سعودي عرب جلد پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪندو: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سعودي عرب جلد 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري  ڪندو. بزنس سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ چين سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن، گڏيل عرب امارات، ڪويت ۽ قطر سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد جو پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي، سعودي عرب جلد 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو. احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ سياسي تسلسل قائم نه ٿيو ته 7 سيڪڙو معاشي ترقي سان گردش ڪندو رهندو، پاڪستان 2047ع تائين 2 هزار ارب ڊالرن جي معيشت بڻجي سگهي ٿو، 9 سيڪڙو معاشي ترقي سان پاڪستان بڻجي سگهي ٿو. 2047 تائين 3 هزار بلين ڊالر جي معيشت ٿي سگهي ٿي.

  1. 29 اپريل تي آءِ ايم ايف اجلاس، 3 ارب ڊالر منظوري جو امڪان

واشنگٽن ( م ڊ)عالمي مالياتي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي جي آخري جائزي جي منظوري ڏني ويندي. سفارتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ايونٽ ڪيلنڊر موجب جائزو اجلاس 29 اپريل تي صبح 10 وڳي ٿيندو. 20 اپريل تي آءِ ايم ايف اجلاس جو شيڊيول جاري ڪيو ويو هو،  جنهن ۾ چيو ويو هو ته 29 اپريل تي نائجيريا جي قرض پروگرام جو جائزو ورتو ويندو تنهن بعد پهرين مئي تي رٿيل اجلاس ۾ ڪريباتي ۽ مونٽي نيگرو جي پروگرامن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته پاڪستان جو نالو فهرست ۾ شامل نه هو. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن ٻنهي اڳوڻن بيانن ۾ اشارو ڏنو هو ته بورڊ 29 اپريل تي اجلاس ۾ ايس بي اي پروگرام تحت هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي آخري قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو، جنهن جو معاهدو جون 2023 ۾ ٿيندو.

  1. آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسرائيلي ظلم خلاف مظاهرا

واشنگٽن (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ٿيندڙ احتجاج ٻين يونيورسٽين تائين به  پکڙجي  ويو آهي.يلي ۽ نيويارڪ جي يونيورسٽين ۾ پڻ فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا واي ڪيا ويا. احتجاج ۾ شامل شاگردن غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو، احتجاج ڪرڻ تي پوليس ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته آمريڪي يونيورسٽي ۾ فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي شاگردن جي برطرفي خلاف ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ڪالهه سمورا ڪلاس ورچوئل ڪيا ويا. ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ اسرائيل خلاف احتجاج ڪرڻ تي 108 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. خارج ٿيل شاگردن ۾ آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر جي ڌيءَ به شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.