خودمختياري ۽ قومي اثاثن جو نيلام گھر

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ غير يقيني واري  دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار هي اسانجو ملڪ هاڻي سياسي انتشار سان گڏ سماجي  گهوٽالن ۽ دهشت گردي جي وڌندڙ واقعن ۽ لڳاتار هاڃيڪارن نقصانن جو شڪار ٿيڻ ڪري  غير محفوظ ملڪ واري صورتحال جو پڻ شڪار ٿي  رهيو آهي. ملڪ جو حڪومتي نظام  مفلوج  ۽ عملي طور تي طاقتوار ڌرين جي رياست اندر رياستن ۽ مختلف جزيرن واري صورت اختيار ڪري ويو آهي. ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ  فڪرمند،  حقن لاءِ  حيران ۽ قانون ۽ انصاف جي عملداري لاءِ  پريشان آهي.

اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ عالمي مالياتي ادارن  ۽ قرض ڏيندڙ ڪمپنين ۽ اختيارين جي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ وڌندڙ مداخلت ، ملڪ جي سالياني بجيٽ سازي  سان هٿ چراند ۽ ڳري وياج تي قرض ڏيندڙ پرڏيهي ادارن طرفان ملڪ جي پاليسين ۽ حڪومت جي اختيارن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ حڪومتن جي فيصلا سازي ، سوچ ۽ فڪر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ پنهنجن منصوبن لاءِ   پنهنجي زور ۽ حڪمن سان موڙڻ واري جاري عمل يقينن ملڪ جي   بقاء ۽ سلامتي لاءِ  پڻ تمام وڏا سوال اٿاري وڌا آهن. ملڪ جا خزانا خالي ۽ قرض واري وڌندڙ مرض هاڻي ملڪ  تي عوام ، آئين  جي حڪمراني ۽ قانون ۽ انصاف جي عملداري کي پڻ مذاق بنائي ڇڏيو آهي.

پاڪستان جو ناڻي وارو وفاقي وزير عالمي مالياتي اداري آء ايم ايف  کان ورتل قرض جي آخري قسط جاري ڪرائڻ سان گڏ  ايندڙ پنجن سالن لاءِ  وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ  ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ۾ لٿل آهي. هن ڀيري قرضن عيوض ملڪ جو ناڻي وارو وزير ملڪ جي سموري آئيني سرشتي ۽ نظام  کي تبديل ڪرڻ واريون پڻ پيشڪشون ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ بابت موجود قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ واري آئيني سرشتي کي پڻ بدلائڻ ۽ صوبن جي فنڊز کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ وارا بيان ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا هوڪا  پڻ ڏنا پيا وڃن . واشنگٽن جي دوري ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب طرفان چيو ويو آهي ته عالمي  مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان وڌيڪ 8 ارب ڊالرن جي وڏي بيل آئوٽ پروگرام جي توقع آهي. واشنگٽن ۾ صحافين ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن قرض منظور ٿيو ته اسلام آباد پنهنجي اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪندو جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ روينيو جي ورهاست ڪري ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان ”وڏي ۽ ڊگهي“ ملٽي بلين ڊالرن جي قرض جي پروگرام جي درخواست ڪري رهيو آهي ۽ فنڊ جي آفيسرن سان ڳالهيون هلندڙ آهن. وزير اعظم ميان شهباز شريف جي حڪومت جي هن سڀ کان وڌيڪ بااختيار وزير طرفان ملڪ جي آئيني نظام کي ئي تبديل ڪرڻ وارا جهڙي ريت دنيا ۾ هوڪا ڏنا پيا وڃن انهي مان ملڪ ۾ وفاقي سرشتي، وفاق ۽ صوبن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ مجموعي طور تي مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ خوفناڪ صورتحال جا آثار صاف طور تي نظر اچي رهيا آهن.

وزير اعظم ميان شهباز شريف جي حڪومت کي هڪ ته پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت به حاصل ناهي ۽ اها ملڪ جي سڀ کان پراڻي جمهوري جماعت ۽ ملڪ جي آئين ۽ صوبائي خودمختياري واري قانون جي بانيڪار جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ووٽن جي ٽيڪ تي قائم آهي پر هو ملڪ جي قسمت جا جيڪي فيصلا ڪري رهي آهي حقيقت جي بنياد تي انهن جو جائزو وٺجي ته انهيءَ کي نه ايترا اختيار ۽ حق حاصل آهن ۽ نه ئي هو ملڪ جي آئين ۾ ڪا بنيادي تبديلي ڪرڻ واري حيثيت ۽ پارليامينٽ ۾ کيس طاقت به حاصل آهي پر وفاقي حڪومت جو ناڻي وارو وزير  سندس حڪومت جي قد ۽ بت کان به وڌيڪ مٿي واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ ، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٿيل آئيني حقن جي تاريخي ورهاست واري قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ کي تبديل ڪرڻ ۽ وفاقي ڪابينا ۽ وفاقي سرڪار جي اختيارن کان ٻاهر   ڪنهن جي  حڪومت کي يقينن  اسانجو، ملڪ يقينن قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڳچي تائين ڦاسي چڪوآهي ۽  پنهنجي حالت سڌارڻ وارا فيصلا  نه ڪرڻ سبب قرضن وارو مرض وڌي ڪينسر واري صورت اختيار ڪري رهيو آهي.

