو آهي.
پاڪستاني هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن ٽيم کي واضح چيو آهي ته ڀارت خلاف رڳو راند تي ڌيان ڏنو وڃي، دٻاءُ وارن ميچن ۾ جذباتي لمحا ايندا آهن پر اسان کي پنهنجي توانائي راند تي خرچ ڪرڻي آهي.
دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران نيوزيلينڊ سان واسطو رکندڙ ڪوچ مائڪ هيسن تسليم ڪيو ته ڀارت خلاف پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي ڪمزور هئي، پر ٻي ميچ ۾ ٽيم سٺو مقابلو ڪيو هو.
مائڪ هيسن فتح جو عزم ظاهر ڪندي چيو ته اسان گذريل ميچ ۾ ڀارت کي ڪافي دير تائين دٻاءُ هيٺ رکيو هو، پر ميچ ختم ڪرڻ لاءِ اهو دٻاءُ وڌيڪ وقت تائين برقرار رکڻو پوندو ۽ اِهو ئي اسان لاءِ اصل امتحان آهي.
هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته ٽيم جو مسلسل ڪاميابين کانپوءِ اعتماد بحال ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ رانديگر ان تاريخي موقعو مان فائدو وٺڻ لاءِ پرعزم آهن.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ ڀارت سڀ کان وڌيڪ 8 ڀيرا ايشيا ڪپ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان رڳو 2 ڀيرا فاتح بڻيو، پاڪستان آخري ڀيرو 2012 ۾ ايشين چيمپيئن بڻيو هو.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پهريون ڀيرو فائنل کيڏندا، جيڪو آچر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.