ملير جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ  اختياريون سامھون اچن

پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ سنڌ جو اڳواڻي وارو ڪرردار ادا ڪيو ھو پر پاڪستان  قيام کان سنڌ خلاف سازشون شروع ٿي ويون.ھر شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم سبب ھاڻي سنڌ جو  عام ماڻھون  جي اندر ۾ اھو احساس پئدا ٿي رھيو آھي تھ وفاق ۽ رياست سنڌي ماڻھن کي ٽين درجي جو شهري سمجهن ٿا.

ڪراچي شهر جي اهميت کان ڪو بھ انڪار نٿو ڪري سگھي،پر ورھاڱي بعد ھڪ منظم سازش سان ھتي سنڌي ماڻھن سان ظلم جي شروعات ڪئي وئي.ھتان جي اصل رھاڪن خلاف مھم ھلي. جنھن ڪري اھي لڏپلاڻ ڪري هليا ويا ۽ سندن ڪروڙن جي جائيدادن تي قبضي جي لاءِ ناني ويڙھو ڪيو ويو.ان ڏينھن کان اھو عمل جاري آھي.

تازو 20 اپريل تي ملير جي لنڪ روڊ لڳ سمندري بابا جي مزار لڳ  علائقي ۾ قائم فوجي ڪئمپ تي هڪ عملدار، يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين خليفو عبدالستار ۽ اڳوڻي چيئرمين عبدالرزاق جوکيو کي طلب ڪري انھن کي  وارننگ ڏني ته ٻن هفتن جي اندر يوسي گهگهر جي 14 ڳوٺن سميت 30 ڳوٺ خالي ڪيا وڃن. پاڪستان آرمي جي الاٽمينٽ هيٺ آيل زمين جي اندر ڪنهن به قسم جو ڳوٺ، گهر يا ڪاروبار هڪدم ختم ڪيو پوءِ جيڪڏهن اوهان گهر خالي نه ڪيا ته اوهان کي هڪ سر کڻڻ جي به مهلت نه ملندي.

اھڙي ڌمڪي خلاف ماڻھن  احتجاج طور قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو. جن ڳوٺن کي خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي انهن ۾ دودو ڪبير محمد سالار، وليداد سالار، محمد خان سالار، منگهن جوکيو، سجاول جوکيو، آدم سالار، حاجي ڀائي خان سالار، محمد مراد سالار، دودو گهنور جوکيو، ناٿو موسيٰ بلوچ، حاجي حيسب جوکيو، محمد خان جوکيو، حاجي فتح محمد جوکيو، محمد علي جوکيو مريداڻي، عبدالرحمان جوکيو، ڪريم بخش جوکيو، حاجي احمد جوکيو، دينار جوکيو، مورو جوکيو مريداڻي، غلام فقير جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن. يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين خليفي ستار جو چوڻ آھي تھ جيڪڏهن يوسي گهگهر جي ڄاڻايل 14 ڳوٺن ۾ لڳ ڀڳ 75 هزار ماڻهو رھندڙ آھن.

اهڙي صورتحال کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ آهن ته ٻئي طرف ٻيلي کاتي انتظاميه ۽ مختيارڪار ڳوٺ آباد سميت عدليه جي جج صاحب پڻ وزٽ ڪري گهگهر جي ڀرپاسي ٻيلي کاتي جي زمين تي قائم ڪيل ڳوٺاڻي آبادين کي پڻ زمين خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو آھي.

سنڌ حڪومت خاص طور تي ملير ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ 3 قومي اسيمبلي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو  پيپلزپارٽي سان تعلق آھي جن مان سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه وزير به ملير سان تعلق رکن ٿا.اوچتو پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب ملير جي متاثر علائقن ۾ بيچيني وارو ماحول آهي.

عوام جي چونڊيل نمائندن جو اڃان تائين ڪو به واضح موقف اچي نه سگهيو آهي جڏهن ته ڪجهه الٽيميٽم هيٺ آيل ڳوٺاڻن جي وفدن، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ۽ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سان لهه وچڙ ۾ آيل آهن. ان سڄي صورتحال کي قانوني طور ڏٺو وڃي ۽ عدليه ذريعي ان معاملي کي حل ڪرايو وڃي ته جيئن قديم آباديون متاثر ٿيڻ کان بچائي سگھجي ۽ اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي انصاف ملي سگھي.