ملڪ ۾ مضبوط اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ جي باوجود سياسي قيادت پڻ مفلوج نظر اچي رهي آهي ۽ حڪومت  جي پاليسين ۾ هڪ پاسو  پي آء آي، اسٽيل ملز، بندرگاهن سميت قومي ادارا ۽ ملڪ جا اثاثا وڪرو ڪرڻ ۽  ٻيو دنيا کان ڳرين شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ وارو لاڙو خطرناڪ صورتحال  اختيار ڪري  رهيو آهي. ملڪ جي چونڊيل سياسي قيادت  ۽ حڪومت جي نظر ايندڙ فيصلن ۾ محدود سوچ ۽ ڪوتاهه نظري وارو جهڙي ريت مظاهرو ڪيو پيو وڃي اهو تمام گهڻي فڪرمندي جو سبب بنجي رهيو آهي. ملڪ کي قرضن واري وڌندڙ مرضن مان نجات ڏيارڻ بجاء اهو قرض وارو مرض وڌائي ڪينسر بنائڻ واري جهڙي ريت ڪم ڪيا پيا وڃن اها صورتحال يقينن افسوسناڪ ۽ سخت ڳڻتي جو سبب بنجي رهي آهي. انهن فيصلن ۽ قدمن سان  ملڪ ۽ عوام لاءِ  ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ڏک ۽ تڪليفون وڌي سگهن ٿيون پر بهتري جي گنجائش ۽ ڏاهپ وارا رستا  ۽ مليل وقت وڃائڻ وارا ڪم ضرور ڪيا پيا وڃن.

ملڪ ۾ حڪومت طرفان لڳايل قومي اثاثن جي نيلام گهر ۽ آئيني اختيارن جي برخلاف فيصلا ڪرڻ  ۽ پاڻمرادو صوبائي خودمختياري ۽ صوبن جي حقن کي گهٽائڻ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ معاشي بهتري لاءِ  سادگي اختيار ڪرڻ ۽ آئين ۾ 18هين ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري بحال ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ وارن فيصلن تحت صوبن کي منتقل ڪيل 17 کاتن کي اڃا تائين وفاقي حڪومت ۾ برقرار رکڻ واري جاري غير آئيني فيصلن ۽ انهن کاتن تي هرسال بجيٽ مان اربين رپيا انهن کاتن ئي غير آئيني طور تي جاري ڪرڻ وارا غير آئيني ڪم پڻ گذريل ٻن حڪومتن کان جاري آهن. اهي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي اونداهي وارن کوهن وارا کاتا  ۽ خرچ جاري آهن جيڪي ملڪ کي کائي ڏيوالو ڪرڻ تي آڻي پهچايو آهي پر انهن خرابين کي ختم ڪرڻ  ملڪ کي بجاءِ وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۽ وطن کي وڌيڪ بحرانن جو شڪار ڪرڻ وارا ڪم ضرور ڪيا پيا وڃن.   سينيٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين ۽ حڪمران اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  جي سينيئر اڳواڻ  ميان رضا رباني اسلام آباد مان جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف کي پاڪستان جي عوام قومي ادارن جي نجڪاري ۽ وڪرو جو مينڊيٽ يا اختيار  نه ڏنو آهي.ميان رضا رباني  جو چوڻ هو ته، ناڻي وارو وزير ۽ وفاقي حڪومت پي آءِ اي ۽ ٻين رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري لاءِ  بي چين آهن پر وفاقي ڪابينا يا وفاقي حڪومت کي اهو حق ۽ اختيار ئي حاصل ناهي، پر اهو حق ۽ اختيار گڏيل مفادن واري ڪائونسل  کي ئي حاصل آهي جنهن کانسواءِ ڪنهن ٻئي اختياري طرفان رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي منظوري غير آئيني عمل آهي.اڳوڻي چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو ته، ن ليگ کي پاڪستاني عوام نجڪاري جو مينڊيٽ ئي ناهي ڏنو، حڪمران جماعت وٽ پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت به ناهي، پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽ ايمرجنسي ۾ دفاعي مقصدن لاءِ  استعمال ٿيندا آهن، قومي اثاثا پرڏيهي هٿن ۾ ڏيڻ قومي مفاد تي سوديبازي هوندي.سندس چوڻ هو ته، نجڪاري بابت ڄاڻ رڳو آءِ ايم ايف ۽ حڪمران اشرافيا کي آهي، پڇان ٿو ته پي آءِ اي جي اهم پراپرٽيز سان ڇا پيو ڪيو وڃي؟. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي قومي اثاثن کي هرقيمت تي وڪرو ڪري  مقروض ملڪ ۽ قوم جي رياست، حڪومت ۽ حاڪمن جي شاهه خرچين جو پورائو ڪرڻ لاءِ  کي وڪرو ڪرڻ لاءِ  هڪ "وڏو نيلام گهر” لڳايو پيو وڃي، جنهن وطن جي خودمختياري ۽ قومي اثاثن  جي نيلامي ۾ جيڪي ڪجهه وڪرو ۽ نيلام ٿيڻو آهي اها فهرست ۽ اثاثن جي لسٽ تمام ڊگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.