دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان آءِ سي سي ضابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳائڻ ٿيڻ تي قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان ميچ ريفري آڏو پيش ٿيا.
ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران صاحبزاده فرحان ففٽي مڪمل ڪرڻ بعد خوشي ۾ ” گن شاٽ“ جو اشارو ڪيو هو.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر حارث رئوف ميچ ۾ وڪيٽ وٺڻ ۽ بائونڊري لائين ڀرسان فيلڊنگ دوران ڀارتي تماشائين جي هوٽنگ جو جواب ڏيندي جهاز تباهه ٿيڻ جو اشارو ڪيو هو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ) ۽ مداحن کي پاڪستان کان ميچ کٽڻ باوجود حارث رئوف جو انداز نه وڻيو، جنهن بعد ڀارت آءِ سي سي ۾ پاڪستاني رانديگرن خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي.
ڀارتي شڪايت تي اڄ حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان ميچ ريفري رچي رچرڊسن آڏو پيش ٿيا.
ذريعن موجب، ميچ ريفري ٻنهي رانديگرن کان مختلف نوعيت جا سوال ڪيا.
حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان لکت به پنهنجا جواب جمع ڪرايا ۽ پنهنجو ڪيس مضبوط انداز ۾ ريفري اڳيان رکيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صاحبزاده فرحان الزامن کي رد ڪندي چيو ته سندس سيلبريشن ته سياسي نوعيت جي هئي ۽ نه ئي ڀارت کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، پختون روايتن تحت اهڙي انداز جشن ملهايو ويندو آهي.
ذريعن موجب، ميچ ريفري حارث رئوف کان 0-6 اشارو ڪرڻ بابت سوال ڪيو.
جنهن تي حارث رئوف چيو”مون کي ٻڌايو ته توهان جي خيال ۾ ان جو ڇا مطلب آهي؟ الزامن جي حق ۾ ڪو ثبوت ناهي.“ سندس سوال تي ريفري رچي رچرڊسن خاموش ٿي ويو.
ذريعن موجب ريفري چيو ته ” شايد توهان جو اشارو ڪنهن ٻي شيءِ ڏانهن هو.“
جنهن تي حارث رئوف جواب ڏنو ته ” توهان ٻڌايو ته مان ڪهڙي شيءِ ڏانهن اشارو ڪري رهيو هوس؟“
ميچ ريفري وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ” توهان اهو اشارو بار بار ڇو ڪيو؟“
جنهن تي حارث رئوف جواب ڏيندي چيو ته ” اهو رڳو تماشائين لاءِ هو ، ان کانسواءِ ان جوڪو مطلب ناهي.“
ٻئي پاسي،گذريل ڏينهن پاڪستان جي شڪايت تي آءِ سي سي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي ڇنڊ پٽي ۽ تفصيلي فيصلي ۾ مٿس ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي شڪايت: حارث ۽ صاحبزادا فرحان جو آءِ سي سي آڏو مضبوط موقف، الزام قبولڻ کان انڪار
You might also like