ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس چيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپن ۾ ان ڪري ڇڪتاڻ آهي، ڇو ته ڀارت کي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي اقتدار مان بي دخلي پسند نه آئي.
نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران سائيڊ لائنز تي ڳالهائيندي محمد يونس ڀارتي ميڊيا تي جعلي خبرون پکيڙڻ جو به الزام هنيو ۽ چيو ته اهي ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب به بڻجي رهيون آهن.
هن چيو ته ڀارت مان ڪيتريون ئي جعلي خبرون سامهون اچي رهيون آهن، پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته اها ڪا اسلام پسند تحريڪ آهي.
محمد يونس اهو به الزام هنيو ته ڀارت شيخ حسينا کي پناهه ڏئي رهيو آهي، جنهن سان لاڳاپا وڌيڪ بگڙي رهيا آهن، ڀارت شيخ حسينا جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جنهن مسئلا پيدا ڪيا ۽ اهو ئي ڇڪتاڻ جو اصل ڪرڻ آهي.
ڀارت سان ان ڪري لاڳاپا خراب آهن، ڇو ته ان کي شيخ حسينا جي برطرفي نه وڻي: محمد يونس
You might also like