لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن ڪورٽ آن لائن گيم ”پب جي“ مان متاثر ٿي پنهنجي ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار علي زين کي 100 سال قيد ۽ 40 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل سيشن جج رياض احمد فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار جي عمر کي نظر ۾ رکندي ان کي 4 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پراسيڪيوٽر حبيب الرحمان عدالت ۾ شاهديون پيش ڪيون، جنهن جي بنياد تي اهو فيصلو ٻڌايو ويو.
اهو افسوسناڪ واقعو 3 سال اڳ 18 ۽ 19 جنوري 2022 جي وچين رات لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ پيش آيو هو.
پوليس موجب جوابدار علي زين آن لائن گيم پب جي جو شوقين هو ۽ راند دوران کيس شڪست ٿي، ان شڪست جو بدلو وٺڻ ۽ پنهنجي قتل ڪرڻ جي صلاحيت کي چيڪ ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي گهر وارن تي ئي پريڪٽس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
لاهور پوليس جي ايس ايس پي انويسٽيگيشن عمران ڪشور واقعي جي حوالي سان ٻڌايو ته علي زين گيم جي حوالي سان غير معمولي طور سنجيده هوندو هو، هو هارائڻ تي خاموش ٿي ويندو هو، کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو هو ۽ حقيقت کان وڌيڪ گيم کي اهميت ڏيندو هو.
ايس ايس پي موجب واقعي جي رات علي زين اڍائي وڳي اٿيو ۽ پنهنجي ماءُ ناهيد مبارڪ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ٻن ڀينرن 15 ورهين جي نور فاطما ۽ 10 ورهين جي جنت کي قتل ڪيو، جڏهن سندس ڀاءُ آواز ٻڌي ٻئي ڪمري مان آيو ته هن ان کي به قتل ڪري ڇڏيو.
You might also like