لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فلڪ جاويد گذريل ڏينهن گرفتاري کانپوءِ اڄ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪوڙو ڪيس ڪيو ويو آهي، اهي ماڻهو ڪجهه ثابت نٿا ڪري سگهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ٻڌو آهي عظميٰ بخاري منهنجي ڪوڙي اي آءِ وڊيو لڳائي آهي، هاڻ مان به ان تي ڪيس ڪنديس.
فلڪ جاويد جي وڪيل موجب نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي تحريڪ انصاف اڳواڻ کي پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري جون جعلي وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.
You might also like