ھتي اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف،سنڌ جي وڏي وزير،سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ حڪومت جي اختيارين کي گذارش ڪريون ٿا تھ صورتحال جي نزاڪت کي سمجھندي، غريب ماڻھن  سان ٿيندڙ زيادتيءَ جي ازالي لاءِ اڳتي اچن ۽ ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

  • ايراني صدر جي آمد ۽ عوام کي ڏنل تڪليف

  • ڪنھن ملڪ جي سربراھ  جي شاندار آجيان ڪرڻ گھرجي. پر ان مقصد لاءِ عوام کي  تھ گھٽ کان گھٽ زحمت ڏيڻ گھرجي.وقت جي حڪومت ڪراچي ۽ لاهور ۾ موڪل ڪري يقينن ماڻھن کي آرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو.ٻئي پاسي وري شھرن جا مرڪزي حصن جا سمورا روڊ رستا بند ڪري عوام لاءِ آزار پئدا ڪري ڇڏيو.نھ رڳوايترو ڪراچيءِ شھر جي ڪافي حصن ۾ انٽرنيٽ سروس کي بھ بند ڪيو ويو.جنھن سان ويتر ماڻھون مونجھاري جو شڪار ٿي ويا.

    جنھن طريقي سان شھر جي  سموري زندگيءَ کي معطل ڪيو ويو آھي،  ان مان ڪنھن بھ سطح تي ڪو مثبت تاثر پئدا نٿو ٿئي. حڪومت جي شھر جي موڪل واري اعلان باجود ڪي اھڙي ادارا آھن جن جو ڪم رڪجڻو نھ ھوندو آھي.ماڻھو بيماري سيماري جي حالت توڻي ڪنھن ٻي ايمرجنسي ۾ بھ گھر ٻاھرن نڪري ٿو.جن کي تھ اڄ تمام گھڻي تڪليف کي منھن ڏيڻو پيو آھي.

    عام حالتن ۾ ڪراچي شھر جو اھم شاهراهه فيصل بند ٿئي ٿو تھ ان جو باقي سموري شھر جي ٽريفڪ ۽ چرپر تي اثر پئي ٿو. جنھن سان شھر جي ٻين پاسن ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ بھ بري طرح متاثر ٿئي ٿي.شھر جي ٽريفڪ بابت پھرين اطلاع  ۾ اھو ڄاڻايل ھو تھ رستا ٽپھري 3 وڳي کان 5 تائين بند رھندا پر ساڳئي ڏينھن ڊي آءِ جي ٽريفڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اھي رستا 7 وڳي بعد کلندا.پر حقيقت ھي آھي تھ اھڙي صورت ۾ روڊ رستن تي ٽريفڪ مقرر ڪيل وقت کانپوءِ بھ گھڻي دير سان عام ماڻھن جي لاءِ کلي سگھندي آھي.

    ڪنھن غير ملڪي اڳواڻ جي مانائتي شانائتي آجيان ڀلي ڪريو پر ان جي لاءِ عوام کي اجائي رولرڙي واري سزا تھ ڪنھن بھ طرح سان نھ ڏيو.شھر جي آبادي جي سموري سرگرمي معطل ڪري جيڪو ايراني صدر کي پروٽول ڏنو ويو آھي ان جو پاڙيسري ملڪ جي اڳواڻ تي خبر ناھي تھ ڪھڙو ھاڪاري اثر پيو ھوندو پر ان جو مطلب ھي ٿيو تھ عوام جي تڪليف جو حڪومت کي ڪو بھ احساس نھ آھي.ھئڻ ائين گھرجي تھ حڪومت اھڙي موقعي تي ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي تھ ان سان عام ماڻھوءَ کي تڪليف نھ پھچي.

    اميد ڪجي ٿي تھ مستقبل ۾ اسان جون اختياريون ڪنھن بھ غيرملڪي اڳواڻ جي آمد تي شھرين کي اھڙي طرح واڙي نھ ڇڏيندي،بلڪھ شھر ۽ شھرين جي زندگيءَ جي معمول وارين سرگرمين کي جاري ساري رھڻ ڏيندي.

     

     

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.